سنڌي ادب: ساههُ سڀني کي ڏاڍو ساري ٿو (غزل)
ادبي دنيا ۾ علي عابد سومرو جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ علي محمد سومرو شڪارپور ضلعي جي تاريخي ڳوٺ ”ميان جو ڳوٺ“ جو آھي. صحافت، ادب، ترجمو، اشتهارسازي ۽ ڪريئيٽِو رائيٽنگ ۽ علائقائي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ جو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي جو تجربو اٿس. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ايم. اي. (سنڌي ادب) ۽ ايم. اي. (انٽرنيشنل رليشنز) جون ڊگريون حاصل ڪيل اٿس. ھن وقت ڪراچيءَ ۾ مارڪيٽنگ ۽ ڪميونيڪيشنز جي اداري ۾ ڪم ڪري ٿو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾پهرين کان اٺين درجي تائين اٺ درسي ڪتاب شايع ٿي چڪا اٿس، جيڪي سنڌ جي نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ان کان سواءِ ٻارن لاءِ سندس شاعريءَ جو ڪتاب “ڊڄڻو گدڙ” پڻ شايع ٿي چڪو آهي.

ساههُ سڀني کي ڏاڍو ساري ٿو (غزل)
روز تنهائين سان گهاري ٿو ،
شخص هڪڙو توکي سنڀاري ٿو.
راتِ ئي رات بس ڏئي ويون آن ،
يادِ جا دِيپَ ويٺو ٻاري ٿو .
فاصلا ايترا ته اڳ نه هئا ،
وقتُ جن کي پيو وڌائي ٿو .
دوستَ وِڇڙي به ڪونه ٿا وسرن،
ساههُ سڀنيءَ کي ڏاڍو ساري ٿو.
________________

علي عابد سومرو



