Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

اينٿراپالاجي شاگردن جو ڪوٽڙيءَ جي تاريخي ڪرائسٽ چرچ  جو اڀياسي دورو

ھيءَ چرچ 180 ورھيہ اڳ 1846 ۾ مسيحي آباديءَ جي مذهبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي.

ڄامشورو:

سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو جي انسانيات ۽ آثار قديمه (Anthropology and Archaeology) شعبي، پنهنجي شاگردن کي ڪوٽڙيءَ جي تاريخي ’ڪرائسٽ چرچ‘ (جيڪا ڪوٽڙي ريلوي لائين چرچ طور پڻ سڃاتي وڃي ٿي) جو هڪ تحقيقي ۽ ورثي جي ڳولا وارو دورو   ڪرايو. هي دورو ڪورس جي عملي سکيا جو هڪ اهم حصو هو، جنهن سان شاگردن کي آثار قديمه جي نظرياتي پهلوئن کي تعميراتي ورثي ۽ اتي رهندڙ برادرين جي مطالعي سان ڳنڍڻ جو موقعومليو.

هن فيلڊ وزٽ جي اڳواڻي انسانيات ۽ آثار قديمه شعبي جي باني پروفيسر محمد مختيار احمد قاضي، شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا، ڊاڪٽر رفيق وساڻ ۽ محترمه قرة العين ڪئي. ان موقعي تي ٽيچنگ اسسٽنٽس عابد حسين ۽ انيلا پارس پڻ موجود هئا.

فادر شعيب پالوس وفد جو گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي مسٽر شمعون مسيح، انفارميشن سيڪريٽري مسٽر سائمن نسيم، ۽ مقامي عيسائي برادريءَ جي ميمبرن پڻ ڀرپور سهڪار ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي.

دوري دوران فادر شعيب پالوس ڪرسٽ چرچ  جي تاريخ بيان ڪندي ٻڌايو ته هيءَ عمارت 1846ع ۾ برطانوي نوآبادياتي دور ۾ ڪوٽڙي ۾ ريلوي جي وڌندڙ مسيحي آباديءَ جي مذهبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. هن چرچ جي تاريخي ارتقا، انتظامي تبديلين ۽ تازي بحاليءَ جي ڪوششن تي روشني وڌي. شاگردن سوال جوابن جي سيشن ۾ سرگرم حصو ورتو، جنهن ۾ چرچ جي فن تعمير، مذهبي روايتن، مسيحي برادريءَ جي زندگي ۽ پاڪستان ۾ اقليتي ورثي کي محفوظ رکڻ جي اهميت تي بحث ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا زور ڏنو ته انٿروپالاجي (انسانيات) ۽ آرڪيالاجي (قديم آثارن جو علم) صرف ڪلاسن يا کوٽائي وارن هنڌن تائين محدود نه آهن، بلڪه اهي اهڙا شعبا آهن جيڪي سڌي طرح زنده برادرين، تاريخي منظرنامن ۽ ثقافتي تنوع سان جڙيل آهن. هن 180 سال پراڻي ڪرائسٽ چرچ جي بحاليءَ لاءِ فنڊ فراھم ڪرڻ تي سنڌ حڪومت کي ساراهيو ۽ هن منصوبي کي پاڪستان جي گڏيل ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ هڪ مثالي قدم قرار ڏنو. هن چيو ته اھو قدم مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ عبادت گاهن کي محفوظ رکڻ، پرامن گڏيل رهائش ۽ تاريخ جي احترام جهڙن قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو.

پروفيسر مختيار احمد قاضي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تاريخي عمارتون اهڙا قيمتي آثار قديمه جا وسيلا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ سماجي، سياسي، مذهبي ۽ تعميراتي تبديلين جا ثبوت محفوظ رکن ٿا. هن شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي نوآبادياتي دور جي عمارتن کي تنقيدي نظر سان ڏسن، يعني انهن کي رڳو ماضيءَ جي باقيات نه سمجهن، پر تاريخي دستاويزن طور ڏسن، جيڪي سنڌ جي شهري ۽ ثقافتي منظرنامي جي ارتقا کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوآبادياتي دور کان اڳ ۽ نوآبادياتي دور جي ورثي، ٻنهي جو تحفظ ايندڙ نسلن لاءِ انتهائي ضروري آهي.

ڊاڪٽر رفيق وساڻ  چرچ جي تعميراتي ۽ تاريخي اهميت تي روشني وجهندي ٻڌايو ته اها سنڌ ۾ موجود اڻويهين صديءَ جي بهترين مذهبي عمارتن مان هڪ آهي. مقامي طور تي حاصل ڪيل چُن جي پٿر مان تعمير ٿيل ۽ ’گوٿڪ‘ (Gothic) طرزِ تعمير جي اثرن واري هيءَ چرچ، نوآبادياتي دور ۾ ڪوٽڙي جي هڪ اهم ريلوي ۽ تجارتي مرڪز طور اڀرڻ جي علامت آهي. هن وضاحت ڪئي ته تازو ڪيل بحاليءَ جي ڪم  نه رڳو سنڌ جي گهڻ-ثقافتي ورثي جي هن اهم نشانيءَ کي نئين زندگي ڏني آهي، پر ان سان گڏ ورثي بابت تعليم ۽ تحقيق جا موقعا پڻ پيدا ڪيا آهن.

دورَي دوران، شاگردن چرچ جي تعميراتي خاصيتن، تعميراتي طريقن، جڳهه جي ترتيب ۽ ان جي تحفظ  لاءِ ڪيل ڪمن جو گهرو مشاهدو ڪيو. هن عملي مشق  ذريعي شاگردن جي ورثي جي دستاويزي رڪارڊنگ، آثار قديمه جي مشاهدي، ۽ تاريخي يادگارن کي گڏيل ثقافتي اثاثن طور محفوظ رکڻ جي اهميت بابت ڄاڻ وڌيڪ پختي ٿي.

__________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button