مهتاب: محبتن جي چانڊوڪي وسائيندڙ چنڊ
سندس نالو ئي رڳو چنڊ (مهتاب) ناهي، نه ئي سندس شخصيت رڳو چانڊوڪيءَ تائين محدود آهي، پر هوءَ واقعي انهن ناياب انسانن مان آهي، جيڪي پنهنجي فڪر، شفقت، نفاست ۽ مٺڙن روين سان چوڌاري محبت جا ڪرڻا وسائيندا رهن ٿا.

ساڀيان سانگي
ڪجهه ماڻهو زندگيءَ جي راهن ۾ رڳو مسافر بڻجي ناهن ايندا، پر اهي روشنيءَ جي سوغات بڻجي نمودار ٿيندا آهن. سندن وجود سان لفظن کي معني، رشتن کي حرارت ۽ دلين کي اهڙي اڻکٽ ڇانوَ نصيب ٿيندي آهي، جيڪا وقت جي تيز ۽ سخت اُس ۾ به سدائين ساڻ رهندي آهي.
مهتاب اڪبر راشدي به منهنجي لاءِ اهڙي ئي اکٽ روشنيءَ جو نالو آهي؛ محبت جو هڪ اهڙو گھڻ-ڇانورو ڇپر آهي، جنهن هيٺ ويهي روح کي پنهنجائپ ۽ سڪون جو احساس ٿيندو آهي.
سندس نالو ئي رڳو چنڊ (مهتاب) ناهي، نه ئي سندس شخصيت رڳو چانڊوڪيءَ تائين محدود آهي، پر هوءَ واقعي انهن ناياب انسانن مان آهي، جيڪي پنهنجي فڪر، شفقت، نفاست ۽ مٺڙن روين سان چوڌاري محبت جا ڪرڻا وسائيندا رهن ٿا.
علم، ادبي قامت ۽ پنهنجائپ جو جهان
مهتاب اڪبر راشديءَ جو شمار سنڌ جي انهن باوقار ۽ سچيل عورتن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي علم، ادب، صحافت، ثقافتي شعور ۽ فڪري پختگيءَ سان پنهنجي هڪ اڻمٽ ۽ الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي. سندس گفتگوءَ ۾ علم جي تجلي به آهي ته زندگيءَ جي تجربي جو نچوڙ به؛ سندس لهجي ۾ جتي وقار ۽ اعتماد آهي، اتي هڪ اهڙي ريجهائيندڙ نرمي به آهي، جيڪا دلين ۾ پيهي وڃي ٿي.
پر منهنجي لاءِ سندس سڃاڻپ رڳو علمي يا ادبي قامت تائين محدود ناهي، هوءَ منهنجي لاءِ ”آپا مهتاب“ آهي.
هوءَ منهنجي ڳوٺائي آهي؛ هي اهڙو روحاني رشتو آهي، جيڪو منهنجي من-ڌرتيءَ تي ملهاري مند جيان وسندو رهندو آهي. ”آپا“ جي لفظ ۾ جنهن پنهنجائپ، شفقت ۽ محبت جو اڻکٽ جهان سمايل آهي، اهو شايد ٻئي ڪنهن به لفظ جي وس ۾ ناهي.

آپا مهتاب مون سان بيحد پيار ڪري ٿي. سندس اها محبت ڪنهن رسمي يا ڏيکاءَ واري تعلق جي پابند ناهي، اها دل جي ان عجيب رشتي مان ڦٽي نڪري ٿي، جنهن کي نالي، رت جي رشتي يا ڪنهن ظاهري سڃاڻپ جي ضرورت ناهي هوندي. ڪڏهن سندس هڪڙو ئي جملو دل کي اهڙو آسرو ڏئي ڇڏيندو آهي، جو لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن ڏورانهين ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ اوچتو پنهنجي گهر جي در تي پهچي وئي هجان.
سندس محبت ۾ اٿاهه وسعت آهي. هوءَ جنهن کي پنهنجي قرب جي دائري ۾ آڻي ٿي، ان کي رڳو لفظن ۾ نه، پر پنهنجن گهرن احساسن ۾ جاءِ ڏئي ٿي. منهنجي لاءِ سندس اهائي محبت هڪ اهڙو انمول موتي آهي، جنهن کي لفظن جي مالا ۾ پروئڻ ناممڪن لڳندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي رشتا اهڙا نفيس هوندا آهن، جن کي لفظن جي بندش ۾ آڻڻ سان سندن خوبصورتي گهٽجي ويندي آهي. اهي رشتا رڳو محسوس ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. آپا مهتاب سان منهنجو تعلق به انهن ئي سهڻن ۽ بي لوث رشتن منجهان هڪ آهي.
سندس شفقت ۾ ماءُ جهڙو ميٺاڄ، وڏي ڀيڻ جهڙو تحفظ ۽ هڪ سچي دوست جهڙي قلبي ويجهڙائي محسوس ٿيندي آهي. شايد ان ئي روحاني وابستگيءَ جي ڪري، جڏهن به کيس ڏسندي آهيان، ته مون کي رڳو هڪ ناميارو نالو يا مشهور شخصيت نظر ناهي ايندي، پر نئين ديري جي مٽيءَ جي مٺي خوشبوءِ سان واسيل هڪ اهڙي باوقار، مرڪندڙ ۽ ٻاجهاري عورت نظر ايندي آهي، جيڪا پنهنجي وجود سان ڪيترين ئي دلين کي معطر ڪندي رهي ٿي.
چنڊ پنهنجي چانڊوڪي پاڻ وٽ ناهي رکندو، پر سموري عالم کي پنهنجي نور سان نکاري ڇڏيندو آهي. مهتاب اڪبر راشدي به اهو ئي مهتاب آهي، جيڪا پنهنجي فڪري روشني ٻين جي راهن ۾ ورهائيندي پئي اچي، ڪنهن لاءِ حوصلي جو هڪ حرف، ڪنهن لاءِ شفقت ڀريو هٿ، ڪنهن لاءِ پيار ڀريو جملو ته ڪنهن لاءِ رڳو اهڙي نظر، جنهن ۾ پنهنجائپ جي چاشني هجي.
يقينن زندگيءَ جو سڀ کان وڏو حسن ئي اهو آهي ته انسان پنهنجي حياتيءَ جي سفر ۾ اهڙا مسافر ماڻي، جن جي موجودگيءَ سان دل کي اهو يقين اچي وڃي ته دنيا اڃا محبت کان خالي ناهي ٿي.
آپا مهتاب! اوهان منهنجي زندگيءَ جي انهن سهڻن رشتن مان آهيو، جن جي وجود جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ لفظ سدائين گهٽجي ويندا آهن. اڄ اوهان جي جنم ڏينهن جي هن سهڻي موقعي تي مان اوهان کي رڳو سالگرهه جون مبارڪون نٿي ڏيان، پر ان اڻکٽ محبت جو ٿورو مڃان ٿي، جيڪا اوهان سنڌ امڙ جي وسعتن ۾ ورهائينديون رهيون آهيو.
دعا آهي ته اوهان جي زندگيءَ جو چنڊ سدائين چانڊوڪيون پکيڙيندو رهي؛ اوهان جي اکين جو نور، لفظن جي خوشبو، مرڪن جو ملهار ۽ صحت سان ڀرپور جيون سدا قائم ۽ دائم رهي.
جنم ڏينهن جون اڻڳڻيون واڌايون، آپا مهتاب!
____________
شاعر ۽ اديب ساڀيان سانگي ڪراچيءَ جي ھڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پروفيسر آھي. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ڇپجي چُڪا آھن




پيار ، محبت ۽ پنهنجائپ جو احساس ئي اھڙي آبشارن جي رواني جهڙي ڀيٽا ڏئي سگهي ٿو تمام خوبصورت لکڻي ھونئن بہ جذبا لفظن جا محتاج ناھن ھوندا…