Editor's pickMain Slideڪالم

جديد سنڌي ادب جي خاتون اول ثميره زرين جي ياد ۽ ھڪ ڪھاڻي

ثميرھ زرين ان وقت ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جڏهن سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جو آڱرين تي ڳڻن جيترو تعداد هو. هن شروعات ۾ رابندرناٿ ٽئگور ۽ خليل جبران جي ترجمو ڪيل افسانن سان ادب ۾ پير پاتو ۽ پوءِ جلد ئي ”وطن“، ”شمع ٻاريندي شب“، ”پلئه پاسو سچ“ ۽ ”غيرت“ جهڙا طبع زاد افسانا تخليق ڪري سنڌي افسانوي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي ورتو. سندس شمار سنڌي افسانوي ادب جي بانيڪار عورت ليکڪائن ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ حوالي سان کيس سنڌي ادب جي ”خاتونِ اول“ جو خطاب پڻ مليو.

ثميرھ زرين

نسيم بخاري

تاريخ ۾ شڪارپور جي گھڻ  رخي شاندار ذھني اوسر ۽ زرخيزيءَ جو مثال دنيا ڄاڻي ٿي. زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ جت مردن پاڻ ملھائي ڏيکاريو اتي عورتون به پٺتي نه رھيون آھن. ان ڏس ۾ ٿوري ڄمار ۾ فاني جھان ڇڏيندڙ غير شادي شده باڪمال ليکڪا ثميرھ زرين جو حوالو ۽ مثال فخر سان ڏئي سگھجي ٿو، جنهن کي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلريءَ دوران ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر شيخ اياز نوڪري ڏني ھئي.  

ثميرھ زرين ان وقت ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جڏهن سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جو آڱرين تي ڳڻن جيترو تعداد هو. هن شروعات ۾ رابندرناٿ ٽئگور ۽ خليل جبران جي ترجمو ڪيل افسانن سان ادب ۾ پير پاتو ۽ پوءِ جلد ئي ”وطن“، ”شمع ٻاريندي شب“، ”پلئه پاسو سچ“ ۽ ”غيرت“ جهڙا طبع زاد افسانا تخليق ڪري سنڌي افسانوي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي ورتو. سندس شمار سنڌي افسانوي ادب جي بانيڪار عورت ليکڪائن ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ حوالي سان کيس سنڌي ادب جي ”خاتونِ اول“ جو خطاب پڻ مليو.

ثميره زرين شڪارپور جي اعواڻ گهراڻي ۾ محمد اعظم اعواڻ جي گھر 22 فيبروري 1944ع تي جنم ورتو. کيس ننڍپڻ ۾ ئي گھر ۾ ادبي ماحول مليو. سندس پڙ ڏاڏو محمد عارف اعواڻ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪندو هو، جنهن جو شاعريءَ جو مجموعو ”ديوانِ صنعت“ پڻ ڇپيل آهي. جيئن ثميره جون ڪهاڻيون جاذب ۽ پرڪشش آهن، تيئن ئي سندس شخصيت مان به هڪ رومانوي مزاج رکندڙ حساس فنڪاره جهلڪندي محسوس ٿيندي هئي. هوءَ ڪيتري ئي وقت تائين اديبن لاءِ معمو بڻيل رهي ۽ کين اهو مغالطو رهيو ته ثميره زرين جي نالي سان ڪو مرد قلمڪار ڪهاڻيون لکي رهيو آهي، پر پوءِ جڏهن 1966ع ۾ سُندري ۽ اتم، وطن ياترا تي هندستان مان پاڪستان آيا ته هنن مختلف شاعرن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيون ۽ شڪارپور پهچي ثميره زرين جي گهر ۾ ساڻس ملاقات ڪيائون، تڏهن صحيح معنى ۾ ثميره زرين جي ذاتي زندگيءَ بابت ڪجهه حقيقتون منظر عام تي آيون. ثميره جي ڇپيل ڪهاڻين جي مجوموعن ۾: ”گيت اُڃايل مورن جا“، ”مهراڻ جون ڇوليون“، ”دل ۾ درد هزار“، ”روشن ڇانورو“ ۽ ”آءٌ اها ئي مارئي“ شامل آهن.

ثميره زرين سماجي براين، ڏاڍاين، غريبن جي حقن جو استحصال ڪندڙ نام نهاد عزت دار ڪردارن جي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پت وائکي ڪئي آهي. هن پيار جي پيچرن تي هلندڙ پريمين کي خوابن جا محل به ڏيکاريا آهن ته سندن زخمن تي لفظن جا پها به رکيا آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌوءَ جيڏي گهرائي به آهي ته هماليه جيڏي بلندي به. سندس هر ڪهاڻي عورت جي ڏکن ۽ دردن جو داستان به آهي ته فرسوده ريتن ۽ رواجن جي زنجيرن ۾ ٻڌل ماڻهن جي پيڙا جو پڙلاءُ به! جن جاهلاڻين رسمن جو ذڪر ثميره زرين پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ ڪيو، سي اڄ به موجود آهن. فقط وقت گذرڻ سان ڪئلينڊر جون تاريخون تبديل ٿيون آهن، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. اڄ به ماڻهن جا ساڳيا ئي رويا آهن ۽ عورت اڄ به ظلم جي گھاڻي ۾ پيسجي رهي آهي! ستم جي رات کي اڄ به ڏينهن ٿو سڏيو وڃي. اڄ به ضميرن تي مهرون لڳل آهن. اهڙي ماحول ۾ جڏهن به ڪنهن سچ جو نعرو بلند ڪيو آهي، سو سرِ دار ٽنگيو ويو آهي، وقت جي اهڙي ئي ستم ظريفيءَ جو ذڪر بشير احمد شاد پنهنجي هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:

ستم جي رات کي جت ڏينهن سڏيو ويندو آ،

جتي ضمير کي مهرن تي مٽيو ويندو آ،

اتي جڏهن به صداقت جو ڪنهن هنيو نعرو،

سرِ دار اهو شخص ٽنگيو ويندو آ.

ثميره زرين پنهنجي تخليقي عمل جي حوالي سان چيو هو ته ”ڪوئي لکي ٻين تي احسان ڪندو هوندو. ادب تي، عوام تي، سماج تي، (داد طلبڻ لاءِ)  پرمون کي اعتراف آهي پنهنجي دل جي سمورين سچاين سان ته مان صرف ان ڪري لکان ٿي جو مان لکڻ چاهيان ٿي. سماج جي بهبودي، عوام تي احسان، يا ادب جي عظمتن ۾ اضافو مون نه ڪيو آهي ۽ اهو سڀ چوڻ منهنجي انڪساري نه آهي، دنيا ۾ اونداهه آهي، زندگيءَ جا قدر ڀڄي ٽُٽي چڪا آهن. منهنجي قلم ۾ روشني ڪونهي. مون ڪجهه به نه جوڙيو آهي، پر منهنجي ذهن ۾ اونداهه ڪونهي، سوجهرو آهي. اها روشني ٻين تائين پهچائي نه سگهڻ منهنجي ڪوتاهي سهي، پنهنجي نظرين جي سهائيءَ ۾ اختيار ڪيل راهه البته منهنجي هستي جو فخر ضرور آھي. ايئن ته ”ڪهاڻي“ تي اظهار خيال لاءِ گهڻيون ئي ”وڏيون“ ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ۽ مان وڏيون ڳالهيون ”وڏن“ لاءِ ڇڏي اڄ ننڍي ڳالهه ئي ڪنديس. مان منهنجو زوايه نگاهه، منهنجا تاثرات ۽ ڪهاڻي ان اظهار جي صورت آھن.

ثميره زرين جڏهن ريسرچ فيلو جي حيثيت سان يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتو ته ڄامشوري جي هوائن سندس ڀرپور آجيان ڪئي، پر اهي آزاد فضائون کيس گهڻو وقت راس نه آيون، ها! هن کي بي رحم موت آگسٽ جي 13 هين تاريخ 1977ع تي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو، پر هوءَ پنهنجي تخليقن ۾ اڄ اسان وٽ موجود آهي.

ڪھاڻي: وڏيري

جڏهن رحموءَ پھريون دفعو هن کي مار ڏني، تڏهن هن جي شاديءَ کي هفتو کن مس ٿيو هو. هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا هئا. اهي سندس ڪاري رنگ ڪري ڏسڻ ۾ تہ گهٽ ٿي آيا، پر منجهن سور تہ هو!

پھرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري ويئي هئي. ننڍي هوندي، بک ۾ پاھہ ٿي جڏهن هوءَ اڪيلي گهر ۾ روئڻ لڳندي هئي، ۽ بيشمارمکيون اچي هن کي وڪوڙي وينديون هيون، تڏهن ڪم تان موٽي، کيس روئندي ڏسي، پرچائڻ بجاءِ، ماڻس ٻہ – چار ٻھارا ڦھڪائي ڪڍندي هيس – ”نڀاڳي رن، مغز کائي چٽ ڪيو اٿئي، ڪم تي نہ وڃان تہ پيٽ ڪيئن پالينديس!“ ٻن هٿن کائڻ کان پوءِ هوءَ ايئن هڪدم چپ ٿي ويندي هئي، ڄڻ ماڻس کيس ڪو چاڪليٽ ڏيئي ڇڏيو هجي!

سندس ننڍپڻ ايئن گذريو. جڏهن ڪجهہ وڏي ٿي، تہ پاڻ بہ ماءُ سان گڏ ٻھارو کڻي گهر گهر صفائي ڪرڻ لڳي. هن جي عمر جون ڇوڪريون ڪم ڪرڻ کان پوءِ نچنديون ٽپنديون هيون، پر هيءَ چپ چاپ الائي ڪھڙا ڪنا گهڙيندي هئي. پھرين تاريخ تي ٻيون سڀ ڇوڪريون مائرن کان روئي زور ڪري، چوڙين لاءِ ڪجهہ پئسا وٺنديون هيون، پر هن جو پاروٿن کاڌن ڪو ايڏو تہ من ڀريو هو، جو کيس ڪا بہ طلب ڪا نہ ٿيندي هئي. ماڻس ان تي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي: چي، ”منھنجي ڌيءُ جھڙي سدوري ڇوڪري ڪا دنيا ۾ مشڪل هوندي!“

ڀنگين جي برادريءَ ۾ جڏهن بہ ڪا شادي ٿيندي هئي، تہ هن جي ماءُ کي پنھنجي ڌيءَ جي بدصورتي ڏسي، ذري گهٽ روئڻ اچي ويندو هو. هوءَ پاڻ بہ ٽين جي دٻي مان ڀڳل آئيني ٽڪر ڪڍي، گهڙيءَ گهڙيءَ پنھنجو منھن پئي ڏسندي هئي، پر هن جو زردي مائل ڪارو رنگ، لاغر جسم، ننڍو قد ۽ ننڍڙيون ڪارن مرچن جھڙيون اکيون کيس ڪا بہ اميد نہ ڏيکاري سگهنديون هيون. نيٺ، مس مس جڏهن رحموءَ جي مائٽن هن لاءِ چورايو، تہ هن جي ماءُ مٿان ڄڻ موت جو پاڇو هٽي ويو.

نشو تہ هونئن ذري گهٽ سڀئي ڀنگي ڪندا هئا، پر رحمو ان ڳالھہ ۾ سڀني جو سردار هو. هو پنھنجي سڄي پگهار چرس تي وڃائي در در ڀٽڪندو هو، پر انھيءَ ڳالھہ بہ هن جي ماءُ جي دل نہ لُڏي هئي. برادريءَ جا سڀ ڇوڪرا شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌبا ڏسي، هن کي رحمو ٻڏل ٻيڙيءَ جي ڪک مثل سانڌڻ لائق نظر آيو. ڪھڙو بہ هو، پر نازيءَ جو مڙس تہ سڏبو! نشئي هو تہ ڇا؟ ۽ نازي وري ڪھڙي هئي جو هوءَ کيس اڃان ڪنھن اميد تي ويھاري!

رحمو سول اسپتال ۾ نوڪري ڪندو هو. پنھنجو ننڍو ڪوارٽر هوس. جڏهن نازي رحموءَ جي گهر آئي، تہ هن پنھنجون ٻئي ٻانھون ڪانچ جي چوڙين سان ڀري ڇڏيون هيون، ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پاتا هئا. ماڻس خوشبوءَ وارو تيل وارن ۾ ايڏو تہ وڌو هوس، جو سندس پيشاني بلڪل ڏامر جيان چلڪڻ لڳي هئي.

هوءَ پنھنجين ننڍڙين اکين سان رحموءَ جي هر هلت امنگن ڀريءَ دل سان جاچيندي هئي، پر چار ڏينھن چاھہ جا، رحمو وري پنھنجي نشي پتي کي لڳي ويو. هڪ ڏينھن، ڪنھن ڳالھہ تان بگڙي، کيس ايڏي تہ سخت مار ڏنائين جو هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا – ۽ نازي جا سمورا امنگ انھن نيرن نشانن هيٺان دٻجي مري ويا.

پھرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري وئي، ۽ پوءِ رحموءَ جي روز روز جي مارن کيس هيري ڇڏيو. هاڻي تہ مار بہ کاڌي ۽ هوا وانگر سندس زندگيءَ جي ضرورتن ۾ شامل ٿي وئي هئي. جيڪڏهن کيس ڏينھن لنگهي مار نہ ملندي هئي، تہ کيس محسوس ٿيندو هو، ڄڻ سندس زندگيءَ مان ڪا اهم چيز خارج ٿي وئي هجي.

هن ڏٺو تہ ڪڏهن رحمو نشي ۾ ڀينرن کي گاريون ڏيئي کانئن پئسا گهرندو هو. وڏي، جيڪا شڪل جي ڪجهہ چڱي هئي، اها وڌيڪ پئسا آڻيندي هئي. پوءِ رحمو ديسي شراب جي بوتل وٺي، سڄي رات پيئندو بہ هو ۽ بڪندو بہ هو. انھن سڀني ڳالھين هن جي دل ۾ نہ نفرت پيدا ڪئي، نہ ڏک ۽ نہ وري کيس ڪا حيرت ئي ٿي.

نازيءَ کي بہ ڪوشش سان سول اسپتال ۾ نوڪري ملي وئي – اوڻيتاليھہ رپيا پگهار، اسپتال ۾ گهمندي ڦرندي، هن کي اتان جون چڱيون خبرون پئجي ويون. کيس خبر پئي تہ خيرو ڊريسر وڏيءَ هلنديءَ وارو آهي، جنھن کي وڻيس، ان جي بدلي ڪرائي ڇڏي. جڏهن رحموءَ جون ڀينر شادي ڪري ويون، ۽ کيس ٻہ ٻار بہ ٿيا، تڏهن کيس نشي لاءِ پئسا پورا نہ پوندا هئا. هو نازيءَ کي مار تہ اڪثر ڏيندو ئي رهندو هو، پر هڪ ڏينھن پئسن گهرندي هن کيس ايتري تہ مار ڏني، جو هوءَ رتورت ٿي پئي. ٻئي ڏينھن هوءَ خيري وٽ ويئي ۽ کانئس ڪجهہ قرض گهريائين. خيري جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن کيسي ۾ هٿ وجهندي، آهستي کيس ڪجهہ چيو. پھرين هوءَ گهڙي کن خاموش رهي، ۽ پوءِ خيري جي هٿن مان پنج رپيا وٺي هلي وئي.

* * *

چانڊوڪيون راتيون هيون. هوءَ پنھنجي ڪوارٽر ٻاهران کٽ تي ستي پئي هئي! رحمو نشو پيئڻ ويو هو. رات اڌ کي سڻائي ٿي هئي، پر هن کي ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. پيشگي رقم رحمو ڳارڻ ويو هو، هينئر جڏهن پئسا بہ ڪتب اچي ويا، تہ کيس ان جو عيوض تہ ڏيڻو هو. پري، هر ڪو پنھنجي پنھنجي ڪوارٽر ٻاهران ننڊ ۾ بي خبر ستو پيو هو. ماٺ ميٺ لڳي پئي هئي، رکي رکي چوڪيدار جو آواز – هوشيار، خبردار – پئي گونجيو، ۽ چوڪيدار جي آواز تي آئي ننڊ بہ هن جي اکين مان اڏامي پئي وئي. اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ ڳالھہ تري آئي. هوءَ ٽپ ڏئي اٿي ويٺي. جڏهن چوڪيدار گهمندو ڦرندو هن جي ويجهو آيو، تہ هن آهستي کيس سڏيو: ”او چاچا، هيڏي تہ اچ!“ جيئن ئي هو کيس ويجهو آيو، تہ تيزيءَ سان اٿي کيس پنھنجين ٻانھن ۾ جهلي ورتو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي – ”چور! چور! …… بدمعاش!….. پڪڙيو!، پوڙهو چوڪيدار هڪو ٻڪو ٿي ويو، سمجهہ ۾ نہ ٿي آيس تہ هيءُ ڇا ٿي رهيو هو. هن جي اکين مان ننڊ جا گهيرٽ ايئن اڏامي ويا، جيئن آئيني جي شعاعن تي ڪانوَ ڀڄي ويندا آهن. رڙين تي ماڻھو مڙي ويا. سڀ هن کي لعنت ملامت ڪرڻ لڳا. هن جو ڪنڌ شرمساريءَ سان جهڪي ويو. نازيءَ جو آواز هن جي ڪنن ۾ انجڻ جي گڙگڙاهٽ جيان گونجي رهيو هو. هن گهڻو ئي چيو، پر ڪنھن کي بہ سندس ڳالھہ تي يقين نہ آيو. جڏهن هن جو پٽ نوازو گوڙ تي اٿي آيو، تہ کيس پنھنجي جوان پٽ سان اکين ملائڻ جي همت نہ ٿي سگهي. نوازو حيران هو تہ ڪھڙيءَ طرح پنھنجي پيءُ کان ڪو سوال پڇي. ”ابا، خدا واحد شاهد آهي.“ پوڙهي ستون اٺون دفعو وري ساڳي ڳالھہ ڪري ٻڌائي. سنھن قسم کنيا، پر نازيءَ جي گوڙ تي ڪنھن بہ مٿس يقين نہ آندو. ڀلا، زال ذات اهڙو ڪوڙ ڪيئن ڳالھائيندي؟

ٻئي ڏينھن وڏي صاحب وٽ قصو بيان ٿيو، ۽ هن اهڙي بدچال چوڪيدار کي نوڪريءَ کان برطرف ڪري ڇڏيو. جُون جي گرم ٻن پھرن ۾، روئندو ڪوارٽر خالي ڪري، هو ٻئي ڪٿ قسم آزمائي ڪرڻ هليو ويو. ان وقت خيري مڇن تي هٿ ڦريندي گلوءَ کي چيو: ”ڪني آڱر وڍي ڀلي! هر ڪنھن وٽ نياڻيون آهن.

* * *

نئين صاحب جي اچڻ کان پوءِ، پھرين تہ نازيءَ کي بنگلي تي ڪم ڪندي ڪجهہ تڪليف ٿي، پر پوءِ نيٺ هري وئي. هوءَ بنگلي جو سارو ڪم خاموشيءَ سان ڪري هلي ويندي هئي، ۽ ڪيترو بہ وڌيڪ ڪم کيس ملندو هو تہ هن جي پيشانيءَ تي شڪن بہ ڪا نہ ايندي هئي. ٻين ڪمن وارين زالن وانگر، هوءَ ڪڏهن بہ هتان جون ڳالھيون ڪڍي نہ ويھندي هئي، کيس پنھنجي ڪم سان ڪم هوندو هو، ان ڪري هوءُ مالڪياڻيءَ کي ڏاڍو پسند اچي وئي. سال کن ٿي ويو پر مالڪياڻيءَ هن جي جاءِ تي ٻئي ڪنھن کي نہ آندو هو.

ڪم ڪري جڏهن هوءَ ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن خميسي سان ويھي اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪندي هئي. سندس سارو ٿڪ اڏامي ويندو هو. خميسو بنگلي تي بورچيءَ جو ڪم ڪندو هو. شڪل جو اهڙو هو، جنھن کي رات جو ڪو ٻار بہ ڏسي تہ هوند ڊڄي وڃي. نازي آهستي آهستي سندس زندگيءَ ۾ ائين سمائجي ويئي، جيئن ننڊ ٿڪل انسان جي پلڪن ۾ اچي ان جي آرام جو باعث بڻبي آهي. هو روز هن لاءِ ٻيڙيون وغيرہ بچائي رکندو هو. جڏهن منجهند جو هڪ ڏيڍ– وڄي ويندو هو ۽ نازي اڃا بنگلي اندر ڏسبي هئي، تڏهن خميسي کي خيال ايندو هو تہ هيءَ ڪھڙي نہ ايماندار ۽ محنتي عورت آهي! ڀٽڪندي ڀٽڪندي، ٻہ قبيح پيڪرن ۾ ڦاٿل روح، هڪ ٻئي جي ويجهو آيا هئا. جن کي ٻيا سڀ حقارت سان ڏسندا هئا، جن ننڍپڻ کان وٺي ماڻھن جون ڇڙٻون سٺيون هيون. اهي جڏهن گڏ ويھي پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا هئا، تڏهن کين محسوس ٿيندو تہ جيڪو ڏکن ڀريو ماضي هو گذاري آيا آهن، نہ اهو ئي ڪا اهميت جھڙي چيز هئي، ۽ نہ مستقبل، جيڪو هنن لاءِ پنھنجي جهول ۾ الائي ڇا کڻي اچي رهيو هو. هنن لاءِ حال اهڙو تہ مسرت ڀريو، اهڙو تہ حسين هو جو هنن انھيءَ کان پري ڪجهہ ڏسڻ ئي نہ پئي چاهيو.

خميسو، جيڪو نازيءَ کان وڌ بدصورت هو، تنھن ڪڏهن بہ هن جي حسين هجڻ جي تمنا نہ ڪئي هئي: انھيءَ ڳالھہ نازيءَ جي دل ۾ بي انت خوداعتمادي ڀري ڇڏي. صاف سادن ڪپڙن ۾، ڦڻيءَ ڏنل وارن سان، جڏهن هوءَ عجيب بيفڪريءَ سان ٻھارو ڪلھي تي کڻي هلندي هئي، تڏهن لڳندو هو، ڄڻ ڪو سپاهي جنگ جي محاذ تي ويندو هجي. سندس انھيءَ لوڏ تي کيس اسپتال جي ملازمن وٽان لقب مليو هو ”وڏيري“. جڏهن پٽيوالا کيس ايئن ويندي ڏسندا هئا، تہ هڪٻئي کي مرڪي چوندا هئا: وڏيريءَ جي چال تہ ڏس!“

* * *

هوءَ بنگلي جي ويجهو پھچي وئي، پر سندس خيالن جو سلسلو اڃا بہ هلندو پئي آيو. گذريل هفتي کان جڏهن صاحب خميسي جي اڍنگائين کان تنگ ٿي، کيس ڪڍي، ان جي جاءِ تي فضلوءَ کي رکيو ويو هو. تڏهن کان هن جي ڪم مان دلچسپي ئي نڪري وئي هئي. انھيءَ بنگلي ۾، جتي هوءَ پھرن جا پھر لڳائي ڇڏيندي هئي، هينئر ڪم ڪندي سندس دل ئي ڪا نہ ٿيندي هئي. کيس ايئن ويڳاڻو ڏسي، مالڪياڻي چوندي هئي: ”ڇو، نازي، خوش تہ آهين؟ طبعيت ٺيڪ نہ هجيئي تہ هلي وڃ، باقي ڪم پاڻيھي فضلو ڪندو.“

”نہ، بيگم صاحب“، ايئن چئي، هوءَ وري ڪم کي لڳي ويندي هئي- پر سڄو وقت سندس روح ڪٿ ٻئي هنڌ پيو وسندو هو. هن خميسي جي ڪمي فضلوءَ مان مٽائڻ پئي چاهي، پر فضلوءَ جي هلت هن جي تن بدن ۾ چوچڙي لڳائي ڇڏيندي هئي. هن جي ننڍڙين ڪارين اکين ۾ سوچ سمايل هئي تہ هوءَ کانئس ڪيئن وير وٺي.

وارڊ بواءِ ۽ پٽيوالن کان وٺي ڪمپائونڊرن تائين – سڀني لاءِ هوءَ چانھہ جي گرم ڪوپ جيان هئي، جنھن کي حاصل ڪري سندن دماغي ڪلفتون دور ٿي وينديون هيون، پر خميسو انھن سڀني کان اڳتي هو. خميسو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بدصورت هو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بيوقوف هو، اهو نازيءَ لاءِ دنيا جي پھرين ۽ آخري مسرت هو.

ان ڏينھن، صبح سوير، هوءَ بنگلي جي ويجهو پھتي تہ هن ڏٺو، فضلو باغ مان گلدستا کڻي بنگلي اندر پئي آيو. هن هيڏانھن هوڏانھن ڏٺو. مالھي واھہ تان پاڻي ڀرڻ ويو هو. ڀنگي پري اسپتال جي صفائي ڪري رهيا هئا. هوءَ نخري سان ٻھارو لوڏيندي هن جي ويجهو هلي آئي، ۽ پنھنجين ننڍڙين اکين ۾ مستي ڀري فضلوءَ کي چيائين:

”فضلو ٻيڙي تہ پيئار! “

فضلوءَ منھن ورائي، ڪرڙيءَ اک سان کيس ڏٺو، ۽ چڙ مان چيائينس، ”مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا! هل هل، ڪانھي ٻيڙي!“ پوءِ هو تڪڙو تڪڙو بنگلي اندر هليو ويو. نازيءَ کي محسوس ٿيو، ڄڻ ڪا بندوق جي گولي هن جي وارن کي ڇھندي اڳتي هلي هجي وئي. فضلوءَ جي انھيءَ بيرخيءَ، اها خوداعتمادي، جيڪا خميسي جي پيار هن جي دل ۾ پيدا ڪئي هئي، برف جيان ڳاري ڇڏي.

هوءَ چڙ ڀريءَ سوچ ۾ بنگلي جو ڪم ختم ڪري نڪتي، تہ کيس مالڪياڻيءَ کان ماني وٺڻ بہ وسري وئي. زناني وارڊ وٽان لنگهندي، هن ڏٺو تہ خيرو دوا جي شيشي کڻي ڊاڪٽر سان گڏ وڃي رهيو هو. هوءَ هن جي ڀرسان لنگهي وئي، پر خيري ڊاڪٽر جي خوف کان ڏانھس نھاريو بہ ڪو نہ. هونئن تہ هوءَ سندس انھن چالاڪين تي خوش ٿيندي هئي، پر اڄ هن کي ڄڻ باھہ وٺي وئي. هن دل ئي دل ۾ کيس گار ڏيئي ڪڍي – ”سڀ سوئر جا ڦر آهن!“

سانجهيءَ جو هوءَ گاسليٽ وٺي ڦاٽڪ لنگهي رهي هئي، تہ گلو کيس گڏجي ويو. هميشہ موجب، پنھنجا پيلا ڏند ڪڍي گلوءَ کيس چيو: ”اچ، وڏيري ڪا خبر چار ڪر-“ نازيءَ زخمي شينھڻ جيان کيس ڏسندي، سگريٽ مروڙي کڻي هيٺ ڦٽو ڪيو ۽ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. گلو اهڙو تہ وائڙو ٿي ويو، ڄڻ رات جو چنڊ بجاءِ سج اڀرندي ڏٺو هئائين.

* * *

هن خميسي کي پنھنجي نور جو قسم کڻي يقين ڏياريو هو تہ ”جي هن اسپتال ۾ نوڪري نہ وٺي ڏيانءِ، تہ مئي پڄاڻا بہ شڪل نہ ڏسجانءِ!“ جوش ۾ اچي هن خميسي کي ٻول تہ ڏنو هو، پر هينئر هوءَ ڪري تہ ڇا ڪري؟ ٻہ هفتا لنگهي ويا، پر ڪو کڙتيل نہ نڪتو. هڪ ڏينھن هوءَ ڪم ختم ڪري گهر پئي وئي، تہ رستي ۾ خميسو ملي ويس. کيس مايوسيءَ مان ڏک ڏوراپا ڏنائين، ۽ چيائين: ”تون مون کي اجايا دلاسا ٿي ڏين. هاڻي آءٌ شھر ڇڏي هليو ويندس، من ڪٿي نصيب لڳي وڃي!“ خميسو پوءِ ڪاوڙ ۾ گهڻو ئي ڳالھائيندو رهيو، ۽ نازي گم سم کيس ڏسندي رهي. جڏهن خميسو اٿي هليو ويو، تہ هن کيس روڪيو بہ ڪو نہ. گهر وڃي، هوءَ پنھنجي ڇنل کٽ تي ليٽي پيئي. منجهند جو رحمو گهر آيو. تہ چلھہ ۾ باھہ نہ ڏسي ۽ نازيءَ کي بالم جيان کٽ تي ستل ڏسي، جوش ۾ ڀرجي ويو. کڻندي ئي ڪاٺي، کيس مارڻ شروع ڪيائين. ڏاڍي ڀڃ ڪڍيائينس. ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پيو، تڏهن اطمينان سان ويھي ٻيڙي پيئڻ لڳو. خلاف معمول، هن دفعي مار کائيندي، نازيءَ هٿ بہ آڏو ڪو نہ ڏنو، نڪي واتان ٻڙڪ ئي ٻوليائين. ٿوريءَ دير کانپوءِ، خاموشيءَ سان اٿي ماني تيار ڪرڻ لڳي وئي. جڏهن رحمو کائي ڍوءَ ڪري ٻاهر هليو ويو، تڏهن کن پل سوچي، ”ڊي ڊي ٽي“ پائوڊر جي چپٽي ڀري، پاڻيءَ ۾ ملائي، پي وئي.

سندس حالت ابتر ٿي وئي، پر جلد ئي پتو پئجي ويو، ۽ وقت سر سندس علاج ڪيو ويو. جڏهن خميسي کي خبر پئي، تہ هو سندس جانباز محبت جو اهڙو تہ قائل ٿي ويو. جو نازيءَ کي چيائين، ”منھنجو توسان سر لڳي! ايڏي ڪاوڙ ڪبي آهي ڇا! جي مري ويندين تہ بہ تنھنجو مجاور ٿي گذاريندس، پر پيءُ ڏانھن اک کڻي نہ نھاريندس!“

نازيءَ زهر ڇو کاڌو، ان جي تہ خود هن جي ملائڪن کي بہ خبر ڪا نہ هئي، پر ان جو اثر اهو ٿيو جو خميسي پنھنجو پرديس وڃڻ ملتوي ڪيو، تہ رحموءَ الڳ سندس خوشامد ڪئي. اسپتال جي لوهي پلنگ تي ليٽي، پنھنجي هن بي ساختہ لغزش جو سٺو نتيجو ڏسي، هوءَ دل ئي دل ۾ مرڪندي رهي – ليڪن مرڪندي مرڪندي، جڏهن بہ فضلوءَ جي شڪل هن جي ذهن آڏو آئي ٿي، تہ کيس هڪ عجيب اذيت جو احساس ٿيڻ لڳو ٿي.

رحمو اڪثر ساڻس وڙهندو هو، ان ڪري سڄيءَ اسپتال ۾ مشھور ٿي ويو تہ هن مڙس جي جهڳڙي کان تنگ ٿي، زهر کاڌو هو. هڪ خسيس ڀنگياڻيءَ لاءِ ايتري سوچ ويچار جي ڪنھن کي ضرورت هئي؟ ٻہ ڏينھن نوڪرن ۾ سندس ذڪر هلي وسري بہ ويو.

هفتو کن بستري تي رهي، نازي وري پنھنجي اڳينءَ ڪرت کي لڳي وئي. انھن ڏينھن ۾ خميسي ۽ ٻين ملازمن جي خوشامد هن جي دل ۾ بيحد خوشي آڻي ڇڏي هئي. هوءَ پنھنجي اهميت محسوس ڪرڻ لڳي، ۽ سوچڻ لڳي تہ هاڻي هوءَ ڪڏهن بہ مرڻ جي خواهش ڪا نہ ڪندي.

* * *

آچر جو ڏينھن هو. صبح جو نازي بنگلي تي آئي، تہ صاحب جن کي ٻاهر وڃڻ جي تيارين ۾ ڏٺائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ سڀ ٻاهر هليا ويا. هوءَ بہ جلد صفائي ڪري، گهر هلي وئي. شام جو هوءَ وري بنگلي تي آئي. کانئس وسري ويو تہ بنگلو بند آهي. فضلو بورچيخاني جي در وٽ بيٺو هو. نازيءَ کي ايندو ڏسي چيائين:

”ڇو آئي آهين؟“

”صفائي ڪرڻ،“نازيءَ تُنديءَ مان جواب ڏنو.

”بنگلو بند آهي. سڀاڻي اچجانءِ“

نازيءَ وڃڻ لاءِ وک وڌائي تہ فضلوءَ کي ڪجهہ ياد اچي ويو. اڳتي وڌي، کيس ٻانھن کان پڪڙي چيائين: ٻڌ تہ نازي تو زهر ڇو کاڌو هو؟“

نازيءَ جي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي. هن جون ننڍيون اکيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ ماٺ بيٺي رهي، ڪو جواب نہ ڏنائين. اوچتو ئي سندس ذهن ۾ هڪ خيال آيو. بجليءَ جھڙي تيزي سان، ٻئي هٿ ٻھاري ۾ وجهي، هڪٻئي پويان فضلوءَ جي مٿي تي ڦھڪائي ڪڍيائين. سر جون تيليون هن جي هٿن ۽ ٻانھن ۾ چڀي ويون، ۽ گوڙ تي آسپاس جا ماڻھو مڙي آيا.

____________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

 

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button