Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

نوان صوبا يا نظام جي تبديلي؟ اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟

محسن نقوي چوي ٿو ته ملڪ جو نظام ڪولاپس (Collapse) ٿي ويو آهي، تنهنڪري نوان صوبا ٺهڻ گهرجن. ڇا هن صاحب کي ان ڳالهه جي خبر اڄ پئي  آهي؟ اسين ته اها ڳالهه سالن کان چوندا پيا اچون ته، بابا! هتي ڪنهن به قانون جي حڪمراني ڪانهي، ڪو به نظام صحيح نموني ڪم نه پيو ڪري. رشوت جي بازار گرم آهي.

انيتا پنجاڻي

پوري پاڪستان جي اخبارن ۾، اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي يا وري سوشل ميڊيا، هڪ ڳالھ سڀ کان وڌيڪ بحث جو موضوع بڻيل آهي، اها آهي نون صوبن جو قيام ۽ نون انتظامي يونٽن جو ٺهڻ.

وفاقي وزير محسن نقوي طرفان زوردار آواز ۾ اهو چوڻ ته ملڪ ۾ يا ته نوان صوبا ٺهندا يا وري انتظامي يونٽس ٺاهيا ويندا، چاهي ڪجهه به ٿئي، ڪو به ڪجهه به چوي، پر عوام جي مرضيءَ سان ريفرنڊم ذريعي منظوري ورتي ويندي.

سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته آخرڪار محسن نقوي نون صوبن جي قيام تي ايترو بضد ڇو آهي؟

ڇا هن صاحب 1973ع جو آئين پڙهيل ڪونهي، يا وري هو آئين سان کيڏڻ جا عادي ٿي ويا آهن، جنهن ۾ واضح طور لکيل آهي ته ڪنهن به صوبي جي جاگرافيائي حدن کي ڇيڙي نٿو سگهجي ۽ ڪا به آئيني ترميم ايستائين تبديل نٿي ٿي سگهي، جيستائين قومي اسيمبليءَ مان بل پاس نه ٿئي ۽ ان کان پوءِ سينيٽ مان به منظور نه ٿئي، ۽ ان کان پوءِ لاڳاپيل صوبي جي ٻه ڏھائي ٽي اڪثريت ان جي منظوري نه ڏئي. سڀ کان آخر ۾ صدر جي منظوري ۽ صحيح کان سواءِ ڪا به آئيني ترميم ممڪن ڪانهي.

محسن نقوي چوي ٿو ته ملڪ جو نظام ڪولاپس (Collapse) ٿي ويو آهي، تنهنڪري نوان صوبا ٺهڻ گهرجن.

ڇا هن صاحب کي ان ڳالهه جي خبر اڄ پئي  آهي؟

اسين ته اها ڳالهه سالن کان چوندا پيا اچون ته، بابا! هتي ڪنهن به قانون جي حڪمراني ڪانهي، ڪو به نظام صحيح نموني ڪم نه پيو ڪري. رشوت جي بازار گرم آهي. هڪ معمولي چوڪيدار جي نوڪريءَ کان وٺي گريڊ 22 تائين نوڪرين جا اگهه مقرر آهن. هر ڪرسيءَ تي مختلف طريقن سان ٻوليون لڳنديون رهيون آهن، چاهي اهي ڪرسيون اسيمبليءَ جي اندر هجن يا ٻاهر.

سوال اهو آهي ته ان سڀ جو ذميوار ڪير آهي؟

ڇا نون صوبن جي ٺهڻ سان يا وري نون انتظامي يونٽن جي قيام سان نظام صحيح رستي تي هلي پوندو؟

جيستائين ڪنهن به بيماريءَ جي پاڙ يعني Root Cause کي نه پڪڙبو، تيستائين ان مرض جو خاتمو آڻڻ ممڪن ناهي.

پاڪستان ٺهڻ کان وٺي، ڇا هتي ڪڏهن جمهوريت کي هلڻ ڏنو ويو آهي؟ ڇا ان کي نپجڻ، پلجڻ ۽ مضبوط ٿيڻ ڏنو ويو آهي؟

1970ع جي چونڊن کان سواءِ ڇا ڪڏهن هتي صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرايون ويون آهن؟

ڇا 1970ع جي چونڊن جي نتيجن کي مڃيو ويو؟

ڇا شيخ مجيب الرحمان کي وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو؟

ڇا ”اُڌر تم اور اِڌر هم“ واري راند نه رچائي وئي، جنهن کي حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ واضح ڪري ڇڏيو آهي؟

پاڪستان ٺهڻ جي 25 سالن کان پوءِ هڪ متفقه آئين 1973ع ۾ ٺاهيو ويو، پر ڇا ڪڏهن ان آئين کي دل سان تسليم ڪيو ويو؟

ڪڏهن ضرورت جي نالي تي، ته وري ڪڏهن قومي مفاد جي نالي ۾، ان آئين کي تين وال نه ڪيو ويو؟

ترميم 26 هجي يا 27 جهڙيون ترميمون، ڇا بنا ڪنهن سنجيده بحث جي رات وچ ۾ اسيمبليءَ مان منظور نه ڪرايون ويون؟

تنھنڪري نون صوبن يا انتظامي يونٽن جو رينگٽ بند ڪري ھنن کي گھرجي تہ پنھنجو پاڻ کي سُڌارين، پوءِ نظام پاڻ ئي سڌرڻ لڳندو.  

___________

Anita Panjani-TheAsiaN

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button