Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ناڪام سسٽم، ڪمزور  وفاق ۽ آئين جو الميو: پاڪستان جون سياسي حقيقتون

پاڪستان جي باني جي ايمبولينس جي جبري خرابي کان وٺي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين تائين ۽ هاڻي وري جبري ”صوباگردي“ تائين جهڙا اصطلاح به بحث جو حصو بڻجي ويا آهن. هي سڀ معاملا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته رياستي ۽ سياسي سطح تي کليل ڳالهه ٻولهه، شفافيت، وفاق ۽ اڪاين جي وچ ۾ نئين سوشل ڪنٽريڪٽ ڪرڻ جي اڳ کان وڌيڪ ۽ شديد ضرورت آهي. پاڪستان کي جيڪڏھن واقعي هڪ سگھارو ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻو آهي ته ان لاءِ سڀ کان پهرين نئون آئين تيار ڪرڻو پوندو ۽ عملي طور تي لاڳو بہ ڪرڻو پوندو. وفاق تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن سڀني اڪاين کي برابر عزت، وسيلن جو اختيار ۽ آئيني حقن جو مڪمل تحفظ حاصل هوندو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

سڪندر گلاب سومرو

پاڪستان جي سياسي تاريخ تي نظر وجھئون ٿا تہ، هڪ ڳالهه چٽي طرح سان سامهون اچي بيھي ٿي. اھا ھي تہ: هتي وقت بوقت ”سسٽم جي ناڪامي“ يا ”سسٽم جي خاتمي“ جون ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون يعني ”سسٽم ناڪام ٿي ويو آھي“ جو اعتراف ڪرڻ ڪو نئون نياپو ناھي. بنيادي سوال ھي آهي ته: ڇا پاڪستان ۾، واقعي ڪو اهڙو جمهوري ۽ آئيني نظام مڪمل طور قائم ٿي سگهيو آهي جنهن کي تباهه ٿيل قرار ڏجي؟ يا وري اسان ھن ڳالھ تي اعتبار ڪريون تہ اسان هڪ اهڙي رياستي ڍانچي اندر رهون ٿا جتي مختلف ادارا پنهنجي پنهنجي آئيني اختيار ۽ دائري کان ٻاھر نڪري ۽ اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن جنهن جي سبب جمهوريت، آئين ۽ وفاقي اصول بار بار آزمائشن جو شڪار ٿيندا رهيا ۽ ٿيندا رھن ٿا؟ حقيقت ھي آهي ته ”سسٽم ناڪام ٿي ويو“ جهڙا تصور گهڻو ڪري اهي ماڻهو استعمال ڪندا آهن، جن جو عوامي سياست، سياسي جدوجهدن يا چونڊ عملن سان پري پري جو بہ تعلق ناھي هوندو. ھيءَ بہ حقيقت آھي تہ اهڙا نرالا خيال ۽ گفتا اڪثر انهن ماڻھن جي واتان سامهون ايندا آهن جيڪي پاڪستان جي اقتداري ڍانچي يا اختياري ادارن جي ويجهو سمجهيا ويندا آهن. خيال ۽ گفتا بعد ۾ جڏھن زبانِ زدِ عام جو موضوع بڻبا آھن تھ ملڪ ۾ ڪيئي طوفان اٿي پوندا آھن.

ھن سڄي طوفاني اوٿاري جي ابتڙ، سياسي جماعتون ۽ جمهوري عمل سان لاڳاپيل ماڻهو وقتي بحرانن جي ور چڙھڻ ۽ سخت اختلافن جي باوجود، سسٽم کي ڊاهڻ جي بدران ان جي سڌاري جي ڳالهه ڪندا آهن ڇاڪاڻ جو، جمهوريت جو بنيادي اصول ئي اهو آهي ته ملڪ ۾ سياسي تسلسل کي جاري رکندي انهن کي وڌيڪ شفاف، جوابداري ۽ عوام دوست بڻايو وڃي. جمهوري نظام جي سڀ کان وڏي طاقت آزاد، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون هونديون آهن. جڏهن عوام کي پڪ ھوندي آھي ته سندن ووٽ جو احترام ڪيو ويندو ۽ چونڊيل حڪومتون پنهنجي آئيني مدي کي پورو ڪنديون تہ سياسي استحڪام بہ پيدا ٿيندو. بار بار چونڊ عمل بابت پيدا ٿيندڙ شڪ، حڪومتن جي ڪاروھنوار ۾ مداخلت ۽ مدو پورو ڪرڻ اڳ گھر ڀيڙو ڪرڻ جون ڳالھيون يعني سسٽم ناڪام چئي غيريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ رڳو سياسي ڌرين کي نه پر سڄي رياست کي متاثر ڪنديون آھن. سياستدانن تي تنقيد جمهوريت جو حسن ۽ سياست جو حصو آهي. سندن پاليسين، فيصلن ۽ سياسي ٺاھن تي شديد اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ھن ڳالھ کي نظر انداز نھ ڪرڻ گھرجي تھ پاڪستان جهڙي گهڻ قومي، گهڻ لساني ۽ وفاقي ملڪ ۾، مختلف قوميتن، ثقافتن ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو ۽ اعتماد قائم رکڻ جو ڪم سياسي پارٽيون ئي بھتر انداز سان ڪري سگھن ٿيون.

ماڻھن جي وچ ۾ رابطو ۽ اعتماد بحال رکڻ جو ڪم فطرتي طور تي سياست جو ئي حصو آهي. سياسي پارٽيون ئي مختلف علائقن، برادرين ۽ سماجي طبقن کي هڪ آئيني ۽ جمهوري فريم ورڪ اندر گڏ بيھارڻ جي سگھ رکن ٿيون. ياد رکڻ گھرجي تہ: ”جيڪڏهن مختلف قومتين ۽ ثقافتن جي وچ ۾ اعتماد ڪمزور ٿيندو تہ سياسي عمل ڪمزور ٿيندو؛ ۽ سياسي عمل ڪمزور ٿيندو ته وفاقي وحدت به ڪمزور ٿيندي. جڏھن وحدت ڪمزور ٿيندي آھي تھ بين الاقومي طاقتون ۽ دشمن ملڪ ان جو خوب فائدو کڻن ٿا.“ تاريخ شاهد آهي ته طاقت، جبر يا خوف ذريعي رياستن کي ڪجھ وقت جي لاءِ بي رحم (ھارڊ اسٽيٽ) رياست تہ بڻائي ۽ عوام کي خاموش ته ڪري سگهجي ٿو پر سگھارو نٿو بڻائي سگهجي. لَٺ، دٻاءُ، گرفتاريون يا کنڀڻ ۽ ٻيا سخت طريقا مسئلن کي ڪجهه وقت لاءِ ھڪ پاسي تھ ڪري سگهن ٿا پر انهن جو مستقل حل نٿا ڏئي سگھن. سگھاريون ۽ عوام دوست رياستون آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، ادارن جي جوابدهي ۽ عوام جي اعتماد تي بيهنديون آهن نڪي طاقت ۽ ذاتي خواھشن جي زور تي اڳتي وڌنديون آھن.

 پاڪستان جي سياسي، سماجي، تعليمي  ۽ معاشي ارتقا ۾ هڪ اهم مسئلو ھي به رهيو آهي ته ملڪ جي قيام کانپوءِ آئين سازي ۾ بہ ڄاڻي واڻي دير ڪئي وئي. نتيجي طور ملڪ ۾ جمهوري ادارا جڙي سگھيا نہ ملڪ استحڪام کي حاصل ڪري سگھيو. حقيقي وفاقي اصولن تي مڪمل عملدرآمد ٿي نھ سگهيو ۽ نقصان ھي ٿيو تہ ھڪ صوبي کي ڇڏي باقي صوبن ۾ ھي احساس پيدا ٿيڻ لڳو ته سندن وسيلن، حقن ۽ سڃاڻپ سان ناانصافي ٿي رهي آهي. پوءِ جڏھن اهڙن احساسن کي وقت سر حل نه ڪيو وڃي ته وفاقي هم آهنگي تي ناڪاري اثر پيدا ٿيڻ اڻٽر ردِ عمل ئي ھو ۽ آھي. پاڪستان ۾، ڪيترن ئي حساس معاملن تي بحث ٿيندو رهيو آهي.

پاڪستان جي باني جي ايمبولينس جي جبري خرابي کان وٺي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين تائين ۽ هاڻي وري جبري ”صوباگردي“ تائين جهڙا اصطلاح به بحث جو حصو بڻجي ويا آهن. هي سڀ معاملا ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته رياستي ۽ سياسي سطح تي کليل ڳالهه ٻولهه، شفافيت، وفاق ۽ اڪاين جي وچ ۾ نئين سوشل ڪنٽريڪٽ ڪرڻ جي اڳ کان وڌيڪ ۽ شديد ضرورت آهي. پاڪستان کي جيڪڏھن واقعي هڪ سگھارو ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻو آهي ته ان لاءِ سڀ کان پهرين نئين آئين کي تيار ڪرڻو پوندو ۽ عملي طور تي لاڳو بہ ڪرڻو پوندو.

رياستي ادارن کي پنهنجي آئيني اختيارن ۽ حدن اندر رهندي ڪم ڪرڻو پوندو. ميرٽ کي ترجيح ڏيڻي پوندي ۽ ذاتي يا گروهي مفادن بدران قومي مفادن (قومي مفادن جي تعريف / وصف بہ اڃان غير واضح شڪل ۾ آھي) کي اهميت ڏيڻي پوندي. وفاق تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن سڀني اڪاين کي برابر عزت، وسيلن جو اختيار ۽ آئيني حقن جو مڪمل تحفظ حاصل هوندو. جڏهن به ”سسٽم جي ناڪامي“ جو اعتراف ڪيو وڃي ٿو ته ان سان گڏ انهن ناانصافين جو به ذڪر ضرور ٿيڻ گهرجي جيڪي مختلف دورن ۾، آئين، وفاقي اصولن ۽ ننڍن صوبن سان ٿيون آهن. جيڪڏهن ”پڇاڻو ۽ حل“ صرف من پسند موضوعن تائين محدود رهندو ته مسئلن جو حقيقي حل نڪرڻ ڏکيو عمل ٿي پوندو. انصاف جو تقاضو ھي آهي ته هر معاملي کي هڪجهڙي معيار سان ڏٺو وڃي. هڪ ٻي اهم ڳالهه ته: پاڪستان ۾ ڪيترائي سياسي تجربا ڪيا ويا ۽ اھي سڀ جا سڀ ناڪام ٿيا تھ انهن مان ڪو (مستقل) سبق حاصل نه ڪيو ويو. سياستدانن کي مڪمل سياسي ماحول نه مليو، چونڊ عمل تي بار بار سوال اٿيا ۽ پوءِ ساڳيي نظام کي ناڪام قرار ڏنو ويو. اهڙي صورتحال ۾، عوام جو اعتماد به متاثر ٿئي ٿو ۽ عالمي سطح تي ملڪ جو تصور به ڪمزور ٿئي ٿو. سياسي استحڪام جو اقتصادي ترقي سان سڌو تعلق هوندو آهي. جڏهن ملڪ اندر سياسي غيريقيني، آئيني تڪرار يا ادارن بابت سوال موجود هجن ته سيڙپڪار محتاط ٿي ويندا آهن. سرمائيداري جو دارومدار رڳو اقتصادي پاليسين تي نه پر سياسي اعتماد، قانون جي حڪمراني، شفاف ادارن ۽ ماحول تي به هوندو آهي. جيڪڏهن سياسي عمل ڪمزور ٿيندو ته سيڙپڪاري، روزگار ۽ اقتصادي ترقي به متاثر ٿيندي. پاڪستان وٽ قدرتي وسيلا، نوجوان آبادي، جغرافيائي اهميت ۽ بي پناهه صلاحيت موجود آهي. انهن صلاحيتن کي قومي ترقي ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ مضبوط آئيني ادارا، آزاد چونڊون، وفاقي هم آهنگي، شفاف طرزِ حڪمراني ۽ قانون جي عملداري لازمي آهي. رياستن جي طاقت اختلاف کي دٻائڻ ۾ نه، پر اختلاف کي آئيني ۽ جمهوري انداز سان حل ڪرڻ ۾ هوندي آهي. پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار ھنن سوالن جي جوابن ۾ لڪل آھي. ڇا اسان آئين کي سڀني کان مٿانهون مڃون ٿا؟ جمهوريت کي مسلسل هلڻ ڏيون ٿا؟ سياسي اختلافن کي برداشت ڪريون ٿا ۽ وفاق جي سڀني وحدتن کي برابر عزت ۽ حق ڏيون ٿا؟ جيڪڏهن ھنن سوالن کي عملي طور اختيار ڪيو وڃي ۽ غير جانبدار ٿي ڪري جواب ڏنو وڃي ته پاڪستان نه رڳو سياسي طور وڌيڪ مستحڪم ٿي سگهي ٿو پر اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ جي راهه تي به اعتماد سان اڳتي وڌي سگهي ٿو. سگھاريون رياستون طاقت جي زور تي نه پر متفق آئين، فعال جمهوريت، جوابداري ادارن ۽ مطمئن شهرين جي بنياد تي تعمير ٿينديون آهن. ذھن ۾ ويھارڻ گھرجي تھ: ”رياستون انياءُ سان نھ پر اعتماد سان اڳتي وڌنديون  آھن ۽ خوشحالي خبرون پيش ڪرڻ سان نھ پر حقن جو خيال رکڻ سان ايندي آھي.“ آخر مظھر عباس جي ھن گفتي سان پڄاڻي ٿا ڪيون: ”سياست جوڙندي آھي، ٽوڙيندي ناھي. سياست اصولي ٿيڻ گھرجي نڪي وصولي.“  

________________

سڪندر گلاب سومرو ڪراچيءَ م رھندڙ فري لانس ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button