سنڌي ادب: بُک مهانگي، موت سستو ڪيستائين؟ (نظماڻو نثر)
شاعر: نثار ٻانڀڻ
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نثار ٻانڀڻ اصل خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواھ جي ڳوٺ مير محمد ٻانڀڻ جوآھي. کيس مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو پنجويھ ورھين جو تجربو آھي. حُن ٽي سال صحافت بہ ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ھڪ سرڪاري اداري سان لاڳاپيل آھي. انگريزي، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ اسڪرپٽ رائيٽنگ، اسڪرين رائيٽنگ، شاعري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ جي حوالي سان کيس ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپجندا رھن ٿا.

بُک مهانگي، موت سستو ڪيستائين؟
ڪفن کان مهانگو اٽو آهي،
ٻن ويلن جي ماني غريب ڪٿي ٿو کائي؟
هڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ
هو پنهنجي ڄمار وڪڻي ٿو اچي،
۽ خالي هٿين موٽي پنهنجي
ٻارڙن کان اکيون ٿو لڪائي.
ماءُ چلھ جي رک ۾ پنهنجا لڙڪ لڪائي ٿي،
۽ بک ٻارن جي وهاڻن هيٺان
سڄي رات بکايل لوليون ڳائي ٿي.
اٽو مهانگو آهي،
چانورن جي اگهه ۾
ٻارن جي مرڪ گروي آهي،
دالين جي اگهن ۾
ماءُ جي ممتا سڙي ٿي،
ڀاڄيون، گوشت، دوائون
هر شيءِ جي نرڙ تي
مهانگائيءَ جو خنجر رکيل آهي.
چلھ، هاڻي چلھ ناهي،
گهر جي سيني تي رکيل هڪ سرد پٿر آهي،
جنهن هيٺان بک سڏڪي ٿي،
۽ ٻار مانيءَ جا خواب ڏسندي ڏسندي
ننڊ ۾ به رڙن ٿا.
پيءُ بازار مان موٽي ٿو ته
سندس هٿ خالي ناهن هوندا،
انهن ۾ کنيل هوندا آهن
ڪيترين اڌورين خواهشن جا لاش،
۽ کيسي ۾ پيل ٿورا سڪا
سندس سڄي ڄمار جي پورهئي کي
چٿرون هڻندا آهن.
ماءُ اٽي جي دٻي ۾
پنهنجون آڱريون ڦيرائي ٿي،
ڄڻ تازي کوٽيل قبر ۾
پنهنجي ٻار جو نالو ڳوليندي هجي،
پوءِ چپن تي مرڪ سجائي چوي
”اچو ٻارو! اڄ بک سان لڪ لڪوٽي ٿا کيڏون.“
ٻار مرڪن ٿا،
ماءُ جون اکيون ڀرجي اچن ٿيون
ڪجهه رانديون ننڍپڻ مان نه،
مجبوريءَ مان جنم وٺنديون آهن.
ٻار ماني گهري ٿو،
پيءُ آسمان ڏانهن نهاري ٿو،
پر خدا ۽ سندس وچ ۾
مهانگائيءَ جا اوچا مينار بيٺل آهن،
۽ انهن مينارن تي ويٺل ماڻهو
عوام جي بک کان بيخبر پنهنجي خوشحاليءَ جا جشن ٿا ملهائين.
بجليءَ جو بل اچي ٿو ته
گهر جي روشنيءَ کان اڳ
پيءُ جي چهري جو نور وسامي ٿو،
گئس جا اگهه وڌن ٿا ته
رک ۾ دٻيل چڻنگن سان گڏ
ماءُ جون اميدون به ٿڌيون ٿي وڃن ٿيون، پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته
مزدور جي پيرن هيٺان
روزگار جو رستو کسجي وڃي ٿو،
پاڻي مهانگو ٿئي ٿو ته
اُڃ به کيسي ۾ سڪا ڳولڻ لڳي ٿي.
جيئڻ مهانگو، مرڻ مهانگو،
پوءِ موت سستو ڪيستائين؟
هي ڪهڙو زمانو آهي، جو دوا وٺڻ لاءِ
زندگيءَ جا ڏينهن وڪڻڻا پون ٿا،
۽ ڪفن خريد ڪرڻ لاءِ زنده ماڻهوءَ کي پنهنجي آخري آس به گروي رکڻي پوي ٿي!
غربت رڳو خالي پيٽ جو نالو ناهي،
اها ان پيءُ جي چيلھ جو ڀڄڻ آهي
جيڪو ٻارن جي سامهون
پنهنجا ڳوڙها ڳهي وڃي ٿو،
اهو ان ماءُ جو ڏک آهي
جيڪا پنهنجو حصو کائڻ بدران
ٻارن جي پليٽن ۾ رکي ٿي،
اها اُها ممتا آهي
جيڪا بک سان وڙهندي وڙهندي
پنهنجي ئي وجود ۾
ذرو ذرو سڪي وڃي ٿي.
۽ ڳوڙها؟
هاڻي اهي اکين مان نٿا ڪرن،
شايد اکين روئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اهي دل جي تھ ۾
خاموشيءَ سان سڪن ٿا،
۽ انهن جو لوڻ روح جي زخمن ۾
هر روز لهي ٿو.
ڪڏهن ڪنهن غريب جي سيني ۾
جهاتي پائجو، اتي هڪ سمنڊ آهي،
جنهن جو سمورو پاڻي
ڏکن جي اُس پي وئي آهي،
اتي لهرون نٿيون اٿن،
رڳو لوڻ بچيو آهي
۽ هڪ اهڙي اُڃ،
جيڪا ڳوڙهن سان به
اُجهامي نٿي سگهي.
هوڏانهن ايوانن ۾
اسان جي ٽيڪسن سان
دسترخوان سجن ٿا،
هيڏانهن ڪنهن گهر ۾
پيءُ مانيءَ جو آخري ٽڪرو
ٻار جي پليٽ ۾ رکي
پاڻي پي سمهي پوي ٿو.
هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي،
جو ووٽ ڏيندڙ هٿ مانيءَ لاءِ ٽنگجن ٿا،
هيءُ ڪهڙو اقتدار آهي،
جنهن جي محلاتن جي بنياد ۾
عوام جو پورهيو پوريل آهي،
۽ ڇتين تان غريبن جي خوابن جو رت
مينهن بڻجي وسي ٿو؟
ڪٺ پتليءَ جي هن راند ۾
ڏور ڪنهن جي هٿ ۾ آهي؟
فيصلا ڪير لکي ٿو؟
۽ هر فيصلي جي قيمت
غريب ئي ڇو ٿو ڀري؟
هر سال نون وعدن جا ڪفن،
نون نعرن جي فاتحه،
نون ٽيڪسن جي صليب
۽ ساڳيا ماڻهو،
پنهنجي ئي ڪمائيءَ جي در تي
پنهنجي حق لاءِ سوالي بڻيا بيٺا آهن.
آخر ڪيستائين؟
ڪيستائين مائرون ٻارن جي بک کي
لوليون ڏئي سمهارينديون؟
ڪيستائين پيءُ پنهنجي بيوسيءَ کي
مرڪ پٺيان لڪائيندو؟
ڪيستائين نوجوان ڊگريون
بغل ۾ دٻائي پنهنجي عمر جي مٽي ڇاڻيندا؟ ۽ ڪيستائين ڪنهن غريب جو موت
هڪ معمولي خبر بڻجي
اخبار جي حاشيي ۾ دفن ٿيندو رهندو؟
هاڻي مٿي تي ڪفن ٻڌي نڪرڻو پوندو،
پر ڪنهن جو رت وهائڻ لاءِ نه،
پنهنجي جيئڻ جو حق گهرڻ لاءِ،
پنهنجن ٻارن جي حصي جي ماني
واپس وٺڻ لاءِ،
۽ انهن ايوانن کان حساب گهرڻ لاءِ
جن جا بنياد اسان جي پورهئي تي بيٺل آهن.
ماٺ جي قبر مان نڪرڻو پوندو،
بک کي آواز ڏيڻو پوندو،
پنهنجي ڏک کي سوال بڻائڻو پوندو،
۽ ان سوال کي هر در تائين پهچائڻو پوندو،
جتي فيصلا ته ٿين ٿا پر
بک جو آواز ڪونه ٿو پهچي.
ڇو ته ماني گهرڻ بغاوت ناهي،
زندگي گهرڻ ڏوهه ناهي،
پنهنجن ٻارن کي بک کان بچائڻ
ڪو گناهه ناهي.
اي اقتدار جا ڌڻيو!
اسان کي خيرات نه،
پنهنجي پورهئي جو حق گهرجي،
وعدن جا ڪاغذ نه،
چلهه ۾ ٻرڻ لاءِ ڪاٺيون گهرجن،
تقريبن جا گل نه،
ٻارن جي وات ۾ ماني گهرجي،
موت کان پوءِ ڪفن نه،
جيئري جيئڻ جو سامان گهرجي.
ياد رکو، جڏهن بک ڪنهن قوم جي رڳن ۾
رت جي جاءِ والارڻ لڳندي آهي،
جڏهن اکين جا سڀ ڳوڙها
دل ۾ سڪي ويندا آهن،
تڏهن ماٺ به هڪ ڏينهن
دانهن بڻجي ويندي آهي،
۽ دٻيل آواز ڀتين ۾ ڏار وجهي ڇڏيندا آهن.
ڪفن کان مهانگو اٽو آهي،
پر اسان جي زندگي
توهان جي ايوانن جي جاگير ناهي،
اسان پنهنجي ٻارن جي مستقبل تي
توهان جي عياشين جو قرض
وڌيڪ لکڻ نه ڏينداسين.
هاڻي ٻه ويلن جي ماني
غريب ڪٿي ٿو کائي؟
هو پنهنجن ٻارن جي خاطر
هر روز جيئندو رهي ٿو،
۽ هر روز ٿورو ٿورو مرندو رهي ٿو.
سندس اکين ۾ هاڻي ڪو ڳوڙهو ناهي،
سڀ دل ۾ سڪي ويا آهن
رڳو لوڻ بچيو آهي،
جيڪو هر ڌڙڪن سان گڏ
روح جي زخمن ۾ لهي ٿو.
ڪفن کان مهانگو اٽو آهي،
۽ بک کان سستي انسان جي حياتي!
اي اقتدار جا ڌڻيو!
ڪڏهن ان گهر ۾ به وڃجو،
جتي بک سمهي پئي هجي،
۽ ٻار پيءُ جي جيئري هوندي به
يتيم ٻارن وانگر سمهي پون.
پوءِ ٻڌائجو موت سستو ڪيستائين؟
۽ زندگي… آخر ڪيستائين
مانيءَ ڳڀي جي محتاج رهندي؟
____________

نثار ٻانڀڻ



