انڊس ڊيلٽا ڪيئن برباد ٿيو؟ ورھاڱي سبب ڊيلٽا جون چار ڪِريڪ انڊيا جي حوالي ٿي ويون
سنڌ جو ڊيلٽا ڪورنگي ڪِريڪ کان شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ سترنھن ڪِريڪ آھن. ھڪ اندازي مطابق 1859ع کان ڊيلٽا جي تباھي شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينھن تائين جاري آھي. زندگيءَ جا پنجويھ ورھيہ سامونڊي سفر ۽ ھڪ لانچ ۾ گذاريندڙ، ۽ سامونڊي سرحد پار ڪرڻ سبب انڊيا ۾ قيد ڪاٽيندڙ ماھيگير اڳواڻ مجيد موٽاڻيءَ جي ڪتاب ”موجون سي ماورا“ جو اڀياس

خاصخيلي لطيف راولاڻي
مجيد موٽاڻيءَ جو ڪتاب سمنڊ ۽ ان جي موجن، خطرناڪ طوفانن ۽ سامونڊي زندگيءَ جي لاھن چاڙھن تي لکيل سندس آتم ڪٿا آھي جيڪا 253 صفحن تي مشتمل آھي. اھا ڪٿا 1967 کان وٺي 1992ع تائين جي آھي، جيڪا لڳ ڀڳ پنجويھ سالن جي سامونڊي سفر ۽ الاقصى نالي لانچ ۾ گذاريل حياتيءَ جي ڪھاڻي آھي۔
ڪتاب چوويھ بابن تي مشتمل آھي ۽ ھر باب تفصيل سان لکيل آھي. ڪتاب ۾ مصنف جي دوستن ساٿين جا تيرنھن تبصرا به شامل آھن جن ڪتاب ۽ مصنف جي باري ۾ پنھنجا خيال پيش ڪيا آھن. ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ لکيل آھي. ان ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇو لکيو ويو؟ ان جي وضاحت ڪندي ليکڪ لکي ٿو ته ھُن پرائمري تعليم ڪاروپل جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي جتي سنڌي ميڊيم نه ھو ۽ ان ڪري ئي ابراھيم حيدريءَ جي ماھيگيرن جي ٻارن کي اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻي پئي. ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ويجھو نه ھئڻ ڪري ھو پنھنجي تعليم جاري رکي نه سگھيو ۽ صرف پرائمريءَ تائين پڙھي سگھيو۔
سنڌ جي ڊيلٽا جي تباھي
سنڌ جو ڊيلٽا ڪورنگي ڪِريڪ کان شروع ٿئي ٿو جنھن ۾ سترنھن ڪِريڪ آھن جن جو مڪمل تفصيل ڪتاب ۾ درج آھي. ھڪ اندازي مطابق 1859ع کان ڊيلٽا جي تباھي شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينھن تائين جاري آھي. ڊيلٽا جا چار ڪِريڪ ورھاڱي کان پوء انڊيا جي حوالي ٿي ويا جيڪي موجوده گجرات ۽ ڪڇ ۾ آھن. ھي ڪِريڪ سنڌو درياھ جي تخليق آھن جيڪي ھزارين سالن کان ھن ڌرتيءَ تي موجود آھن جيڪي پاڻيءَ جي پوئتي ڌڪجڻ ڪري واريءَ مان ڊيلٽا ۾ تبديل ٿيندا رھيا. ڊيلٽا جا اھم علائقا ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ آھن جتي سامونڊي تباھيءَ جي ڪري ھاڻي واري ٿي اڏامي، نه ته ڪنھن دور ۾ اھي وڏا واپاري مرڪز ھئا. 1818ع ۾ ڪيٽي بندر عروج تي ھو ۽ ھتان پرڏيھي ملڪن سريلنڪا، آفريقا، عراق، ايران وغيرہ سان واپار ھن بندرگاه ۽ ان جي آس پاس قائم ٻين بندرگاھن سوکي بندر، جاکي بندر ۽ ديبل بندر، ڀنڀور بندر ۽ شاھبندر وسيلي ٿيندو ھو۔
ٻاھرين حملن ۽ بحري قذاقن کان بچڻ جي لاءِ سمنڊ جي ٻيٽ تي رتوڪوٽ نالي مضبوط قلعو ٺاھيو ويو ھو جنھن جا آثار اڄ به نظر اچن ٿا۔ سنڌو درياھ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مسلسل ڪيترن سالن کان پاڻي نه اچڻ جي ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي درياھ ۾ ڪاھي پيو، جنھن سان درياھ جي ٻنھي ڪنارن تي آباد ھزارين ڳوٺ ۽ لکين ايڪڙ زرعي زمين تباه ٿي وئي، جنھن جي ڪري انسانن جي آباديءَ ھتان لڏ پلاڻ ڪري شھري علائقن جو رخ ڪيو. سمنڊ کاري پاڻيءَ جي ڪري زمين کي کائيندو ويو جيڪو پڻ انڊس ڊيلٽا جي تباھيءَ جو سڀ کان وڏو اھم سبب آھي، جنھن جي ڪري ھي خطو تباه ٿي ويو. ان تباھيءَ کان متاثر علائقي ۾ بدين کان ڪراچيءَ تائين جو علائقو شامل آھي. انڊس ڊيلٽا جي متاثرين جو اڄ ڏينھن تائين ڪو بہ داد فرياد نه ٿيو آھي۔
سال 1945ع ۾ به وڏي تباھي آئي ھئي. کاروڇاڻ جي ويجھو دبو ڪريڪ ۾ سامونڊي پاڻيءَ جي چڙھڻ جي ڪري سوين ڳوٺ پاڻيءَ جي ھيٺ اچي ويا ھئا ۽ وڏو جاني نقصان به ٿيو ھو. ان دور ۾ ھتي واپاري طبقو ھندو سنڌي ھوندو ھو جيڪو ورھاڱي کان پوءِ لڏپلاڻ ڪري ويو۔ ڊيلٽا جي زمين تي ٻه مشھور درگاھون به قائم آھن جيڪي سمنڊ جي ٻيٽن تي اڄ ڏينھن تائين قائم آھن. ھرسال انھن جو عرس به ملھايو وڃي ٿو. انھن ۾ ابراھيم شاه واڙي وارو ۽ سانولو فقير جت جي نالي سان مشھور آھن. ان ويجھو فقيراڻي جتن جا ڳوٺ آباد آھن جن جو گذر سفر سامونڊي واپار تي آھي. جتن جا وڏا ڳوٺ ورھاڱي کان پوءِ انڊيا جي حدن ۾ اچي ويا جتي اڄ به وڏي تعداد ۾ وڏا ڳوٺ آباد آھن جتان جا ماڻھو شاه لطيف جي شاعريءَ جا حافظ آھن۔

فشر فوڪ فورم جو بنياد
موٽاڻي سامونڊي ماڻھن جو پاڙو آھي. ابراھيم حيدريءَ مختلف برادرين جا ماڻھو آباد آھن جيڪي ذاتين جي بدران پاڙن ۾ ورھايل آھن، جن جو گھڻو گذر سفر سمنڊ تي ھوندو آھي. شھري علائقن سان انھن جو واسطو ئي نه ھوندو آھي. سندن سڄي زندگي اتي ئي سمنڊ جي ڪناري گذرندي آھي، پر سامونڊي مسئلن، قيدي ماھيگيرن جي آزادي ۽ ماھيگيرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء 5 مئي 1998ع تي ابراھيم حيدري جي نوجوان سنڌي عوامي تحريڪ( پليجو ) سان سياسي طور تي سلھاڙيل محمدعلي شاه پنھنجن ماھيگير دوستن مجيد موٽاڻي، ايوب خاصخيلي، طالب ڪڇي، يوسف ڪڏاڻي، لطيف ڍورائي ۽ ٻين سان گڏجي فشر فوڪ فورم جو بنياد رکيو.
ھي ڪتاب ليکڪ جي آتم ڪٿا به آھي ته سامونڊي مسئلن کي سمجھڻ لاءِ سامونڊي انسائيڪلو پيڊيا پڻ آھي. ليکڪ سامونڊي لھرن ۾ روزگار لاءِ کليل سمنڊ ۾ سرحدون به پار ڪري ويندو ھو. پاڻ لکي ٿو ته 12 جنوري 1988 تي کليل سمنڊ ۾ انڊيا جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي کيس پنھنجن ساٿين سميت لانچ سوڌو گرفتار ڪري انڊيا جي سنڌي علائقي ڄام نگر جيل ۾ قيد ڪيو ويو جتان چئن مھينن جي قيد کان پوء 30 مئي 1988ع تي آزادي ملي. ھُن جيل جي ڪھاڻي ان ڪتاب ۾ درج ڪئي آھي. اڄ ڏينھن تائين مجيد جو گذر سفر سامونڊي واپار تي آھي. ماھيگيرن جي لاء حڪومت طرفان ادارو ٺھيل آھي جيڪو سنڌ گورنمنٽ جي ھٿ ھيٺ ڪم ڪري ٿو. فشر مين ڪو آپريٽيو سوسائٽي جي نالي سان ان اداري جي موجوده چيئرپرسن سندس نياڻي فاطمه مجيد آھي.
ابراھيم حيدري ڳوٺ
موجوده ابراھيم حيدري ڳوٺ ماضيءَ جو مشھور بندرگاه ھو جتي وڏا جھاز لنگر انداز ٿيندا ھئا پر ھاڻي اھو بندرگاه جيٽي جي شڪل ۾ موجود آھي جتي لانچون ۽ ھوڙا بيھندا آھن ۽ روزانو ھتان لکن جي ماليت جو مڇي ۽ گانگٽ جو ڪاروبار ٿيندو آھي. ان جي اڌ حصي تي عسڪري ادران جو قڀضو ٿيل آھي جيڪو اڄ جو ڪونھي پر اھو ڪم انگريز سرڪار ڪري وئي ھئي. ھڪ اندازي مطابق 1856ع ۾ انگريز سرڪار ابراھيم حيدري بندرگاه جو اڌ کان وڌيڪ حصو پنھنجي استعمال ھيٺ آڻي ھتي ايئرفورس بيس ٺاھي ڇڏيو ھو جيڪو ورھاڱي کان پوءِ پي اي ايف بيس ڪورنگي ڪريڪ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔
ليکڪ موجب سامونڊي خطي جا تمام گھڻا لفظ اردو ٻولي ۾ دستياب ڪونه ھئا ان ڪري انھن کي جئين جو تيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي لکيو ويو آھي. ڪجھ لفظ جيڪي مون نوٽ ڪيا انھن ۾ کوبر، ترڇاڻ، سنھڙو، کڏي، حجامڙو ۽ ٻيا تمام گھڻا لفظ شامل آھن جيڪي صرف سنڌي ٻولي ۾ آھن.
___________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



