راڻاسر جون رونقون: وسڪاري جي شام، واريءَ تي وسرام ، راڻاسر جي ڪپ تي
راڻاسر ترائي ۽ آسپاس جا ڪردار جديد سنڌي شاعري جي مهان ڪوي شيخ اياز کان وٺي اشوڪ شرما تائين جي شاعرن جو به موضوع رهيا آهن ۔

ڀارومل امراڻي
ٿر ۾ راڻاسر نالي ٻه تاريخي ماڳ آهن، هڪ راڻاسر چيلهار جي ڀر سان ترائي، ٻيو ڪارونجهر جي گود ۾ سارڌري جي رستي تي تلاءُ ، جيڪو هن وقت ڦٽي چڪو آهي پر ان جي ندي وهي اچي ٿي، چيلهار واري راڻاسر سان مختلف ڪهاڻيون لاڳاپيل آهن، هڪ راءِ موجب هتي هڪ پگ واه وهندو هو، زماني جي حالتن ۾ پگ واهه جي ڍهڻ کان پوءِ ترائي جي کوٽائي ٿي. هڪ فطري طور تي پاڻي جي بيهڻ جو ماڳ اڳ ۾ موجودهو. جنهن کي بعد ۾ کوٽائي ۾ آڻي سنواري سڌاري ترائي ٺاهي ويئي. اها ڪهڙي دور ۾ ٺهي؟ اهو وڏو سوال آهي. چيلهار ٿر جي انهن ڳوٺن ۾ شامل آھي جيڪي ٿر جي آڳاٽن وسندين ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، ٿر ۾ پاڻيءَ جي وسيلن جي نالن پويان ڳوٺ آباد ٿيا آهن، سر جي معنيٰ تلاءِ يا وڏي ترائي آهي . راڻا سر معنيٰ راڻي جو تلاءُ.
ننڍي کنڊ ۾ مختلف لقب مختلف راجائن مهاراجن ۽ اڳواڻن جي لاءِ منسوب ٿيل آهن جيئن ڄام، ڄاموٽ، راڻو، راءِ، مکي، ارباب ٽيلات وغيره . راڻو سوڍن جي صاحبي ۾ سوڍن جي اڳواڻ جي لاءِ منسوب ٿيو.
راڻاسر جي ترائيءَ جو ڪم ڪهڙي راڻي جي دور ۾ ٿيو.؟ هڪ راءِ آهي ته ڪلجي سوڍي جي زماني ۾ مرمت ٿي. مٽي کوٽي بند ٻڌو ويو. جنهن کي گڍ سڏيو وڃي ٿو. راڻو مينڌرو به هن تلاءَِ تي آيو هو. لوڪ جي روايتن موجب عمر سومرو جڏهن مارئي کي واپس ڪرڻ جي لاءِ هن ماڳ تي پهتو، ته مارئيءَ پنهنجي وطن ٿر جي اهڙي سونهن، جنهن ۾ تلاءَ، گهاٽا وڻ ٻوٽا، پکي پکڻ جيو جناور (چيلهار کي اولهندي پاسي مهراڻو لڳي ٿو ته ڏکڻ کان ڍٽ شروع ٿئي ٿي. ڍاٽ جي چيلهار شروعات آهي انهي ڪري زرخير علائقو) ڏٺيون تہ اکيون ڀرجي آيون . خوشيءَ ۾ دم پرواز ٿي ويس. مارئيءَ جي آخري آرام گاهه چيلهار جو هي ماڳ بڻيو.
چيو وڃي ٿو ته اٺين صديءَ تائين ٿر ۾ هاڪڙو وهندو هو. پوءِ ڪن سببن جي ڪري سُڪي ويو. پوءِ ماڻهن پاڻيءَ جي وسيلن ۾ ترايون تلاءِ ٺهرايا. جيڪي برساتي پاڻيءَ ۾ ڀرجن .
چيلهار کي آباد چيلي چارڻ ڪيو هو. مختلف ذاتيون پوءِ آباد ٿيون. ٿر ۾ سوڍن جي زور وٺڻ تي ساڏور سوڍن جا 12 ڳوٺ يعني 12 تڙ هوندا هئا هئا. انهن جا ٽيلات آکاڻي جا سوڍا هئا. جن ۾ جوجهار سنگهه مشهور سخي ڪردار ٿي گذريو آهي. آنٻجي سوڍو به راڄ نيتي جي حوالي سان نالو رهيو آهي.

راڻاسر جي ڀر سان سوڍن، سوٽهڙن، ڪنڀارن، مينگهواڙن جو قبرستان آهي. راڻاسر جي ڀر سان درويش احمد شاهه جي درگاهه آهي. هر سال احمد شاهه جي درگاهه تي خيرات ۽ جوجهار سنگهه جي پاڙئي تي ڪني ٿيندي آهي. جوجهارسنگهه جي پاڙئي تي لورٺيون لڳل هيون جيڪي نامعلوم ماڻهو هڪ ٻه ڪڍي ويا. هڪ ٽوڙي ويئي آهي.جوجهار سنگهه چارڻي ادب جو وڏو موضوع رهيو آهي. جُهونجار سنگهه تي سِرجيل لوڪ ڪوتا مان ڪوي چمن چارڻ جِي شاعري هتي ڏجي ٿي. (انهيءَ شاعري کي ڏوها / دوها چئجي ٿو. هِتي صرف ڪجهه دوها ڏجن ٿا، ”سوڍائڻ“ ۾ ڪافي شاعرِي موجُود آهي. هتان جي سُگهڙن کي پڻ ياد آهي).
هل هنيا ڪر هام، هلي جُوجهو جانچسان،
منگتا رو وسرام، موٽو ست ماسنگهه رو.
(اي منهنجا جيءُ! هلڻ جي ڪر، اُتي هلي صدا هڻ جتي جوجهي جِي جُوءِ آهي. جُونجهارِ سنگهه، ماسينگهه جو سَپُوت پُٽ، ڏاتار ۽ مڱڻهارن جو آسرو آهي.)
جاچڪ پاتو جُوجهو، آمُ مڇ پالتو مهراڻ.
سوڍو سُورج سريلو آنپڻي گڍ امراڻ.
(مڱڻهارن کي جُهونجهار سنگهه ايئن پالي ٿو جيئن مهراڻ درياءَ مڇين کي پالي ٿو، اهڙو سخي سوڍو سِج جهڙو سهڻو تيج وان آهي جو گڍ امراڻ انهي جي ناماچار ڪري ٿو.)
اهڙا ٻيا ڪيترائي لوڪ ساگر جا موتي آهن. اها شاعري پارڪر جي سُورمن، سوڍن ۽ ڪولهين جي ويڙهاند واري معرڪي جي واقعاتِي شعرن سان گڏ ”رهاڻ- رس“ ۾ ”اَملِ ڪَسُونٻا“آڇڻِ وارِي رسم ۾ هڪ خاص انداز سان ڳائبِي يا ترنم ۾ جُهونگاربِي آهي.
جهُونجهار سنگهه جِي ڪوٽڙِي (اوطاق) ۾ سدائين ميڙو متل رهندو هو. امل ڪسُونٻا ۽ رهاڻ-رس پئِي هلندِي هُئِي. چيو ٿو وڃي ته هڪ دفعو جهُونجهار سنگهه پنهنجي ساهرن جي ڳوٺ ويو، جتي جي ماڻهن کي هن جِي سخاوتِي نامُوس کان حسد هو، جهونجهار سنگهه ضرُورِي حاجت جي خيال سان جنگل۾ ويندي منگتي جو ضد ڏسي پريشان ٿي ويو، پر پالڻهار کي پتِ رکڻي هئي. ٿوريءَ دير ۾ جوڙُوئي (ڳوٺ) جي نُهڙين جي اُٺن جي قطار گُذرِي. نُهڙِي اوٺارِي ”بالُو ترا“ جي ميلي تان موٽِي اچي رهيا هئا. اُٺ کي ڏسندي جهُونجهار سنگهه منگتي کي چيو ته جيڪو انهن مان وڻئِي سو اُٺ کڻ. نُهڙين خوشيءَ مان هڪ اُٺ ڏنو، ۽ جهُونجهار سنگهه اوطاق تي واپس اچي اِهو قسم کڻي اُتان روانو ٿيو ته اڄ ڏينهن کانپوءِ اسانجي خاندان جي ماڻهو کي اوهان جو پاڻِي پيئڻ حرام آهي. اتفاق سان ٻئي ڏينهن سندس پُٽ پنهنجي ناناڻي اچي پُهتو. هن کي انهي ماجرا جي سُڌ نه هئي ۽ پاڻِي پيئڻ سان مري ويو!“

راڻاسر ترائي ۽ آسپاس جا ڪردار جديد سنڌي شاعري جي مهان ڪوي شيخ اياز کان وٺي اشوڪ شرما تائين جي شاعرن جو به موضوع رهيا آهن ۔
اڄ به منهنجي جندڙي راڻاسر تي رات
ڪيڏا منهنجي ڏات، تارا، تر تروڪڻيؤن.
(شيخ اياز )
راڻاسر ۾ رات،
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
ڍاڻي جِيبي ڀيل جي،
چوڏس چُپ چپات
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
ٽمڪي پيئي باهڙي،
ڀِٽون ڪن پيون بات.
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
چمڪي پئي چيلهار ۾،
ڏيئا بڻجي ڏات
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
تاڪ پَٽي تاريخ جو،
مون جيئن پاتي جهات
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
آئي سار سرير جي،
تڙپايو ڪنهن تات.
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
تاڙن تنوارون ڇڏيون،
مورن کاڌي مات.
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
ڀارو تنهنجي ڀونءِ تي،
گيتن جي برسات:
چوڏهينءَ جو چنڊ چوٽ تي
(تاج جويو )
رات راڻا سَرَ مٿان ڪو چنڊ جو شيشو ڀَڳو،
خواب مان ڇِرڪِي جڏهن هو جَرَ کي جاڳي مون ڏٺو،
منهنجي دل جي بيقراريءَ ڀِٽَ کي ڀاڪر ڀَريو،
درد الغوزي جيان ڄڻ روح ۾ وڄندو رهيو،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
هن سَمي جي ساهه ۾ ۽ سارَ ۾!
چاندنيءَ سان ڀاڪُرين آوارگي مهڪي پئي،
سُرت ساري ‘سارسن’ جي ٻولَ ٻاجهاري ٻَکِي،
ريت جي آڪاس ۾ ڪئن ننڊ سپنن جي ٽُٽِي،
هن گهڙيءَ، هن سانت ۾ ڪٿ ڍَٽَ جي ڍاڻي سُتِي،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
مندرن ۾، گهنڊَ جي گونجارَ ۾.
ڪنهن ٻُڌو سُرَ، سازَ جي آواز جو نغمو مِٺو؟
ڪنهن ڏنو آ گيتَ ۽ سنگيتَ کي گهائي گهُٽو؟
نغمگيءَ جي جهول ۾ آ ڪنهن مٿو پنهنجو رکيو؟
ڇو سدائين آ هوائن جي ڪُلهي ۾ ڪِينرو!
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
هر صدا جي سوزَ ۾، سُرَ تارَ ۾!
پاندَ منهنجي کي رنگيني ڄاڱِرين ٻيرين ڏني،
ٿوهرن جي ڏارين تي چيٽَ- برکا چاندنِي،
ڪُونڀٽن جون ٽاريون ٿيون دل تي ڇاڻن شاعري،
ڌُنڌلن ڪن درختن ڏي ڄڻ سڏي پئي زندگي!
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
منظرن جي موههَ ۾، مهڪارَ ۾!
وقت جي ويراني سان ڪنهن تَنَ کي توري رکيو،
‘ساڏوهين’ کي ساههَ ساري، ڏهر کي ڏوري رکيو،
سونهن جي ساڃاههَ کي آ درد جي ٿوري رکيو،
چاهتن جو چنگُ آهي چارڻن چوري رکيو،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
پيرَ جي هر ڇيرِ جي ڇمڪارَ ۾!
مان اڪيلو ڪينَ آهيان، پڊَ-پروانا اُڏن،
کوڙ راڻا سَر مٿان ٿا خيال ديوانا اُڏن،
مورَ جهڙا پَنکَ پَهري، نينهن نذرانا اُڏن،
رِند ٻَهڪن، مَڌُ چمڪي ۽ ٿا مئخانا اُڏن،
مون پُڪاريو: “تون ڪٿي آن”؟
تو چيو: “چيلهارَ ۾!”
اچ مسافر مَڌُ جي ملهارَ ۾!
(احمد سولنگي)
بيت:
گل گوماڻي جون ارپيل محبتون
راڻاسر جي ڪپ تي جيڪي هليا جام،
احمد ۽ تاج سان شاعري ڪئي شام،
عشق جي اڏام، راڻاسر رنگي ڇڏيو.
–
مينهوڳيءَ جي مند ۾، چمڪيو پئي چيلهار،
ڀارو جهڙي يار، محبت ۾ موهي ڇڌيو.
–
مينهوڳيءَ جي مند ۾، جڏهن کليا جام،
بي شڪ انهيءَ شام، ڀارو رنگ ڀري ڇڏيا.
–
سدا وسن مينهڙا، سدا هجي هٻڪار،
شال نه وسري دل تان، چري هي چيلهار،
اڄ به منهنجي نهار، ٿي ڏسي راڻاسر ڏي
(گل گوماڻي)
وسڪاري جي شام
واريءَ تي وسرام ،
راڻاسر جي ڪپ تي.
تارا ترسن رات جو،
چنڊ ڪري آرام،
راڻاسر جي ڪپ تي.
يار اجهي نه اساٽ آ،
پيتا ڪيئي جام!
راڻاسر جي ڪپ تي.
ڌرتي ڄاوا سڀ ڌرم،
ڌرتي کي پرڻام،
راڻاسر جي ڪپ تي.
(ڀارومل امراڻي)
ھوا ۾ گنگنائيندي
اکين سان مسڪرائيندي هوءَ راڻاسر جڏھن ايندي ….
ڪو ڇيڙي راڳ ملھاري،
گلابي گيت ڳائيندي،
هوءَ راڻا سر جڏھن ايندي ..
شهر چيلهار کان ايندي،
مندر جا گهنڊ وڄائيندي
هوءَ راڻا سر جڏھن ايندي ..
ھوء ڀاروء جي تہ ڀاڪر ۾،
سندي پايل سجائيندي
هوء راڻا سر جڏھن ايندي ..
اڙي او مرتضي پنهنجي،
هوء وک وک کي وڌائيندي، هوءَ راڻا سر جڏھن ايندي…،..
(مرتضي ڦل )
خُوشِِيءَ ۾ کِيرِيُون
راڻاسَر جُون رونَقُون!
جوڀَن رُتِ ۾ جِيئن،
ڇَلڪَن ٿِيُون ڇورِيُون. راڻاسَر جُون رونَقُون!
ٿِيُون گِيتَ ڳائِن گَڏِجِي،
سانوَڻ ۾ سَرتِيُون.
راڻاسَر جُون رونَقُون!
حَسِينَن جو هَلِي اَچَڻ،
ٽولَن ۾ ٽولِيُون
راڻاسَر جُون رونَقُون
ڀارُو ڀيڙا سَنگَتِي،
۽ شاهَ جُون وايُون.
راڻاسَر جُون رونقون
(اشوڪ شرما )
______________
ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



