شڪارپور جي آرٽس ڪائونسل: اعلان گھڻا، عمل گھٽ
اڳوڻي صوبائي وزير ۽ شڪارپور جي ايم پي اي امتيار احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کان پوءِ ڪيل پڌرائيءَ موجب شڪارپور ۾ آرٽس ڪائونسل قائم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. ابتدائي طور اسلاميه هاءِ اسڪول لکي در ۾ ٻه ڪمرا اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ ڏيڻ، ۽ فرنيچر لاءِ امتيار احمد شيخ پاران ٻه لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ٿيو آهي. شڪارپور جي ماڻهن لاءِ هي اعلان ڪا نئين ڳالھ ناهي. هن شهر آرٽس ڪائونسل جا اعلان اڳ به ٻڌا آهن، نوٽيفڪيشن به ڏٺا آهن، افتتاح به ڏٺا آهن، پيڙھ جا پٿر جا پٿر به ڏٺا آهن، بجيٽن جا اعلان به ٻڌا آهن ۽ آخرڪار انهن سڀني جي خاموشي به ڏٺي آهي. اڄ جيڪڏهن اسلاميه اسڪول لکي در جا ٻه ڪمرا عارضي طور تي ڏنا وڃن ٿا ته اهو پڻ واضح ٿيڻ گهرجي ته اهي ڪمرا ڪهڙي قانوني اجازت تحت ڏنا پيا وڃن، ڪيتري مدت لاءِ ڏنا پيا وڃن ۽ ڇا اها جاءِ آرٽس ڪائونسل جو مستقل پتو هوندي يا صرف عارضي سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندي؟ شڪارپور جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي سياسي سرپرستيءَ کان وڌيڪ ادارتي خودمختياري، شفاف ميمبرشپ، باقاعده چونڊون، مستقل جاءِ، مالي شفافيت ۽ مسلسل سرگرمين جي ضرورت آهي.

نسيم بخاري
شڪارپور ۾ آرٽس ڪائونسل جي قيام بابت هڪ ڀيرو ٻيهر اعلان سامهون آيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ شڪارپور جي ايم پي اي امتيار احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پريس پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شڪارپور ۾ آرٽس ڪائونسل قائم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. ابتدائي طور اسلاميه هاءِ اسڪول لکي در ۾ ٻه ڪمرا اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ ڏيڻ، جڏهن ته فرنيچر لاءِ امتيار احمد شيخ پاران ٻه لک رپيا ڏيڻ جو اعلان پڻ سامهون آيو آهي.
شڪارپور جهڙي تاريخي، علمي ۽ ادبي شهر ۾ آرٽ ڪائونسل جو فعال ادارو هجڻ گهرجي. پر شڪارپور جي ماڻهن لاءِ هي اعلان ڪا نئين ڳالھ ناهي. هن شهر آرٽ ڪائونسل جا اعلان اڳ به ٻڌا آهن، نوٽيفڪيشن به ڏٺا آهن، افتتاح به ڏٺا آهن، پيڙھ جا پٿر جا پٿر به ڏٺا آهن، بجيٽن جا اعلان به ٻڌا آهن ۽ آخرڪار انهن سڀني جي خاموشي به ڏٺي آهي.
انهيءَ ڪري هن ڀيري سوال رڳو اهو ناهي ته آرٽس ڪائونسل قائم ٿيندي يا نه، سوال اهو آهي ته اڳ ۾ جيڪي آرٽ ڪائونسل، اجرڪ ڪلب، سامي ڪلچرل ڪمپليڪس ۽ انھن جي عمارتن جا اعلانن ۽ نوٽيفڪيشنن اڳتي نه وڌي سگهيا، انهن جو انجام ڇا ٿيو؟
ماضيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي طرفان به ٻه ڀيرا آرٽس ڪائونسل بابت نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جي حقيقت سامهون آئي. ان کان اڳ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران اجرڪ ڪلب جي ميمبرن جي لسٽ سرڪيوليٽ پڻ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي اجرڪ ڪلب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو. ان اجرڪ ڪلب جو افتتاح ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ڪيو هو.
اڄ به افتتاح جي تختي اتي موجود آهي.
يعني شڪارپور ۾ ثقافتي ادارن جي قيام جي تاريخ کي ڏسجي ته رڳو هڪ آرٽ ڪائونسل جو اعلان ناهي، پر اعلانن، ڪميٽين، نوٽيفڪيشنن ۽ افتتاحي تختين جو هڪ ڊگهو سلسلو موجود آهي.
ان کان به اڳ شڪارپور ۾ ثقافتي ڪمپليڪس جي ڳالهه ٿي هئي. ثقافت ۽ سياحت واري وزير ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ان جو سنگ بنياد رکيو هو. تيرهن سال گذري ويا، پر ان سنگ بنياد جي پٿر کان اڳتي عملي طور تي ڪا اهڙي عمارت نظر نه آئي، جنهن کي ثقافتي ڪمپليڪس چئي سگهجي.
آخرڪار اهو سنگ بنياد وارو پٿر به ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي انتظاميه طرفان ٽوڙيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته اتي پنهنجو ويئر هائوس قائم ڪيو ويو آھي .
هي واقعو رڳو هڪ پٿر ٽٽڻ جو واقعو ناهي. اهو ان سوال جي علامت بڻجي سگهي ٿو ته اسان وٽ ثقافتي منصوبن جو سنگ بنياد رکڻ آسان آهي يا انهن کي مڪمل ڪرڻ؟
شڪارپور جي ثقافتي تاريخ ۾ هڪ ٻيو اهم حوالو به موجود آهي.
نامور شاعر شيخ اياز جي فرزند جڏهن ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت ۾ ذميواريون سنڀالي رهيو هو، تڏهن ثقافت ۽ سياحت کاتي جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ بيدل پبلڪ لائبريري شڪارپور ۾ هڪ موقعي تي شڪارپور سميت ٽن مختلف علائقن ۾ آرٽ ڪائونسل جي عمارتن لاءِ بجيٽ منظور ٿيڻ جو مونس اياز اعلان ڪيو هو.
ٻين علائقن ۾ انهن اعلانن کان پوءِ عمارتون ٺهي ويون، پر شڪارپور جي آرٽ ڪائونسل جي عمارت جو ڇا ٿيو؟
بجيٽ ڪاڏي وئي؟
منظوريءَ کان پوءِ ڪهڙو منصوبو ٺهيو؟
ڪهڙي کاتي کي رقم جاري ٿي؟
ڪهڙي اداري کي ان تي ڪم ڪرڻو هو؟
۽ جيڪڏهن رقم جاري ٿي هئي ته ان جو استعمال ڪٿي ٿيو؟
شڪارپور جي ماڻهن کي اڄ تائين انهن سوالن جا واضح جواب ڇو نه مليا آھن ؟
ساڳي طرح شڪارپور سٽي ميوزيم جو به اعلان ٿيو. شهر جي تاريخي اهميت کي نظر ۾ رکندي ميوزيم لاءِ شيون پڻ گڏ ڪيون ويون. اهي شيون ڪراچي جي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سان لاڳاپيل ماڻهن طرفان کڻي وڃڻ جو به ثبوت سامهون آيو، پر عملي طور تي اڄ تائين شڪارپور جو سٽي ميوزيم ڪٿي آهي؟
شڪارپور جي تاريخ کي ميوزيم ۾ محفوظ ڪرڻ جو منصوبو ڪهڙي مرحلي تي آهي؟
گڏ ڪيل شيون ڪٿي آهن؟
ميوزيم لاءِ مقرر ڪيل جاءِ ڪٿي آهي؟
۽ جيڪڏهن منصوبو ختم ٿي چڪو آهي ته ان جو سبب ڇا آهي؟
اهي سوال ڪنهن سياسي جماعت يا ڪنهن هڪ فرد کي نشانو بڻائڻ لاءِ ناهن. اهي سوال ان ڪري اهم آهن، جو شڪارپور جهڙي تاريخي شهر ۾ ثقافتي منصوبن جي بار بار اعلان ٿيڻ ۽ پوءِ خاموش ٿي وڃڻ جو سلسلو هاڻي پاڻ ۾ هڪ وڏو سوال بڻجي چڪو آهي.
هاڻي اچون ٿا موجوده آرٽ ڪائونسل ڏانهن.
لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ شڪارپور هائوس جي سرپرستيءَ هيٺ آرٽ ڪائونسل جي رجسٽريشن بابت اعلان سامهون آيو هو. هڪ باڊي جوڙي وئي، صدر مقرر ڪيو ويو ۽ ان وقت به اهو تاثر ڏنو ويو ته شڪارپور جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن کي هڪ مستقل پليٽ فارم ملي ويو آهي.
پر ٽن سالن دوران اها باڊي ميمبرشپ ڇو نه ڪرائي سگهي؟
اداري جون باقاعده چونڊون ڇو نه ٿيون؟
مالي حساب ڪتاب ڇو سامهون نه آيو؟
ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مستقل ڪئلينڊر ڇو نه ٺهيو؟
۽ سڀ کان اهم سوال: جيڪڏهن ٽي سال اڳ آرٽ ڪائونسل رجسٽرڊ ٿي چڪي هئي ته پوءِ هاڻي وري نئين سر آرٽ ڪائونسل قائم ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟
موجوده پريس رليز ۾ ان پراڻي رجسٽريشن، پراڻي صدر ۽ پراڻي باڊي جو ڪو ذڪر نظر نٿو اچي. نه ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته ٽن سالن اڳ واري رجسٽريشن جي قانوني حيثيت هن وقت ڇا آهي؟.
جيڪڏهن اها رجسٽريشن اڃا برقرار آهي ته پوءِ نئين اداري جي ضرورت ۽ قانوني حيثيت واضح ڪرڻي پوندي.
۽ جيڪڏهن اها رجسٽريشن هاڻي غير مؤثر ٿي چڪي آهي ته پوءِ ان بابت به شفاف وضاحت ٿيڻ گهرجي ته آخر ٽي سال اڳ رجسٽريشن ٿيڻ باوجود ادارو ڇو فعال نه ٿي سگهيو.
ڇا رجسٽريشن جاري ڪندڙ ان ٽن سالن جي غيرفعاليت بابت سوال نه ڪندا؟
ڇا ڪنهن رجسٽرڊ اداري جي نالي تي قائم ڪيل باڊي جيڪڏهن سالن تائين ميمبرشپ، چونڊون ۽ سرگرميون نه ڪري ته ان جي قانوني ۽ انتظامي حيثيت بابت جاچ ٿيڻ نه گهرجي؟
۽ جيڪڏهن سياسي يا حڪومتي مداخلت سبب نئين رجسٽريشن جو رستو کلي به وڃي، ته ڇا اها ضمانت آهي ته نئين آرٽ ڪائونسل واقعي به فعال ٿيندي؟
ڇا نئين رجسٽريشن سان پراڻا مسئلا پاڻمرادو ختم ٿي ويندا؟
يقينن نه.
ادارو رجسٽريشن جي ڪاغذ سان پيدا ٿيندو آهي، پر ساک پنهنجي ڪم سان ٺاهيندو آهي.
اڄ جيڪڏهن اسلاميه اسڪول لکي در جا ٻه ڪمرا عارضي طور تي ڏنا وڃن ٿا ته اهو پڻ واضح ٿيڻ گهرجي ته اهي ڪمرا ڪهڙي قانوني اجازت تحت ڏنا پيا وڃن، ڪيتري مدت لاءِ ڏنا پيا وڃن ۽ ڇا اها جاءِ آرٽ ڪائونسل جو مستقل پتو هوندي يا صرف عارضي سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندي؟
ڇاڪاڻ ته اسڪول بنيادي طور تعليم لاءِ هوندو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن اسڪول جي عمارت ۾ غير تدريسي سرگرمين لاءِ ڪا جاءِ ڏني وڃي ٿي ته لاڳاپيل اختيارين جي باقاعده لکيل اجازت ۽ واضح انتظامي طريقيڪار لازمي هجڻ گهرجي.
چيو وڃي ٿو ته ضلعي تعليم آفيسر سان ايم پي اي جي ڳالهه ٿي آهي ۽ وزير تعليم کان اجازت وٺي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اهو اجازت نامو به عوام آڏو اچڻ گهرجي، جيئن سڀاڻي ڪنهن کي اهو سوال نه ڪرڻو پوي ته اسڪول جي ٻن ڪمرن کي ثقافتي اداري لاءِ ڪهڙي اختيار تحت استعمال ڪيو ويو.
ان کان سواءِ هڪ ٻيو سوال به اهم آهي.
شڪارپور هائوس پاران جاري ڪيل وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ماضي جي آرٽ ڪائونسل جو صدر پڻ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن پراڻي باڊي غير فعال ٿي چڪي آهي ته نئين باڊي ۾ ان جو ڪهڙو ڪردار هوندو؟
ساڳي طرح اهو ڪائونسلر به موجود هو، جنهن کي ماضي ۾ آرٽ ڪائونسل جو فوڪل پرسن قرار ڏنو ويو هو. هاڻوڪي سرگرميءَ ۾ به هو اديبن ۽ شاعرن جي آجيان ڪندي نظر آيو
ته ڇا نئين آرٽ ڪائونسل ۾ به سندس ڪو تنظيمي ڪردار هوندو؟
يا اهي ملاقاتون ۽ تصويرون صرف هڪ تقريب جي حد تائين آهن؟
۽ جيڪڏهن نئين باڊي ٺهڻي آهي ته ان ۾ شڪارپور جي ادبي، فني ۽ ثقافتي حلقن جي نمائندگي ڪهڙي طريقي سان ٿيندي؟
اهي سوال ان ڪري اهم آهن، جو آرٽ ڪائونسل جيڪڏهن واقعي شڪارپور جي آهي ته پوءِ ان جو ڍانچو به شڪارپور جي ادبي ۽ ثقافتي برادريءَ جي اعتماد سان ٺهڻ گهرجن
شڪارپور جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي سياسي سرپرستيءَ کان وڌيڪ ادارتي خودمختياري، شفاف ميمبرشپ، باقاعده چونڊون، مستقل جاءِ، مالي شفافيت ۽ مسلسل سرگرمين جي ضرورت آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ادارو وري خاموش ٿي وڃي ته شڪارپور جا ماڻهو پنجن سالن کان پوءِ ٻيهر اهو ئي سوال ڪندا:
هن ڀيري آرٽ ڪائونسل کي شخصيتن جي نه، پر اداري جي بنياد تي قائم ڪيو وڃي.
ميمبرشپ کليل ۽ شفاف هجي.
باڊي باقاعده چونڊن سان ٺهي.
اداري جا فيصلا ادبي ۽ ثقافتي حلقا ڪن.
فنڊن جو حساب ڪتاب باقاعدگيءَ سان پيش ڪيو وڃي.
مستقل عمارت لاءِ اڳوڻن اعلانن ۽ بجيٽن جو به حساب سامهون آندو وڃي.
۽ سڀ کان اهم، ٽن سالن کان غير فعال رهندڙ پراڻي آرٽ ڪائونسل جي قانوني حيثيت بابت کليل وضاحت ڪئي وڃي.
ڇاڪاڻ ته شڪارپور تاريخي شهر آهي، پر ان جي تاريخ کي صرف تقريرن ۾ ياد ڪرڻ ڪافي ناهي. تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ لائبريريون گهرجن، ميوزيم گهرجن، آرٽ ڪائونسل گهرجي، ادبي مرڪز گهرجن ۽ نوجوانن لاءِ تخليقي جڳهيون گهرجن.
شڪارپور وٽ شيخ اياز آهي، بيدل آهي، سامي آهي، صوفي روايتون آهي، هزارين شاعر ۽ اديب آهن، قديم علمي ورثو آهي. اهڙي شهر کي آرٽ ڪائونسل لاءِ بار بار اعلانن جي نه، هڪ اهڙي مضبوط اداري جي ضرورت آهي جيڪو حڪومتن، سياسي دورن ۽ شخصيتن جي تبديليءَ کان پوءِ به زنده رهي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته موجوده اعلان ماضي جي اعلانن کان ڪيترو مختلف ثابت ٿئي ٿو.
ڇا هن ڀيري آرٽ ڪائونسل جي عمارت واقعي ٺهندي؟
ڇا ميمبرشپ ٿيندي؟
ڇا باقاعده چونڊون ٿينديون؟
ڇا پراڻي رجسٽريشن جو حساب سامهون ايندو؟
ڇا پراڻي باڊي جي حيثيت واضح ڪئي ويندي؟
ڇا ثقافتي ڪمپليڪس ۽ سٽي ميوزيم جهڙن منصوبن جو حساب به طلب ڪيو ويندو؟
۽ ڇا سنڌي ادبي سنگت، جيڪا هاڻي هن نئين آرٽ ڪائونسل جي قيام لاءِ سياسي شفقت جي ڇانوَ ۾ متحرڪ نظر اچي رهي آهي، اها اداري کي واقعي ان منزل تائين پهچائي سگهندي، جتي آرٽ ڪائونسل رڳو نالي ۾ نه، پر ڪم ۾ به موجود هجي؟
شڪارپور هاڻي هڪ ٻيو افتتاح نه، هڪ مڪمل ادارو ڏسڻ چاهي ٿي.
ڇو ته شهرن جي ثقافتي عظمت تختين تي لکيل نالن سان نه، پر زنده ادارن، ڪتابن، فنڪارن، شاعرن ۽ ايندڙ نسلن جي تخليقي آواز سان محفوظ رهندي آهي.
___________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



