Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: اڃان بہ آهي ظلمت جي رات (نثري نظم)

شاعر: رياض شاھد دايو

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر رياض شاهد دايو اسي واري ڏهاڪي کان وٺي شاعري، آرٽيڪل ۽ فڪشن لکي رهيو آهي. ڪجھ سال اڳ ”ترقي پسند ادبي تحريڪ جو جائزو“  جي سري هيٺ ھڪ ڪتاب شايع ٿي چڪو آهي جيڪو ترقي پسند تحريڪ سان سندس لاڳپي ۽ وسيع مطالعي جو مظهر آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب جلد شايع ٿيندو.

 اڃان بہ آهي ظلمت جي رات

روشنائي جي سفر ۾

ڇا تہ بي خوفي ھئي

نہ گرمي جو اثر

نہ سردي جي پرواھ!

ڌنڌ ۽ برسات بہ

ڪون ڪري سگهي

متحرڪ ھجڻ کي مات.

خلقِ خدا جي عشق ۾

ڇا تہ گم ٿي وياسين

ڇا تہ ضم ٿي وياسين!

سڀ ساٿي

ھڪ قلب

ھڪ جان ٿي وياسين.

بد امني بہ اوج تي ھئي

آمر جي ڪتن جي

نوس نوس ھئي

وک وک تي پھرا ھئا

جبر ھو

قھر ھو

بس

نظر ۾ سحر ھو

علم جو

عرفان جو

ادب جو

سياست جو

شيواداري جو.

بي بھا زندگي کي

روشنائيءَ جي سفر ۾

نہ ھئي لالچ

نہ ھئي شھرت جي ضرورت.

اھي خواب، خيال

ڌنڌلا ٿي ويا

يا، دلين تان ميسارجي ويا.

نہ پر،

اڃان بہ آهن

جذبا جوان

ڇو تہ

اڃان بہ آهي ظلمت جي رات

ڪدورت جي بات

سامراجي گهات.

تڏهن تہ

پاڻ کان ڪريان ٿو سوال:

ڇا وري ورندو واءُ

ساٿي ٿي بيپرواه

نڪرندا منزل جي حاصلات لاءِ

وري وڌندي جستجو

گڏيل خوشين لاءِ

عظيم مقصد لاءِ!

________

Riaz Shahid Dayo-TheAsiaN

رياض شاھد دايو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button