Editor's pickMain Slideثقافت

چِترڪار رنگن ذريعي  احساسن جي ترجماني ۽ سماج جي تصويرڪشي  ڪن ٿا

 سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ جي فن پارن جي نمائش

ڄامشورو: آرٽسٽ رنگن ذريعي احساسن جي ترجماني سان گڏ سماج جي تصوير ڪشي ڪن ٿا، آرٽ جو اظهار جو مضبوط ۽ موثر ذريعو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار مقررن گذريل ڏينھن انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين ۾ آرٽ اينڊ ڪرافٽ جي فن پارن جي نمائش ۾ ڪيو.

نمائش جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ ڪيو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد احمد منگي، ڊينز ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، سنڊيڪيٽ ميمبر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر حميرا هڪڙو، مختلف شعبن جا استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.

نمائش جي موقعي تي انسٽيٽيوٽ جي شهيد بينظير ڀٽو آرٽ گئلريءَ ۾ فائن آرٽس، ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف موضوعن تي ٺاهيل تجريدي آرٽ ۽ ڪرافٽ جا خوبصورت فن پارا نمائش لاءِ رکيا هئا. وائيس چانسلر شاگردن جي خوبصورت تخليقن ۽ ڪوششن کي ساراهيو. 

ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر چيو ته انسٽيٽيوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تمام گهڻو ٽئلنٽ موجود آهي، کين سندن ٽئلنٽ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيءَ اندر توڙي يونيورسٽي کان ٻاهر ڀرپور موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. وائيس چانسلر ان حوالي سان تازو ڪراچيءَ ۾ سنڌ ايڇ اي سي ۽ يونيورسٽي جي سهڪار سان ٿيل ٻن وڏن پروگرامن جو مثال ڏيندي چيو ته انهن پروگرامن ۾ مختلف يونيورسٽين جي 700 کان وڌيڪ شاگردن شرڪت ڪئي ۽ آرٽ جي نمائش ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جا فن پارا سڀني کان نمايان رهيا. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته جلد آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۽ ٻين فورمن تي يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي فن پارن جي نمائش ڪريون.

وائيس چانسلر چيو ته آرٽ ۾ امن جو پيغام آهي ۽ آرٽسٽ امن جا سفير آهن. هن چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ ميوزڪ سوسائٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، ميوزڪ به آرٽ جو حصو آهي، اسان چاهيون ٿا ته شاگردن اندر ۾ لڪل صلاحيتن کي اظهار جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪريون ۽ آرٽ ذريعي امن ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪريون.

ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد احمد منگيءَ پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ نمائش جي مقصدن تي روشني وڌي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي آرٽس فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي چيو ته خيالن ۽ احساسن کي جڏهن رنگن ۾ پيش ڪجي ٿو ته اهي وڌيڪ خوبصورت لڳن ٿا. هن چيو ته هن قسم جون نمائشون شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ کين اتساهه پڻ ڏين ٿيون.

سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪئمسٽري جي ڊائريڪٽر ۽ سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر  عرفانه بيگم ملاح چيو ته انسٽيٽيوٽ هر نمائش ۾ نئون سرپرائيز ڏيندو آهي ۽ هر ڀيري نون موضوعن تي منفرد فن پارا هوندا آهن. هن چيو ته هتان جا شاگرد تمام گهڻا ٽئلنٽيڊ آهن، انهن کي پروموٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ جي شاگردن کي الڳ اسڪالرشپ اسڪيم وٺي ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته آرٽ جي ڪم تي سندن خرچ تمام گهڻو ٿئي ٿو. اسڪالرشپ ذريعي وسيلا ملڻ سان اهي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ هن وائيس چانسلر کي  ڪوشش ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي. هن چيو ته شاگردن جي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت مختلف مکيه شهرن جي ادارن ۾ نمائش ڪرائڻ جي گهرج آهي.

ان موقعي تي  وائيس چانسلر جي هدايت تحت انسٽيٽيوٽ طرفان تيار ڪيل زولاجي ۽ فزيالاجي شعبن جي بانيڪارن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري (جيڪو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائيس چانسلر پڻ ٿيو) ۽ پروفيسر ڊاڪٽر دين محمد شيخ جا ٻه خوبصورت پورٽريٽ وائيس چانسلر کي پيش ڪيا ويا جيڪي هن زولاجي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر رفعت سلطانا ۽ فزيالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري جي حوالي ڪيا. (پريس رليز)

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button