Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

چانڊوڪي چمپا جي مالھا: روشن آرا مغل جي حياتي ۽ جدوجهد تي سھيڙيل ڪتاب

روشن آرا مُغل سنڌي عورتن جي ذهني، سماجي، سياسي ۽ معاشي پسماندگيءَ تي انتهائي فڪرمند رهندي هئي. فرسوده ۽ مدي خارج روايتن کي هوءَ سماج لاءِ ڪينسر سمجهندي هئي ۽ انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سدائين جاکوڙيندي رهندي هئي.

روشن، جنهن جو نالو ”ريشم“ به هو، 27 جون 1924ع تي جمعي ڏينهن شڪارپور ۾ ڄائي. سندس وڏي ڀيڻ بادام ناتوان 4 سال وڏي هئي. روشن اڃا ٽِن مهينن جي هئي ته سندس پيءُ گذاري ويو. امڙ ٻنهي ڌيئرن کي مُڙس ٿي نِپائي وڏو ڪيو. پاڻ شڪارپور گرلز پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي، جنهن وڏي همت ڪري پنهنجي ڌيئرن کي اسڪالرشپ وٺي ڏني.  شيخ اياز 1943ع ۾ کيس سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ڏسي موهت ٿي پيو.

نسيم  بخاري

محبت ماڻهوءَ کي معاشري ۾ مُنفرد بڻائي ڇڏيندي آهي. ان ۾ اُهو حوصلو ۽ عزم بُلند ڪندي آهي، جيڪو کيس ڪنهن نه ڪنهن لافاني هنر يا صلاحيت سان مالامال ڪري ڇڏيندو آهي.

ننڍي کنڊ جو وڏو شاعر شيخ اياز به عشق جي ڪوڙڪيءَ ۾ نه ڦاسي ها ته اڄ شايد اُهو شيخ مبارڪ ته هجي ها، پر ”اياز“ نه ٿي سگهي ها. هُن جي پهرين پيار سندس زندگيءَ تي جيڪا ڇاپ ڇڏي آهي، سا عمر  ڀر هن جو پيڇو ڪندي رهي ۽ ان سڃاڻپ ئي اياز کي ”اياز“ بڻايو آهي، جنهن تي شيخ اياز کي ناز آهي. اياز جو نِينهن اُن مٿان محبتن وارو مِينهن ٿي  وُٺو ۽ ان محروميءَ اياز ۽ سندس عشق کي امر ڪري ڇڏيو. اياز دنيا ۾ جيڪي تعارف ماڻيا آهن، انهن پويان ”هڪ طرفي“ پيار جو وڏو عمل دخل آهي. اياز اندر جي اُن پيڙا کي بار بار ورجايو آهي. ان محبت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، جنهن اياز کي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اها اُڏام عطا ڪئي، جيڪا نه رڳو بدستور جاري رهي، پر وقت سان گڏ ان جي عظمت ۽ حيثيت وڌندي به رھي.

اياز جو پيار پنهنجو مَٽ پاڻ آهي، جنهن جي اثر هيٺ هو عمر ڀر پنهنجا اُڌما اظهاريندو رهيو. حياتيءَ جي هر گهڙي ۾ جنهن جو سَحر اياز کي اداس ڪندو آيو. اُها روشن، ريشم يا روشني جي نالي سان ڄاتي سڃاتي ويندڙ عورت به ڪمال جي عورت هئي، جيڪا مسلسل جدوجهد جي علامت بڻيل رهي، جنهن خودداريءَ جو اهڙو ته علم بُلند ڪيو جو ان کي ڪڏهن جهڪو ٿيڻ ئي نه ڏنائين ۽ پنهنجي محنت سان ثابت ڪيائين ته گهُٽ ٻُوسٽ ۽ ناقدريءَ واري سماج ۾ هڪ نياڻي پنهنجي پوري عزم سان اڳتي وڌندي آهي ته اُها تاريخ ساز ڪردار بڻجي ويندي آهي ۽ هڪ محقق کي ايترو اُتساهيندي آهي جو اُهو هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي ڇڏيندو آهي. ان ڪتاب جو پاڻ تفصيلي جائزو وٺون پيا.

سنڌي ادبي بورڊ پاران جون 2021ع ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ”چانڊوڪي چمپا جي مالها“ ۾ نامور محقق، اديب ۽ شڪارپور ڄائو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي روشن آرا مغل  جي زندگي ۽ جدوجهد بابت لکيو آھي.  

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو پنهنجو هيءَ ڪتاب شڪارپور جي استادن ۽ تعليمي ادارن جي نالي منسوب ڪندي لکي ٿو ته: ”جن جي هٿان انسانن جي تراش خراش ٿي، سي ئي شڪارپوري بڻيا.”

وڌيڪ لکي ٿو ته ، ”روشن آرا مغل علم ۽ تعليم جي علامت جو اهڙو مثال قائم ٿي جيڪا جدوجهد کان لَهد تائين پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ کان پَل به پري نه ٿي. روشن آرا جيئن جيئن پاڻ موضوع تي موضوع کڻي پڙهندي رهي، ايئن شاعر مٿس شعرن مٿان شعر لکندا رهيا.“

تون چانڊوڪي چيٽَ جي، نُور ڀري نيراڻ

آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊَ زمين تي.

تون چانڊوڪي چيٽ جي، منهنجو مَن چڪور

اچي ڪڏهن اور، مون سان ڳالهيون ڳُجھ جون.

آئي ننڊ نيڻن کي، اُڏاڻا اَرواح

سڄڻ منهنجو ساھ ُ، پهتو تو وٽ پَل ۾.

ويندوسانءِ مري، ڳائي تنهنجون ڳالهڙيون

چوندينءَ هاءِ چري، سچي هئي سِڪ جي.

روشن آرا مغل ٽيهن سالن، ڏهن مهينن ۽ اٺاويهن ڏينهن جي ننڍڙي عمر ۾ سوچ ۽ لوچ ۾ شعوري عمر کان ايڏي وڏي ٿي وئي جو اُڏي وڃڻ کان پوءِ اديبن لاءِ موضوع مٿان موضوع ٿي وئي.

”روشن جي ننڍڙي عمر مان سماج کي وڏو فائدو پيو. جي عمر دراز هجي ها ته شايد شڪارپور سان گڏوگڏ سنڌ به روشن ئي روشن هجي ها.“

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي ڪتاب ”چانڊوڪي چمپا جي مالها“ جي مهاڳ ۾ مدد علي سنڌي لکي ٿو ته، ”ڄن ڏينهن ۾ روشن جنم ورتو هو، تن ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ نئين نئين بجلي آئي هئي. انڪري روشن، روشن سڏجڻ لڳي. کيس روشني به چوندا هئا. اها الڳ ڳالھ آهي ته روشن جي جوان ٿيڻ تائين سندس والدين غربت سبب بجلي هڻائي نه سگهيا. سندن گهر ۾ گاسليٽ جو لالٽين ٻرندو هو.“

روشن، جنهن جو نالو ”ريشم“ به هو، 27 جون 1924ع تي جمعي ڏينهن شڪارپور ۾ ڄائي. سندس وڏي ڀيڻ بادام ناتوان 4 سال وڏي هئي. روشن اڃا ٽِن مهينن جي هئي ته سندس پيءُ گذاري ويو. امڙ ٻنهي ڌيئرن کي مُڙس ٿي نِپائي وڏو ڪيو. پاڻ شڪارپور گرلز پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي، جنهن وڏي همت ڪري پنهنجي ڌيئرن کي اسڪالرشپ وٺي ڏني.

شيخ اياز 1943ع ۾ کيس سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ڏسي موهت ٿي پيو.

شيخ اياز لکي ٿو ته، ”1947ع ۾ سندس شادي سبب دوستي ٽُٽي.“ هُو سياري جي هڪ رات سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ مشاعري کان پوءِ روشن کي ٽانگي نه ملڻ سبب پيادل گهر ڇڏي اچڻ جو احوال اظهاريندي ٻڏائي ٿو ته ”سيءُ بدن ۾ سِيرون ڪندو ٿي ويو، مون گرم مفلر پنهنجي ڳلي مان لاهي تنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. نهايت پياري رات هئي اها، گويا چانڊوڪي ۽ خاموشي ٻه جاڙيون ڀينر هيون، جي مُدت بعد سِڪ لاهي ڳلي ملي رهيون هيون. “

”تون به چاندني رات جي نظاري کان ڪافي متاثر ٿي هئينءَ. چئو طرف سانت وسي رهي هئي. قدمن جي ڇاپ ڪنهن دور ديس جو آواز پئي معلوم ٿي. ان وقت مون چيو اي ڪاش هيءَ راھ ڪڏهن به ختم نه ٿئي، هيءَ راھ ازل کي ابد سان ملائي ۽ تون مون سان هلندي رهين ۽ چاندني تنهنجي چهري کي چُمندي رهي. جا ڳالھ زبان نه ٿي ڪري سگهي، جو راز اکيون افشان نه ٿي ڪري سگهيون، سا ڳالھ ۽ سو راز چاندني رات چئي وئي.“

”تون دور هوندي به منهنجي تَخيُل تي ڇانيل آهين. منهنجي شاعريءَ جو روح آهين. منهنجا لفظ پينو فقير هئا، جي جھولي جھلي پِنندا هئا: اي حُسن جي ملڪہ تاثير جي بي حساب دولت ڏئي ڇڏ. “

Shaikh Ayaz -2

”جڏهن تون وئينءَ ته مون چاهيو ساري ڪائنات کي قلابازيون کارايان، ساري نظام دهر کي اُلٽ پُلٽ ڪيان، ساري جڳ ۾ ڀَنڀٽَ ٻاريان، عرش ۽ فرش کي ڄِڀيُن ۾ ڄرڪايان، ڏيان  ڀاھ ڀنڀور کي.“

شيخ اياز اهو به لکي ٿو ته، ”مون هن جي باري ۾ ايترو لکيو آهي جو اُهو سڀ گڏائجي ته هڪ ناول ٿي پَوندو.“

ريشم جي چوڻ تي هڪ ڀيري هو پينسلون، ڪَتون ۽ مَس ڪُپڙي وٺي سندس گهر ڏئي آيو هو، ڇاڪاڻ ته ريشم جي گهر ڪو مرد نه هوندو هو. انڪري ريشم جي اسرار تي هو سندس ضرورت جون شيون گهر پهچائيندو هو ۽ روزانو هن ڏانهن رابيل جون ڪَنڍيون به وٺي ويندو هو ۽ سندس وفات کان اڳ کارادر واري اسپتال ۾ ملڻ به ويو هو، پر هوءَ به هوش هئي. انڪري سندس ملاقات نه ٿي سگهي هئي.

هڪ ڀيري سکر کان ڪنهن قتل جي مقدمي جي سلسلي ۾ جيڪب آباد ويو هو ته واپسيءَ تي کيس لڳو هو ته روشن به ماءُ وٽ آيل آهي. انڪري هن ڊرائيور کي اوڏانهن هلڻ جو چيو هو، هوءَ موجود هئي، پر هن سان رُخ ڏئي نه ڳالهايو هئائين. شيخ صاحب روهڙي ريلوي اسٽيشن جي تلخ ياد کي به ساري لکي ٿو ته، ”ريل ۾ وڃي ويٺي ته مان ڪڍ ويس. هوءَ مونکي ڏسي لهي آئي ۽ چيائين تون پيتل آهين. هتي ريلوي اسٽيشن تي تماشو ڪندين ڇا؟ هاڻي مان شادي شده آهيان، مون کان ڇا ٿو چاهين؟ مان شڪي ٿي هن جي گاڏي مان لهي ويس.“

روشن آرا شيخ اياز جو پهريون پيار هئي. اياز جي اندر ۾ جنهن لاءِ ايڏي تڙپ هجي، اهو سحر ۽ محبت جي نه ملڻ جو احساس محبوب جي اهميت کي جيئن اُجاگر ڪري ٿو، سو اندازو لڳائڻ ڪا ڏکي ڳالھ نه آهي.

شيخ اياز نه رڳو نثر ۾ پنهنجي پيار کي ڀرپور نموني ساريو آهي، پر شاعريءَ ۾ به کيس شدت سان ياد ڪيو آهي. ان حوالي سان سندس هيٺين تخليقن  پڙهي سگهجي ٿي:

موت آ حسن تي، به پاتي جيت

چاندني رات ۾، سمهي پيا گيت

ڪنهن نه ڄاتو ته تون مري ويندينءَ

چنڊ سان سيرَ ۾ تري ويندينءَ

نور جي جلپري ڪٿي آهين؟

شبِ تاريڪ کان تاريڪ تر، آ زندگي منهنجي

ڪٿي آهين اڙي او روشني، او روشني منهنجي!

صدين کان روح پئي ڀٽڪيو، تنهنجي تمنا ۾

الاءِ ختم ٿيندي يا نه ٿيندي، آوارگي منهنجي

وري آيون گهٽائون جهومندي آيون اُلهندي کان

نئين سر آ وري جاڳي پئي، ديوانگي منهنجي

وري ڪنهن شوخ جا مون کي، نماڻا نيڻ ياد آيا

وري ڪنهن ميڪده جي تاڙ ۾ آ، تشنگي منهنجي

سدا اک لُڙڪ سان آلي، سدا مُنهُن مُرڪَ کان خالي

وئي تون آنھ يا آهي وئي، ساري خوشي منهنجي

___

ڪريو گلن سان پيار نه سائين

چئو انهن کي مِيت نه سائين!

ڇوته اهي مرجهائي ويندا

ڪنڊن ۾ ڦاسائي ويندا.

ڪريو چنڊ سان پيار نه سائين

چئون چنڊ کي يار نه سائين

ڇوته پکيئڙا اُڏري ويندا

تيز هوا ۾ ٿڪجي ويندا.

شيخ اياز روشني جي اکين جي انفراديت تي پنهنجا خيال اظهاريندي لکي ٿو ته، ”مون هن جهڙيون اکيون ڪٿي به نه ڏٺيون آهن. ڪوھ ندا جي صدا جهڙيون اکيون، فنا في الوجود جهڙيون اکيون، سرمد جي ڪلمي جهڙيون اکيون!“

بادام ناتوان

”جنهن وقت ڪَتيون ڪَر موڙينديون آهن ۽ پوئين پهر جو ڪائنات ۾ روحاني راز وسندا آهن. منهنجو بي چين روح تنهنجي تلاش ڪندو آهي. اها تلاش ازل کان شروع ٿي آهي. ابد تي ختم ٿيندي. شايد اها تلاش ڪڏهن به ختم نه ٿئي. منهنجي وجود جو راز مضمر آهي. مان خود تنهنجي تلاش آهيان. تنهنجي تلاش نه رهندي ته مان به نه رهندس. بهتر آهي ته تون دور رهين. تون قريب آئينءَ ته تون ئي تون رهندينءَ. مان ڪير؟ مان ڪٿي؟ هن وقت ڏکڻ جي ٿڌي هِير لڳي رهي آهي. گويا ڪائنات ٿڌا ساھ ڀري رهي آهي. گذشته زندگيءَ جا دلفريب واقعه اکين آڏو ترندا ٿا وڃن. منهنجو هن سان ايترو پيار هو جو جڏهن هوءَ تعليم لاءِ ڪراچي هلي آئي هئي ته تيستائين چين نه آيو هو، جيستائين ورثي آيل ڪجھ زمين وڪڻي ڪراچي تعليم لاءِ ڪجھ پئسا هٿ نه ڪيا هئا.“

ڪالم نگار اعجاز منگي لکي ٿو ته، ”اياز هن کي پهريون پيار لکيو آهي ۽ اياز جو اُهو پهريون پيار ترگنيف جي ناول First love کان وڌيڪ دلچسپ ۽ گهرو آهي. جيتوڻيڪ ان پهرين پيار جا پاڇا اياز جي ڦهليل شاعريءَ ۾ منتشر آهن ۽ انهن منتشر پاڇن جي صحيح ترتيب اياز کانسواءِ ڪنهن ٻئي نقاد لاءِ ناممڪن آهي. “

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو روشن لاءِ لکي ٿو ته، “سندس ڄمار گل وانگر هئي، جا خزان جي سرد جهوٽي سان ختم ٿي وئي. ظالم اجل کيس مدتِ مُدير تائين جيئڻ نه ڏنو. سندس اُميدن جي مُکڙي ڦرڻ ڦولڻ کان اڳ مُرجهائجي وئي.“

بادام ناتوان پنهنجي ننڍي ڀيڻ بابت احساساتي تحرير ۾ لطيف جي انهن لفظن ۾ کيس ساريو آهي ته:

ماڻهو وڃن مُئا، تون نه مُئين سورَ!

پريتم سَندا پورَ، لهندا ڪين لطيف چئي.

ميمونه سومرو لکي ٿي ته، ”هوءَ خودداريءَ جي اصولن جي پڪي پوڄارڻ هئي. نوجوان نينگرين لاءِ سٺو مثال آهي. جيستائين جدوجهد آهي، روشن اُٿندي پورهيا ڪندي ۽ وڙهندي.“

غلام محمد گرامي ٿو چوي ته، ”سچ پچ ته روشن هر اعتبار کان روشن هئي ۽ سنڌي عورتن لاءِ هڪ مثالي عورت هئي. علم، ادب ۾ ڀڙ، طبع ۾ سليم ۽ حليم نياز ۽ نِوڙت واري روشن سنڌ جو تارو هئي. آمريڪا ۾ زرعي تعليم ۽ سماجي سکيا لاءِ سرڪاري خرچ تي وئي. عالمن کان کان پنهنجي علم ۽ صلاحيتن جو داد حاصل ڪيائين.“

عبدالعلي قلباڻي روشن جي ماءُ بابت لکي ٿو ته، ”سندس مڙس  جي وفات وقت عمر 20 ورهيه هئي. ٻي شادي ڪري ٻارن جو بار ٻئي تي اڇلائي سکيو وقت گزاري سگهي ها، پر هن تن مَن وساري ٻن ٻوٽن جي آبياري پاڻ ڪئي. اسڪول ۾ ماستريءَ نه فقط هنن کي پاليو، پر پڙهايو به. روشن نه فقط ماءُ جي هنج جي گنج مان علم حاصل ڪيو، پر ماءُ جي مڪتب جا ڪُتب ڪَتب آندا ۽ وديا ورتي. روشن تعليم کاتي ۾ انسپيڪٽريس ٿيڻ شرط پهريون سرڪيولر زنانه اسڪولن ڏانهن موڪليو، جنهن جو مقصد هو ته آئينده ڪابه ماسترياڻي چپن کي سُرخي لڳائي اسڪول ۾ نه اچي، نه ڪي رنگين ۽ اوچا ڪپڙا پائي اچي.  سچي انسان جو سينگار ان جو علم ۽ ذوق آهي، ۽ نه ظاهري ٺاٺ ۽ ان جو شوق. هن ماسترياڻين جي پگهار وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سروس بُڪ ٺهارايا، جي اڳ نه هئا.“

محمد ابراهيم جويو لکي ٿو، ”عورت جي مظلوميت ۽ اهميت جي حوالي سان شڪارپور ۾ ٿيل ملاقات ۾ چيو هئائين سچ پچ ته اهو نماڻو ساھ جيستائين نه ٻوساٽيو پيو هوندو، تيستائين سنڌ پنهنجي بيماريءَ جي بستري تان ڪڏهن سِيس مٿي کڻي ڪين سگهندي.“ ”هڪ ٻي ملاقات ۾ روشن جي پڇيل سوال تي انقلابي گيتن جي پس منظر ۾ کيس جواب ڏنو هيومانس  ڀيڻ! گيت ڳائڻ ته ٺهيو، پر دل ۾ انهن کي جهونگارڻ لاءِ اڄ جگر کپي. چئني پاسن کان داخلا رکڻ وارا گڏيا پيا گهمن. پنهنجو پاڻ کي ٻڌائيندي به هانءُ پيو ڪنبي. جواب ۾ چيو هئائين، ”سنڌ جي گگدام مائرن کي جيسين زبانن تي تالا، اکين تي کوپا چڙهيا پيا هوندا، تيسين اوهان ۽ اسان جي حالت اهڙي ئي رهندي.“

شيخ حفيظ لکي ٿو ته جڏهن به هوءَ ڪنهن غريب انسان کي ڏسندي هئي ته سندس دل ڏک سان ڀرجي ويندي هئي. طبقاتي فرق ۽ سماجي ناانصافي بابت هوءَ تمام گهري سوچ رکندي هئي ۽ هميشه ان بابت فڪرمند رهندي هئي. سندس خواهش هوندي هئي ته سڄو سماجي ڍانچو ئي تبديل ٿي وڃي. هوءَ استحصالي ۽ ظالماڻي نظام کي پاڙان پٽي اڇلائڻ چاهيندي هئي.

عبدالغفور انصاري لکي ٿو ته ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته هر انسان تي سندس نالي جو چاليهين پتي اثر هوندو آهي، پر مٿس ته نالي جو سئو سيڪڙو اثر هو. هوءَ روشن سج وانگر هئي.

هوءَ سنڌي عورتن جي ذهني، سماجي، سياسي ۽ معاشي پسماندگيءَ تي انتهائي فڪرمند رهندي هئي. فرسوده ۽ مدي خارج روايتن کي هوءَ سماج لاءِ ڪينسر سمجهندي هئي ۽ انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سدائين جاکوڙيندي رهندي هئي.

 هَڪڙي صاحب جي ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي اهم تحريرون شامل آهن، جڏهن ته روشن آرا مغل جون ڪهاڻيون، شاعري ۽ تقريرون پڻ هن ڪتاب جو اهم حصو آهن.

منهنجي خيال ۾ هي ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپجڻ گهرجي، ۽ هر اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي توڙي هر گهر ۾ ان جو مطالعو ٿيڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ اسان جي سماج جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي مشتمل آهي، ۽ عورتن جو علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي طور مضبوط ٿيڻ ئي سماج جي ترقي ۽ ڪاميابي جي ضمانت آهي.

حڪومت، سياسي تنظيمون، اين جي اوز ۽ خانگي تعليمي ادارا، خاص طور اهي ادارا جتي عورتون وڏي انگ ۾ ڪم ڪن ٿيون، اتي هن ڪتاب جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. اهو نه رڳو وقت جي اهم ضرورت آهي، پر هن ڪتاب جو اردو، انگريزي سميت ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيڻ گهرجي.

هي رڳو هڪ فرد، هڪ سماج يا هڪ ملڪ جي ڪهاڻي ناهي، پر حقيقت ۾ دنيا جي هر سماج ۽ هر علائقي جي پڪار آهي. جيڪو به هن ڪتاب ۽ ان جي مرڪزي عورت ڪردار کي پڙهندو، تنهن جي اندر زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ، ڪاميابي ماڻڻ ۽ نيون منزلون حاصل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو. هي ڪتاب رڳو عورتن جي همٿ افزائي لاءِ نه، پر هر پڙهندڙ لاءِ اميد، حوصلي ۽ ترقيءَ جو پيغام آهي، جيڪو کيس مايوسين، اداسين ۽ محرومين مان ڪڍي، روشن ۽ ڪامياب مستقبل ڏانهن وڌڻ جي همت عطا ڪري ٿو.

_______________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button