Editor's pickMain Slideڪالم

تاريخ اسان کي رُڳو سست نه، ڏوهاري بہ قرار ڏيندي!

صحت ”مسيحائي“ ۽ تعليم ”پيغمبري“ پيشا آهن، انهن ٻنهي پيشن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ سان اسان اڳتي نه، پوئتي ئي ويندا رهيا آهيون۔ جڏهن ته حڪمرانن ٻنهي شعبن جي اعلي عملدارن جي نااهليء سبب انهن ٻنهي پيشن کي ڪجهه طاقتور ماڻهن هاڻي مڪمل طور تي ڪاروبار ۽ عوامي لٽ ڦر جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي۔

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

ڪجهه ماڻهن، اسان جي ذهنن ۾ اهي ڳالهيون ويهاري ڇڏيون آهن ته، انسان جون بنيادي ضرورتون الڳ شيون آهن ۽ بنيادي سهوليتون ٻيون شيون آهن، جڏهن ته عقل ۽ علم پاڻکي سمجهائن ٿا ته، ضرورتن ۽ سهوليتن ۾ هاڻي ڪوبه فرق ناهي رهيو۔ بنيادي ضرورتن ۾ پاڻ کي ٻڌايو ويندو رهيو آهي ته صاف پاڻي، کاڌ خوراڪ واريون شيون ۽ رهائش بنيادي ضرورتون آهن۔ جڏهن ته تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، بجلي ۽ گئس سميت ٻين شين کي بنيادي سهوليتن ۾ ڳڻايو ويندو رهيو آهي۔ جيڪڏهن پاڻ ايمانداريء سان جائزو وٺون ته، انسان جون اهي بنيادي ضرورتون تڏهن ئي پوريون ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ضرورتن کي حاصل ڪرڻ لاء سهوليتون موجود هونديون۔ ڪجهه مثال ٿا وٺون، جيڪڏهن اسان جي صحت درست نه آهي، پاڻ اڻپڙهيل ۽ ڄاڻ کان خالي هونداسين يا ڪم ڪار تي وڃڻ لاء ٽرانسپورٽ ناهي ته، پاڻ پنهنجون ضرورتون ڪيتريء حد تائين حاصل ڪري سگهنداسين۔

هاڻي ڪو مڃي يا نه مڃي پر پاڻکي يا ته اهو سمجهڻو پوندو، اڄوڪي جديد دئور ۾ بنيادي ضرورتن ۽ سهوليتن ۾ ڪو به فرق ڪونهي، يا وري انسان کي اهو مڃڻو پوندو ته ضرورتون حاصل ڪرڻ کان اڳ سهوليتن جي گهرج پوي ٿي، اصل ۾ اهي سهوليتون ئي اسانکي صاف پاڻي، سٿري کاڌ خوراڪ جي شين ۽ رهائشن تائين پهچائڻ جا مضبوط، محفوظ رستا آهن۔ هتي ٻي ڳالهه کي سمجهڻ جي به ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته، سمورين سهوليتن مان سڀ کان وڌيڪ اهم شين، تعليم جنهن سان ڄاڻ ۽ شعور وڌي ٿو ۽ صحت جنهن سبڀ انسان وڏي ۾ وڏو ڪم به آسانيء سان ڪري سگهي ٿو، انهن ٻنهي کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي جو، ان جا ٻيا متبادل ذريعا آهن ئي ڪونه، باقي ٻيون سهوليتون جن ۾ بجليء، ٽرانسپورٽ ۽ گئس جا متبادل ذريعا موجود آهن۔ پر ان جو اهو مقصد هرگز نه وٺڻ گهرجي ته اهي سهوليتون ڀلي نه ملن ته ڪا ڳالهه ناهي، انهن جي اهميت به پنهنجي جاء تي وڏي اهم آهي، ڇو ته انهن بنا تيز ترقيء وارو تصور ممڪن ئي ڪونهي۔

اسان جا اڪثر لکيا پڙهيا ماڻهو به علم، عقل ۽ شعور کي بنيادي ضرورت بجاء سهوليت قرار ڏئي ڄڻ ته اڻپڙهيلن تائين اهو پيغام پهچائين ٿا ته، اڳ ۾ پيٽ پوڄا پوء علم، انهيء حوالي سان هو اهو عذر به پيش ڪندا آهن ته، پيٽ خالي هوندو ته، علم ڪٿان سمجهه ۾ ايندو، هو اهي مثال هرگز ناهن ڏيندا ته علم، عقل ۽ شعور نه هوندو يا صحت سڌريل نه هوندي ته، پاڻ ڪمائي ڪري دال ۽ اٽو ڪٿان آڻي پنهنجو، پنهنجي ٻچن ۽ گهرڀاتين جو پيٽ پالينداسين۔ هن سڄي بحث جو مقصد اهو آهي ته، پاڻ کي خاص طور تي تعليم، صحت کي بنيادي سهوليتون نه، بنيادي ضرورتون سمجهي حاصل ڪرڻ گهرجن۔ جيسيتائين پاڻ تعليم سان اهو رويو رکنداسين تيسيتائين علم اسان جي ويجهو ڪيئن ايندو ۽ ڪيئن اسان  جي رهنمائي ڪندو۔ اچو ته علم سهوليت نه پر اڄوڪي دئور جي وڏي ۾ وڏي ضرورت سمجهي پرايون ۽ صحت کي انسان جي اصل سگهه سمجهي حاصل ڪيون۔

جڏهن ته اسان جو حڪمران طبقو، انهن ٻنهي اهم سهوليتن کي معمولي سمجهي، هر بجيٽ ۾ معمولي رقمون رکندا آيا آهن، نتيجي طور اهي ٻئي ادارا هاڻي تباهيء ڪناري تي پهچي چڪا آهن۔ حڪمرانن توڙي اعلي عملدارن کي ڀليء ڀت ڄاڻ آهي ته صحت ”مسيحائي“ ۽ تعليم ”پيغمبري“ پيشا آهن، انهن ٻنهي پيشن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ سان اسان اڳتي نه، پوئتي ئي ويندا رهيا آهيون۔ جڏهن ته حڪمرانن ٻنهي شعبن جي اعليٰ عملدارن جي نااهليء سبب انهن ٻنهي پيشن کي ڪجهه طاقتور ماڻهن هاڻي مڪمل طور تي ڪاروبار ۽ عوامي لٽ ڦر جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي۔ جنهن جي هر سطح تي مخالفت ٿيڻ گهرجي ۽ پڻ خاص طور تي استادن ۽ ڊاڪٽرن جي تنظيمن سميت سياسي سماجي، ۽ علمي ادبي تنظيمن کي به گهرجي ته، اهي انهيء حوالي سان پنهنجو ضروري ڪردار ادا ڪن۔ هن معاملي تي ڪوتاهي ڪرڻ سان ايندڙ وقت جي تاريخ اسان کي رڳو سستيء واري لقب سان نه نوازيندي پر، ڏوهاري قرار ڏيندي۔

____________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button