حيدرآباد جي مڱڻهار فقيرن جي صديون پراڻي اباڻي ملڪيت تي غير قانوني قبضو
1950ع کان 1960ع واري ڏهاڪي دوران سٽي سروي ۽ محڪمه اوقاف جي عملدارن مبينا طور رشوت ۽ ڪاريگريءَ ذريعي سرڪاري رڪارڊ ۾ تبديليون ڪري صديون پراڻي ذاتي ملڪيت کي هندستان مان آيل مهاجرن جي نالي تي منتقل ڪيو، انصاف جي انتظار ۾ ھڪ مظلوم خاندان جي دانهن

عوام جا مسئلا
تاريخ جي ورقن ۾ حيدرآباد، سنڌ جا قديم پاڙا ۽ درگاهون هتي جي اصل رھواسين جي رواداري، خدمت ۽ پيار جو مظهر رهيا آهن. پر جڏهن بدعنواني، لينڊ مافيا ۽ محڪماڻي ھير ڦير جي ڪري صدين کان آباد حقيقي وارثن کي سندن اباڻي مالڪيءَ کان محروم ڪيو وڃي، ته اهو نه فقط قانون جي ڀڃڪڙي پر سماجي ناانصافيءَ جو وڏو الميو پڻ آهي.
اهڙو ئي هڪ ڏکوئيندڙ معاملو حيدرآباد جي قديم درگاهه امام شاهه پاڙي (وارڊ 2056) جي رھواسي فقير زوار گل محمد مڱڻهار جعفريءَ جو آھي، جنھن جي خاندان جي اباڻي ملڪيت تي اوقاف ۽ سٽي سروي کاتي جي مبينا ملي ڀڳت سان هٿراڌو کاتا ٺاهي قبضو ڪيو ويو آهي.
فقير زوار گل محمد مڱڻهار مطابق، سندن اهي اباڻا تڏا ۽ ملڪيت سن 1800ع کان به اڳ يعني ٽالپرن جي دور کان سندن ابن ڏاڏن جي مالڪيءَ ۾ هلندي اچي ٿي. ھي ملڪيت، جنهن جي اڄ جي مارڪيٽ ماليت ڪروڙين رپيا آهي، سندس ۽ سندس وڏي ڀاءُ جي نالي تي به رجسٽرڊ رهي آهي. هن ملڪيت جو پراڻو سٽي سروي نمبر 132 هو، جنهن کي بعد ۾ تبديل ڪري نئون سروي نمبر 2065 ۽ 2066 قرار ڏنو ويو. ملڪيت سان لاڳاپيل اهي سمورا پراڻا اصل دستاويز ۽ تاريخي ڪاغذ هن وقت به عدالت سڳوريءَ جي رڪارڊ ۾ جمع ٿيل آهن.
هن سڄي معاملي جي شروعات 1950ع کان 1960ع واري ڏهاڪي دوران ٿي جڏھن سٽي سروي ۽ محڪمه اوقاف جي عملدارن مبينا طور رشوت ۽ ڪاريگريءَ ذريعي سرڪاري رڪارڊ ۾ تبديليون ڪيون ۽ سندن صديون پراڻي ذاتي ملڪيت کي هندستان مان آيل مهاجرن جي نالي تي منتقل ڪيو ويو. صوفي منش، درگاهه سان لاڳاپيل ۽ مسڪين مڱڻهار فقيرن کي هن هير ڦير جي وقت سر ڪا به خبر نه پئجي سگهي، ۽ قابض پارٽي عدالت مان پنهنجي حق ۾ فيصلو وٺڻ ۾ به ڪامياب ٿي وئي. پر جڏهن سٽي سروي کاتي جا عملدار موقعي تي ماپ ڪرڻ آيا، تڏهن هيءُ سمورو ھٿناٽ ۽ فراڊ ظاهر ٿيو.
فقير زوار گل محمد، جيڪو ماهوار فقط 50,000 رپيا پينشن تي گذر ڪري ٿو ۽ جنهن تي پنهنجي گھريلو خرچن سان گڏ درگاهه جي ميلي، علم پاڪ، مجلسن ۽ لنگر نياز جي سنڀال جون به ذميواريون آهن، همٿ ٻڌي اصل تاريخي دستاويز کڻي عدالت ۾ پيش ٿيو. زوار گُل محمد موجب جج صاحب اصل تاريخي ڪاغذات ڏسڻ کانپوءِ معاملي جي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي اوقاف ايڊمنسٽريٽر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ۽ مئجسٽريٽ کي عدالت ۾ طلبيءَ جا حڪم جاري ڪيا. عدالت سخت رمارڪس ڏيندي چيو ته: ”اوھان جو پيش ڪيل رڪارڊ ھير ڦير تي مشتمل آھي، ان ڪري درست ۽ حقيقي رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪريو.“
عدالتي حڪم کانپوءِ به ٽن مختلف تاريخن تي سرڪاري محڪما پنهنجي صفائي پيش نه ڪري سگهيا. سٽي سروي ۽ اوقاف جي عملدارن عدالتي پُڇا تي اهو چئي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته: ”اسان وٽ به اهو ئي رڪارڊ موجود آهي، هيءَ بدعنواني ۽ ڪرپشن ماضيءَ ۾ ٿي آهي، ان ڪري عدالت پنهنجي طور تي سٺي ڪاروائي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.“
عدالتي ڪارروائي صحيح رُخ ۾ هلي رهي هئي ته اوچتو لاڳاپيل جج صاحب جي ترقي يا بدلي ٿي وئي، جنهن ڪري ڪيس ۾ نئين تاريخ ملي وئي ۽ معاملو لٽڪي پيو.
متاثر خاندان هن وقت شديد ذهني ۽ جاني غير يقينيءَ واري صورتحال مان گذري رهيو آهي.
زوار گُل محمد موجب ملڪيت تي قابض پارٽيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جا بااثر ماڻھو شامل آهن، جيڪي مالي ۽ اسلحي جي لحاظ کان تمام بااثر آهن. متاثر خاندان جي بلڪل سامھون رهندڙ هن بااثر ڌر ماضيءَ ۾ به فائرنگ ۽ تشدد وارا طريقا استعمال ڪيا آهن، جنهن ڪري فقير زوار گل محمد کي پنهنجي ۽ سندس معصوم ٻارن جي جاني تحفظ بابت سخت خدشا آهن. سندس چوڻ آهي ته: ”اسان جو ڏوهه فقط اهو آهي ته اسين مڱڻهار فقير آهيون، جن پنهنجي سڄي زندگي درگاهه جي خدمت ۽ ننگر نياز ۾ گذاري آهي. اڄ اسين پنهنجي اباڻي زمين هوندي به بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون ۽ ٻيا اسان جي حق تي قابض آهن.“
ھُن سنڌ حڪومت، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، هاءِ ڪورٽ سنڌ، ۽ حيدرآباد جي انتظاميا کان اها گهر ڪئي ته: قديم سٽي سروي نمبر 132 (نئون نمبر 2065 ۽ 2066) وارڊ 2056، حيدرآباد جي رڪارڊ جي شفاف ۽ غير جانبدارانه تحقيقات ڪرائي وڃي، 1950ع ۽ 1960ع دوران سرڪاري رڪارڊ ۾ تبديلي ڪندڙ محڪمه اوقاف ۽ سٽي سروي جي لاڳاپيل بدعنوان عنصرن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ۽ کيس ۽ سندس خاندان کي مڪمل جاني تحفظ فراهم ڪندي، سندن صديون پراڻي اباڻي ملڪيت حقيقي وارثن جي نالي منتقل ڪئي وڃي.
____________



