Editor's pickMain Slideماحول

آبهوا جي تبديلي ۽ موسمياتي شدت بايوڊائيورسٽيءَ کي ڪيئن تباھ ڪري رهيا آهن

آبهوا جي تبديلي ڌرتيءَ جي زنده نيٽورڪ لاءِ هڪ بنيادي خطرو آهي

ليکڪ ڊاڪٽر حسن حميده  

ڪِيل، جرمني: ڌرتيءَ تي زندگي هڪ انتھائي پيچيده گھڙيال جي ميڪانيزم وانگر آهي. لکين سالن کان، ٻوٽا، جانور ۽ مائڪرو آرگنزم (مائڪرو جيو) هڪ ٻئي سان هم آهنگ ٿي ويا آهن، جنهن سان هڪ پائدار توازن قائم ٿيو آهي. پر اڄ، انسان جي پيدا ڪيل آبهوا جي تبديلي ۽ شدت اختيار ڪندڙ موسمياتي حالتون هن حساس ڍانچي تي هٿوڙي وانگر اثر انداز ٿي رهيون آهن.

جيئن ئي گرمي پد رڪارڊ حد تائين پهچي ٿو ۽ ڏڪار يا تيز ٻوڏون هلي رهيون آهن، رڳو موسم ئي بي قابو نٿي ٿئي بلڪ عالمي بايوڊائيورسٽي (جيو تنوع) جو بنياد ئي ٽٽي رهيو آهي.

ٻوٽا، ايڪو سسٽم جا دٻاءُ هيٺ آيل بنياد: ٻوٽا تقريبن سڀني زميني رهائشگاهن جو بنياد آهن. پرائمري پروڊيوسرز (بنيادي پيداوار ڪندڙن) جي طور تي، اهي سج جي روشنيءَ کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪن ٿا، جنهن سان خوراڪ ۽ رهائشگاهه ٻئي ملن ٿا. پر، آبهوا جي تبديلي انهن تي ٻن پاسن کان حملو ڪري ٿي: آهستي آهستي وڌندڙ گرمي ۽ اوچتن سخت موسمياتي واقعن ذريعي.

گلوبل وارمنگ جي ڪري، آبهوا جا زون قطبن يا مٿاهين جبلن ڏانهن تيزيءَ سان منتقل ٿي رهيا آهن. ٻوٽن جون ڪيتريون ئي جنسون، خاص طور تي ڊگهي عمر وارا وڻ، هن لڏپلاڻ جي رفتار کي پهچي نٿا سگهن. ان سان گڏ، شديد ڏڪار ۽ گرميءَ جون لهرون (هيٽ ويوز) پڻ شامل آهن. اهي ٻوٽن ۾ پاڻيءَ جي شديد ڪمي جو سبب بنجن ٿيون، انهن جي فوٽوسنٿيسس (روشنائي ترڪيب) جي صلاحيت کي گھٽائين ٿيون، ۽ ٻيلن کي جيتن جي حملن جي اثر هيٺ آڻين ٿيون. ان کان علاوه، جڏهن موسمياتي شدت جهڙوڪ ٻيلن جي باهه يا طوفان لکين هيڪٽر نباتات کي تباھ ڪن ٿا، ته اهي صرف جاندارن کي ئي نٿا مارين بلڪ پوري منظرنامي کي ئي سدائين لاءِ تبديل ڪري ڇڏين ٿا.

جانور، لڏپلاڻ، اوور هيٽنگ، ۽ هم آهنگيءَ جي ڪمي: جانور تبديليءَ جو ردعمل ڏيڻ ۾ وڌيڪ متحرڪ آهن، پر اهي جلدي اهڙين حدن سان ٽڪرائجن ٿا جن کي پار ڪرڻ ناممڪن آهي. ڪيتريون ئي جنسون گرميءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجون جاگرافيائي حدون تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. ان سان جاندارن جي برادرين جون بنهه نيون ترڪيبون وجود ۾ اچن ٿيون، جنهن سان خوراڪ ۽ علائقي لاءِ اڻڄاتل مقابلو شروع ٿئي ٿو.

حيوانات تي سخت موسم جا اثر انتھائي تباھ ڪندڙ آهن

گرميءَ جون لهرون: پکين ۽ ٿڻن وارن جاندارن ۾ انتھائي هيٽ اسٽريس (گرميءَ جو دٻاءُ) ۽ ڊي هائيڊريشن (پاڻيءَ جي ڪمي) جو سبب بنجن ٿيون. سمنڊن جون هيٽ ويوز: مرجان جي پٿرن (ڪورل ريفس) کي تباھ ڪن ٿيون، جنهن سان سمنڊن جا سڀ کان وڌيڪ بايوڊائيورس ايڪو سسٽم ڊهي پون ٿا.

ٻوڏون: زمين تي رهندڙ جانورن کي ٻوڙي ڇڏين ٿيون ۽ انهن جي آشيانن واريون اهم جڳهيون تباھ ڪري ڇڏين ٿيون. سڀ کان اهم مسئلو فينولوجيڪل ڊي ڪپلنگ آهي يعني وقت جي هم آهنگي ختم ٿيڻ. ڪيترائي پکي پنهنجي نسل جي واڌ جو وقت تڏهن رکندا آهن جڏهن بهار جي موسم ۾ سُنڊين (ڪيٽرپلرز) جي آبادي عروج تي هوندي آهي. جيڪڏهن بهار تمام تيزيءَ سان گرم ٿي وڃي، تہ سُنڊيون هفتا اڳ ئي مري پون ٿيون. جڏهن لڏپلاڻ ڪندڙ پکي پهچن ٿا، تڏهن انهن کي پنهنجن بچن لاءِ باقائدي خوراڪ نٿي ملي. هڪ ٻئي تي ڀاڙڻ جو هي نيٽورڪ ٽٽي پوي ٿو.

مائڪرو آرگنزمز: تڪليف ۾ مبتلا انھيءَ فطرت جي پويان مائڪرو آرگنزمز (مائڪروڪ جيو) جي دنيا موجود آهي. بيڪٽيريا، فنگس ۽ هڪ گھرڙي وارا جاندار ڌرتيءَ جي غذائي چڪر کي هلائين ٿا، نامياتي مادي کي تحليل ڪن ٿا ۽ مٽيءَ کي زرخيز بڻائين ٿا. اهي گرمي پد ۽ نمي جي تبديلين تي انتھائي حساسيت سان ردعمل ڏين ٿا. گرميءَ جي ڪري مٽيءَ ۾ مائڪروبيل تجزيو (decomposition) تيز ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهو ٻڌڻ ۾ نقصانڪار نٿو لڳي، پر هي زمين ۾ موجود آرگينڪ ڪاربن کي تيزيءَ سان فضا ۾ CO_2 جي صورت ۾ خارج ڪري ٿوجيڪو هڪ خطرناڪ فيڊ بئڪ لوپ آهي. ان کان علاوه، موسمياتي شدت مائڪرو ڪوزم (ننڍڙي دنيا) جو توازن بگاڙي ڇڏي ٿي:

پرمافراسٽ (برفيل زمين) جو ڳرڻ هزارين سال پراڻن مائڪروبس کي جاڳائي ٿو، جڏهن ته مسلسل ڏڪار ٻيلن جي مٽيءَ ۾ موجود فائديمند مائڪورائيڪل نيٽورڪ (فنگس ۽ ٻوٽن جي ڄڙن جو باهمي تعلق) کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو. ان سان گڏوگڏ، گرم ۽ نمي واريون انتھائي حالتون بيماريون پکيڙيندڙ فنگس ۽ بيڪٽيريا کي وڌڻ جو موقعو ڏين ٿيون، جنهن سان ڪمزور ٻوٽا ۽ جانور وڏي پيماني تي انفيڪشن جو شڪار ٿين ٿا.

خطري ۾ پيل توازن، تباھيءَ جو ڊومينو اثر: بايوڊائيورسٽي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو صرف هڪ جنس جي ناپيد ٿيڻ ۾ ناهي، بلڪ ڊومينو اثر ۾ آهي. جيڪڏهن پزل جو هڪ ٽڪرو نڪري وڃي ٿو، تہ پورو سسٽم لوڏي ۾ اچي وڃي ٿو. جڏهن ٻوٽا ڏڪار سببان پنهنجن جيتن (پوليٽيٽرس) جي اڀرڻ کان اڳ ئي گل ڪري ڇڏين ٿا، تڏهن ٻوٽن جي نسل جي واڌ ۽ جيتن جي خوراڪ ٻئي متاثر ٿين ٿا. جيڪڏهن جيت گھٽجي وڃن ٿا، تہ پکين ۽ جل ٿلي (امفيبين) جاندارن جي آبادي پڻ تباھ ٿي وڃي ٿي. حياتياتي تنوع جي نقصان ذريعي، فطرت پنهنجي “ريزيليئنس” (يعني موسمياتي شدتن جهڙن جھٽڪن مان ٻيهر بحال ٿيڻ جي صلاحيت) وڃائي ويھي ٿي.

هڪ اهڙو ٻيلو جتي رڳو هڪ ئي قسم جا وڻ هجن (Monoculture)، اهو ڏڪار کان پوءِ پوريءَ ريت سڙي ڇار ٿي ويندو آهي؛ جڏهن ته تنوع واري مڪسڊ جيو ٻيلي ۾، وڌيڪ مضبوط جنسون نقصان کي سنڀالي وٺنديون آهن.

آبهوا جي تبديلي ڪو الڳ ٿلڳ فضا جو طبعي مسئلو ناهي؛ هي ڌرتيءَ جي زنده نيٽورڪ لاءِ هڪ بنيادي خطرو آهي. گرميءَ جو هر ڏهون حصو ۽ رڪيل هر هڪ سخت موسمياتي واقعو اهو طئہ ڪري ٿو ته ڇا اسان جي جا ايڪو سسٽم ڪارآمد رهندا يا نه. تنهنڪري، عالمي آبهوا جي تحفظ ۽ بايوڊائيورس رهائشگاهن جي مسلسل حفاظت رڳو فطرت جي بچاءُ جا عمل ناهن، اهي بايوئسفيئر (حياتياتي دائري) ۽ پوري انسانيت لاءِ هڪ انشورنس پاليسي آهن.

___________

حسن حُميدہ، جرمني

Dr-Hassan-Humeida-310x330

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button