Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

سياست ۾ بنا ھٿيار ويڙھ جي طاقت: شاگردن جا احتجاج، مزاحمت جو نئون باب

ڀارت ۾ شاگردن جي تحريڪ آمريڪي مفڪر شارپ جي پرامن دفاع جي نظريي جي بنيادي تصور سياسي جيو-جتسُو Political jiu-jitsu (بنا هٿيارن جي وڙهڻ ۽ جسماني تربيت جو هڪ جاپاني نظام) کي مڪمل طور تي واضح ڪري ٿي.

سڄي هندستان ۾، شاگردن پوليس ۽ پئرا ملٽري جي بربريت جو جواب مٿن حملو ڪندڙن کي گُل ۽ کاڌو پيش ڪري ڏنو. جيئن جيئن حڪومت پنهنجي سختي وڌائي ۽ رڪاوٽون، ڳوڙھا آڻيندڙ گئس، بنا جواز گرفتاريون، لاٺبازي، ۽ ميٽرو اسٽيشنن جي بندش لاڳو ڪئي، عوامي همدردي شاگردن لاءِ وڌندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ رياست خلاف هڪ وسيع عوامي غصي جنم ورتو. وڏيون شخصيتون جيڪي وڏي عرصي کان خاموش هيون، نيٺ تحريڪ جي حمايت ۾ اڳتي آيون. لکين شاگردن کي متحرڪ ڪري، هن تحريڪ جديد هندستان کي ڏيکاريو ته شارپ جو سياسي جيو-جتسُو عملي طور تي ڪيئن ڪم ڪري ٿو.

ڪي. سَها دَيوَن، انڊيا

​مون کي خبر ناهي ته اڄ جي شاگردن جي احتجاجي تحريڪن جي گھڻن جوان اڳواڻن جديد پرامن مزاحمت جي نظرياتي باني آمريڪي مفڪر، پروفيسر، ۽ ليکڪ جين شارپGene Sharp  (1928–2018) کي پڙهيو آهي يا نه. پر، شارپ جي تحريرن ۽ سندس مشهور شاهڪار ڪتاب ‘دي پوليٽڪس آف نان وائلنٽ ايڪشن’ (1973) کان واقف ڪنهن به شخص لاءِ اهو ڄاڻڻ مشڪل ناهي ته اهي شاگرد احتجاج سندس ترتيب ڏنل پرامن مزاحمت جي 198 طريقن جا زنده مثال آهن.

​شارپ جو چوڻ آهي ته سياسي طاقت، چاهي اها آمريت واري هجي يا فاشسٽ رِجم جي، بنيادي طور تي پنهنجي شهرين جي رضامندي، تعاون ۽ اطاعت تي منحصر هوندي آهي. نتيجي طور، اها حڪومت ان پَل ئي تباهه ٿي ويندي جڏهن عوامي حمايت واپس ورتي وڃي. شارپ هڪ اهڙي رجم جي جواز ختم ڪرڻ جو علمي ۽ عملي خاڪو پيش ڪري ٿو، جيڪا جمهوريت جي نالي ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ فاشسٽ ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ لاءِ آئيني نظام کي منظم طريقي سان تباهه ڪري ٿي. سندس اهو ڪم پرامن ۽ منظم انڪار جي ذريعي اهڙين حڪومتن کي جهڪائڻ ۾ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.

​انتهائي حيرت جي ڳالھ آهي ته دهليءَ ۾ بالڪل تازي شاگردن ۽ نوجوانن جي تحريڪ شروعات کان وٺي آخر تائين پُرامن مزاحمت جي اصولن تي سخطيءَ سان عمل ڪيو. هر روز، لکين نوجوان ڪنھن مرڪزي اڳواڻيءَ بنا سڄي ملڪ ۾ متحرڪ ٿيا. هفتي تائين هلندڙ مظاهرن ۾ حصو وٺندي، ھنن غير معمولي نظم ضبط ۽ ضبطِ نفس جو مظاهرو ڪيو. سڄي تحريڪ دوران، اسان ڏٺو ته شهرين رياستي تشدد کي صبر سان برداشت ڪيو، سرڪاري حڪمن جي پُرامن طريقي سان نافرماني ڪئي، حڪومت جي وڌل رڪاوٽن کي ھٽائي نڪري ويا، ۽ سخت جسماني تڪليفن جي باوجود پنهنجو توازن قائم رکيائون.

​اهو عمل شارپ جي پرامن دفاع جي نظريي جي بنيادي تصور سياسي جيو-جتسُو Political jiu-jitsu (بنا هٿيارن جي وڙهڻ ۽ جسماني تربيت جو هڪ جاپاني نظام) کي مڪمل طور تي واضح ڪري ٿو. جيو-جتسُو هڪ جاپاني مارشل آرٽ آهي جنهن جو اصل مقصد مخالف جي ئي طاقت ۽ تحرڪ کي سندس ئي خلاف استعمال ڪرڻ آهي. سياسي جيو-جتسُو لاءِ سڀ کان پهريون شرط انتهائي منظم دفاع آهي.

​اسان شاگردن جي احتجاجن دوران هن حڪمت عمليءَ کي مختلف طريقن سان عمل ۾ ايندي ڏٺو. سڄي هندستان ۾، شاگردن پوليس ۽ پئرا ملٽري جي بربريت جو جواب مٿن حملو ڪندڙن کي گُل ۽ کاڌو پيش ڪري ڏنو. جيئن جيئن حڪومت پنهنجي سختي وڌائي ۽ رڪاوٽون، ڳوڙھا آڻيندڙ گئس، بنا جواز گرفتاريون، لاٺبازي، ۽ ميٽرو اسٽيشنن جي بندش لاڳو ڪئي، عوامي همدردي شاگردن لاءِ وڌندي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ رياست خلاف هڪ وسيع عوامي غصي جنم ورتو. وڏيون شخصيتون جيڪي وڏي عرصي کان خاموش هيون، نيٺ تحريڪ جي حمايت ۾ اڳتي آيون. لکين شاگردن کي متحرڪ ڪري، هن تحريڪ جديد هندستان کي ڏيکاريو ته شارپ جو سياسي جيو-جتسُو عملي طور تي ڪيئن ڪم ڪري ٿو.

​ان کان علاوه، نوجوانن جي تحريڪ انهن ئي هٿيارن کي ڪاميابيءَ سان رياست جي خلاف استعمال ڪيو، جن کي حڪومت ۽ ان جا اتحادي روايتي طور تي عوامي اٿل پٿل کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن، جهڙوڪ انٽرنيٽ جي بندش کان وٺي ميڊيا جي پروپئگنڊا تائين. مثال طور، جڏهن اختيارين احتجاج جي مرڪز جَنتر مَنتر تي انٽرنيٽ جي رسائي بند ڪئي، ته ڊجيٽل حقن جي تنظيمن ترت مداخلت ڪئي ۽ شاگردن کي متبادل، غير مرڪزي مواصلاتي نيٽ ورڪ هلائڻ جي تربيت ڏني.

​گذريل ڏهاڪي جي تجربي ڏيکاريو آهي ته سنگهه پريوار جو سوشل ۽ مين اسٽريم ميڊيا تي غلبو غلط معلومات ۽ عوامي احتجاجن جي تحقير لاءِ ڪيئن استعمال ٿيو آهي. پر هنن مظاهرن دوران، شاگردن جي جاندار ۽ حقيقي رپورٽن انسٽاگرام، X (اڳوڻو ٽوئٽر) ۽ فيس بڪ جهڙن پليٽفارمن تي رياستي پروپئگنڊا کي مڪمل طور دٻائي ڇڏيو. اسان حڪومت پسند “گوڊي ميڊيا” جي پڻ واضح تنهائي ڏٺي، جنهن کي شاگردن پاڻ احتجاجي جڳهن تان پري ڪري ڇڏيو.

​هندستان وٽ هڪ وسيع تاريخ موجود آهي جيڪا ثابت ڪري ٿي ته هٿياربند ۽ غير جمهوري حڪومتن خلاف شهرين وٽ پرامن مزاحمت ئي سڀ کان وڏو هٿيار آهي. اهو ئي انمول ورثو ھو جيڪو مهاتما گانڌي هندستاني آزاديءَ جي تحريڪ ذريعي دنيا کي تحفي ۾ ڏنو، ۽ شاگردن جي احتجاجن ان ميراث جو انتهائي خوبصورت استعمال ڪيو.

​اسان کي اهو سمجھڻو پوندو ته اڪيهين صديءَ ۾ لڙائي يا فوجي بغاوتون جمهوريت لاءِ هاڻي بنيادي خطرو ناهن رهيون. ان جي برعڪس، اسان اهڙا حڪمران ڏسون ٿا جيڪي جمهوري طريقي سان چونڊجي اچڻ جي باوجود نظام اندر ئي جمهوري ادارن ۽ قدرن کي منظم طريقي سان تباهه ڪن ٿا. اهي پنهنجي نظرياتي ايجنڊا کي باقاعده هلائڻ لاءِ آزاديءَ سان قائم عدليہ، انتظاميه، يونيورسٽين ۽ ميڊيا جهڙن ادارن جي سالميت سان سمجھوتو ڪن ٿا.

​شاگرد تحريڪ جديد هندستان کي واضح طور تي ڏيکاريو آهي ته اهڙي رِجم کان عوامي رضامندي ڪيئن واپس وٺبي آهي، ان جي حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪيئن ڪبو آهي، ۽ ان جي غير آئيني قدمن جي پرامن طريقي سان مزاحمت ڪيئن ڪبي آهي. ايئن ڪري، انهن بهادر نوجوانن نئين نسل کي ڏيکاريو آهي ته بنا ڪنهن خوف جي رياستي طاقت جو مقابلو ڪيئن ڪجي.

_______________

انگريزيءَ تان ترجمو: جيمناءِ. ايڊيٽنگ: نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button