سنڌي ادب: سنڌ اول سنڌ آخر (نثري نظم)
شاعر: نثارٻانڀڻ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نثار ٻانڀڻ اصل خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواھ جي ڳوٺ مير محمد ٻانڀڻ جوآھي. کيس مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو پنجويھ ورھين جو تجربو آھي. حُن ٽي سال صحافت بہ ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ھڪ سرڪاري اداري سان لاڳاپيل آھي. انگريزي، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ اسڪرپٽ رائيٽنگ، اسڪرين رائيٽنگ، شاعري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ جي حوالي سان کيس ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپجندا رھن ٿا.

سنڌ اَول سنڌ آخر
هيءَ جيڪو اوهان سمجهي ويٺا آهيو
ته ڪجھ ڪاغذن تي
ليڪون پائي،
صدين جا فطري دنگ ۽ ناتا ٽوڙي ڇڏيندئو،
دريائن جي وهڪرن کي روڪي ڇڏيندئو،
۽ مائرن جي دعائن جا لهجا
بدلائي ڇڏيندئو…
ته ٻڌو!
هيءَ ڌرتي رڳو مٽي ناهي،
هيءَ شهيدن جي رت جي امانت آهي،
هوشو ھيمون دودو دولھ جي للڪار آهي،
هيءَ هاريءَ جي پگهر جي خوشبو آهي،
هيءَ صوفين جي صدائن جو سفر آهي،
هيءَ محبت جو اهو ڏيئو آهي
جيڪو طوفانن ۾ به روشن رهيو آهي.
اوهان نفرت جا ڪيترائي بازار سجايا،
ورهاست جا،
ٻولين جا،
سڃاڻپ جا.
اوهان ڪيترائي ڪردار لٿا،
ڪيترائي چهرا بدلايا،
۽ هن ڀونءِ جي اسٽيچ تي
سازشن جا ناٽڪ کيڏيا.
پر ياد رکو…
تاريخ جي در تي
جڏهن عوام دستڪ ڏيندو آهي،
ته محلن جون ڀتيون به
ڏڪي ڏار پئجي ويندا آهن
اهو اهان خوب ڄاڻو ٿا.
جن نسلن جا خواب
اقتدار جي ميزن تي وڪامندا رهيا،
جن محبتن جي وچ ۾
ديوارون اڏيندا رهيا،
جن سنڌ جي مٽيءَ کي
سياست جي منڊيءَ ۾ توري وڪڻڻ گهريو…
سي سڀئي ڪانئر ٻڌي ڇڏين
هاڻي هيءُ واپار نه هلندو.
هيءَ سنڌ آهي…ماءُ آهي ڌڻين جي،
جتي درياهه به شاهدي ڏئي ٿو،
جتي واريءَ جي ذرڙن ۾
مزاحمت جي خوشبو وسندي آهي،
جتي هر نسل سکيو آهي
ته غلاميءَ جي رات
ڀلي ڪيڏي ڊگهي هجي،
پر صبح جو سج
رستو وساريندو ناهي.
ون يونٽ جي اونداهين ۾
جنهن آواز ڏيئا ٻاريا هئا،
جمهوريت جي قافلن ۾
جنهن رت راهون روشن ڪيون هيون،
ساڳيو آواز اڄ وري چوي ٿو
نه ڌرتي کسڻ ڏينداسين،
نه سڃاڻپ مٽجڻ ڏينداسين،
نه نفرت جي واپارين کي
پنهنجي گهر جو نگهبان بڻجڻ ڏينداسين.
ٻڌو، اي تختن جا وارثو!
سنڌ کي ٽوڙڻ
رڳو هڪ صوبي کي زخمي ڪرڻ ناهي،
اهو ته سڄي وطن جي سيني ۾
خنجر هڻڻ آهي.
جيڪي سمجهن ٿا
ته قومن جا روح
حڪمن سان بدلجي ويندا آهن،
سي وساري ويٺا آهن ته
درياهه جو رخ روڪي سگهجي ٿو،
پر ان جي اُڃ ناهي ماري سگهبي.
ڏيئو وسائي سگهجي ٿو،
پر صبح کي قيد نٿو ڪري سگهجي.
سنڌ رهندي…
پنهنجي خوشبوءَ سان،
پنهنجي صدين جي تھذيب تمدن سان،
پنهنجي ماڻهن سان
۽ تاريخ لکندِي
جيڪي ورهاست جا خواب ڏسندا هئا،
سي وقت جي ملبن هيٺ دفن ٿي ويا.
۽ جن محبت،
وحدت،
۽ انصاف جو جهنڊو کنيو،
سي ايندڙ نسلن جي آواز بڻجي ويا.
ڌرتي ورهائبي ناهي…
ڇاڪاڻ تہ ڌرتي
نقشن ۾ نه،
دلين ۾ وسندي آهي.
__________________

نثارٻانڀڻ


