Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

بيحس سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ننڌڻڪا نوجوان شاگرد

سنڌ جا شاڱرد ۽ نوجوان پنجاھ  کان وڌيڪ ڏينھن کان  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس جي سامهون ڌرڻو لڳائي ويٺا آهن  پر اڄ تائين ڪميشن يا سنڌ گورنمينٽ جو ڪو عملدار ساڻن نہ مليو آھي. ھاڻي مجبور ٿي شاگردن پنھنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ بُک ھڙتال شروع ڪري ڇڏي آھي.

انيتا پنجاڻي

سنڌ جا شاڱرد ۽ نوجوان پنجاھ  کان وڌيڪ ڏينھن کان  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس جي سامهون ڌرڻو لڳائي ويٺا آهن . روڊ جي هڪ پاسي شاگرد ويٺا آهن ۽ سامهون روڊ جي ٻئي پاسي هڪ وڏي  شاندار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن(SPSC ) جي آفيس آهي . روز مختلف علائقن کان ،  شهرن کان  ، مختلف تنظيمن کان، سول سوسائٽي کان، مطلب ته هر باشعور سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ پارٽيون، تنظيمون ۽ شخصيتون شاگردن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ اچي رهيون آهن  پر نه آيا آهن ته ڪميشن جا آفيسر ۽ نه ئي وري ڪو سنڌ گورنمينٽ جو ڪو نمائندو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اسان جي سنڌ گورنمينٽ کي ڪيترو خيال آهي پنهنجي نوجوانن جو، شاگردن جو، جن کي بظاهر پنهنجو قيمتي سرمايو سڏيندا آهن. 

سوال اهو آهي  ته ڇا واقعي سنڌ گورنمينٽ کي نوجوان شاگردن جو احساس آهي، سندن مستقبل جو فڪر آهي؟

نوجوانن جو مطالبو ڇا آهي؟

ڇا انهن جو مطالبو غلط آهي، ناجائز آهي ؟

شاگرد ، امتحانن وٺڻ جي طريقي ۽ ان جي نتيجن  ۾ شفافيت، بنا ڪنهن سفارش جي ميرٽ جي بنياد تي پاس ڪرڻ ۽ نوڪريون ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

2013 کان 2024 تائين مسلسل CC-E جي امتحانن ۾ ميرٽ جي لتاڙ کي ننديندي جيڪو پئسي ۽ پاور جي زور تي نوڪريون وٺڻ ۽ ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ شاگرد ان جو خاتمو چاهن ٿا ته ڇا هو غلط آهن ؟

سنڌ اسيمبلي ۾ “مرويسون ، مرويسون ، سنڌ نه  ڏيسون ”  جھڙا نعرا هڻندڙ، جيڪي پاڻ کي سنڌي  عوام جو اصلي نمائندو سمجهن  ٿا ۽ ان عوام لاءِ قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار هجڻ جو دعوا ڪن ٿا ،  ته ڇا انهن کي SPSC جي آفيس  جي سامهون 51 ڏينھن کان احتجاج تي ويٺل ۽ مجبور ٿي ٻن ڏينهن کان 8 شاگرد بک هڙتال تي ويٺل  نظر نه اچي رهيا آهن ! 

اسانجا هزارين نوجوان روزگار لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن . سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائي جي معيار جي خبر سڀني کي آهي .  پڙهاڪو شاگرد پنهنجي مدد پاڻ تحت  وڏي مشڪلات سان مقابلو ڪري ، پنهنجي مائٽن کان خرچ وٺي ۽ ڪڏھن قرض وٺي CC_E  جو امتحان ، ان اميد تي ڏين ٿا ته پاس ڪري نوڪري ملندي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهي مائٽن جو قرض لاهي پنهنجو مستقبل سنواريندا . پر هتان جو راشي ۽ سفارشي نظام نوجوانن جا سڀ خواب چڪنا چور ڪري ٿو ڇڏي.

بس ، هڪ مخصوص طبقو آهي جيڪو پرائيويٽ  يونيورسٽين ۾ پڙهڻ افورڊ ڪري سگهي ٿو ۽ اتان تعليم حاصل ڪري ٻاهر ترقي يافته ملڪن ۾ وڌيڪ پڙهي ۽ نوڪري حاصل ڪري ٿو يا هتي جي پرائيويٽ غير  ملڪي ڪمپنين ۾ مناسب پگهار حاصل ڪري ٿو .

اڪثريت نوجوانن جي زندگي لاچاري ۽ روزگار جي تلاش ۾ مايوسيءَ ۾ گذري ٿي .

سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين اسان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون  هن مهناگائي جي دور ۾ نوڪري جي تلاش ۾ ڌڪا ٿاٻا کائيندا ؟

 اڄ جيستائين گهر جو هر ڀاتي ڪمائي نه ٿو ته گهر جو خرچ پورو ڪرڻ تمام مشڪل ٿي پوي ٿو .

اها حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ملڪ جي نوجوانن کي ڪمائڻ جا مختلف ذريعا مهيا ڪري ڏئي ته جيئن اهي معاشي سگھ حاصل ڪري سگهن ۽ ترقي جي راه تي گامزن ٿين  پر اسان جو معاشرو ته ڏينھون ڏينهن بدحالي ۽ بيڪاري جو شڪار ٿي رهيو آهي . هر شعبي ۾ سنڌ بدترين حالات جي شڪار آهي.

آخر ان جو ذميوار ڪير آهي؟

ڇا حڪومت جو ڪم صرف اسيمبلي ۾ تقرير ڪرڻ ۽ پيپرن تي صحيون ڪرڻ جو نالو آهي ؟

جيڪڏهن اڄ بک هڙتال تي ويٺل ڪنهن  شاگرد کي ڪجه بہ ٿئي ٿو ته ان جو جواب  SPSC  جي آفيسرن ۽ سنڌ گورنمينٽ کي ڏيڻو پوندو.

____________

Anita Panjani-TheAsiaN

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي. 

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button