Editor's pickMain Slideڪالم

سرحدن جي ڄار ۾ ڦاٿل ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ دنيا کي امن گھرجي

ڪو وقت ھو جڏھن انسان کي ويزا وٺڻ جي ضرورت هئي، نه پاسپورٽ ٺهرائڻ جي. جتي خوشي محسوس ڪندو هو، اتي پنهنجي مرضيءَ سان رهي پوندو هو، پر اڄ ايئن ناهي۔ هاڻوڪي دور ۾ انسان کي کوڙ پابنديون پون ٿيون. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا علائقا اڄ به آهن جتي سرحدون موجود هجڻ باوجود ماڻهن وچ ۾ ميل جول، واپار ۽ روزاني جي اچ وڃ تمام آسان آهي. اهي علائقا انساني تعاون جا دلچسپ مثال آهن.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

ڪو وقت هو، جڏهن انسان کائڻ پيئڻ، رهڻ، گهمڻ ۽ ڦرڻ ۾ مڪمل طور آزاد هو، جيڏانهن مرضي پوندي هئس، اوڏانهن نڪري ويندو هو۔ ڪڏهن جانورن سان گڏ جهنگن ۾، ڪڏهن ميداني علائقن ڏانهن، ڪڏهن جبل جهاڳيندو، ڪڏهن ريگستان ۾ رلندو، ڪڏهن درياهن ۽ سمنڊ ڪنارن تي کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيء جي تلاش ڪندو هئو، ان وقت کيس ڪا به روڪ ٽوڪ نه هئي، نه ته اڄ وانگر کيس ويزا وٺڻ جي ضرورت هئس، نه پاسپورٽ ٺهرائڻ جي گهرج، جتي خوشي محسوس ڪندو هو، اتي پنهنجي مرضيءَ سان رهي پوندو هو، پر اڄ ايئن ناهي۔ هاڻوڪي دور ۾ اهي سڀئي ڪم ڪرڻ لاءِ، انسان کي کوڙ پابندين سان منهن ڏيڻو ٿو پوي، انسانن جي اڪثريت مخصوص جاين تي ڪمائي، کائي پي، گهمي ۽ ڦري سگهي ٿي۔ وڌيڪ سير تفريح، پڙهائي يا علاج لاء به کيس نه رڳو ملڪن جي اجازت وٺڻي ٿي پوي پر، جهجهو ناڻو به خرچ ڪرڻو ٿو پويس۔

ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، اهو سڀ ان جي ترقيء سبب ٿيو۔ هن جيتري ترقي ڪئي اوتريون ئي ڄڻ ته پاڻ تي پابنديون لڳائي يا لڳرائي ڇڏيون آهن۔ ڪجهه ماڻهن کي ته پاڻ جهڙن انسانن تي اعتبار به ناهي رهيو، متان ٻاهريون ماڻهو اسان جي مرضيء خلاف ڪم نه ڪري، روزگار جي وسيلن، گهرن، بازارن، ڪارخانن ۽ واپارن تي حاوي نه ٿي وڃي۔ اسان جون ريتون رسمون، ٻولي، ثقافت ختم نه ٿي وڃي يا ڌارين جي ايتري لوڌ اچي جو، پاڻ مورڳو ئي بي وطن نه ٿي وڃون، اسان جو قومي تشخص داء تي نه لڳي وڃي۔ مطلب ته ڪروڙين ماڻهو، لکين وسوسن ۾ ورتل آهن، جڏهن ته انسان، انساني ضرورت هوندي به ڄڻ ته، ان لاء بي اعتبارو ٿي پيو آهي۔

ڪجهه اندازا لڳائجن ٿا ته، انسان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ لاء ڪري رهيو آهي، مان ڦلاڻي جو پٽ آهيان، منگي آهيان، ڦلاڻي شهر يا ڳوٺ جو رهواسي آهيان،  سنڌي، مهاجر يا سرائڪي به آهيان، ايراني، پاڪستاني، چيني، آمريڪي به آهيان، هندو، مسلمان، سک، يهودي، عيسائي ۽ پرشين به آهيان، ديوبندي، اهلحديث، بريلوي ۽ شيعو سڏائڻ به منهنجي ضرورت ٿي پئي آهي، جو مون کي گهرن جي وڏڙن کان وٺي سماج ۽ سياست جي ٺيڪيدارن، وقت جي حاڪمن، مذهبي عالمن جا حڪم به مڃڻا آهن۔ بس جيڪڏهن ناهيان ته رڳو ”اشرف المخلوقات“ ناهيان۔ انسان جو پاڻ توڙي پاڻ جهڙن سان اهڙي ورتاء، انسان کي انسان کان نه رڳو ڌار ڪيو آهي پر، ڌرتيء کي به ٽڪڙن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي۔

اصل ۾ ڌرتيءَ تي حدبندين ۽ سرحدي لڪيرن جي شروعات، منظم انساني سماجن، رياستن جي قيام سان ڳنڍيل رهي آهي. شروعاتي دئور جي انسانن وٽ اڄ وانگر مقرر حدون ۽ سرحدون نه هيون، هو ڪٽنبن، قبيلن ۽ ٽولن جي صورت ۾ رهندا ضرور هئا ۽ علائقا گهڻو ڪري طاقت، شڪار ۽ وسيلن جي آڌار تي ورهايل به هوندا هئا، پر اڪثر اهي اتان لڏي به ويندا هئا ۽ ايئن سرحدن تي خاردار تارون ۽ عملدار مقرر نه ڪندا هئا۔ سرحدن جي تاريخي ابتدا بابت ٻڌايو پيو وڃي ته، قديمي قبائلي دورن ۾ مختلف ڪٽنب، قبيلا ۽ نسل شڪارگاهن، پاڻيءَ جي ذريعن ۽ رهائشي هنڌن تي دعويٰ ڪندا هئا. اهي حدون اڪثر غير رسمي هونديون هيون، جن کي روايتن يا طاقتن ذريعي قائم رکيو ويندو هو۔ افسوس سان چوڻو ٿو پوي، انسان اڄ ڄڻ ته ساڳين قديم قبائلي دئورن کان به بدتر زندگي پيو جيئي ۽ پاڻ کي سڌريل سڏائڻ باوجود، اڃا سڌري ناهي سگهيو۔

زرعي انقلاب کان پوءِ، جڏهن انسان مستقل آباديون، ڳوٺ ٺاهڻ لڳو، تڏهن ان ۾ زمين جي مالڪيءَ جو تصور پيدا ٿيو، جيڪو اڄ تائين موجود رهندو پيو اچي. اڄ به انسانن کي زمينن، ڳوٺن ۽ حڪمرانيء جي حدبندين جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. بادشاهتي ۽ سلطنتي دئورن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ رياستن پنهنجون حدون مقرر ڪيون. جاسوسي چوڪين، قلعن ۽ قدرتي رڪاوٽن ذريعي پنهنجون سرحدون سنڀاليون. جديد ملڪي ۽ قومي رياستن جو دور 1648ع ۾ “Peace of Westphalia” جيڪو (يورپ ۾ ٿيل معاهدن جو مجموعو هئو، جنهن سان تقريباً 30 سالن کان جاري مذهبي ۽ سياسي جنگين جو خاتمو ٿيو. اهو معاهدو جرمني جي علائقي ويسٽ فيليا ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ طئي ٿيو.) جڏهن ته انکان پوءِ “خودمختيار قومي رياست” جو تصور مضبوط ٿيو ۽ نقشَن تي سرحدن کي واضح لڪيرن جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ويو.

18 ۽ 19هين عيسوي صديء جي نوآبادياتي دور ۾ آفريڪا، لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ يورپي طاقتن مقامي ماڻهن ۽ ثقافتن کي نظرانداز ڪندي، سرحدون مقرر ڪيون، جو اڄ به ڪيترائي سرحدي تڪرار انهن ئي فيصلن جو نتيجو آهن. سوال اهو به آهي ته، جڏهن سرحدن جا وجود پيا ان جا اصل سبب ڪهڙا هئا؟ ڇا اهو درست آهي ته، ڪجهه ماڻهن زمينن ۽ وسيلن تي پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ پئي چاهيو يا قانون، انتظام پنهنجي هٿ ۾ رکڻ، ٽيڪس گڏ ڪري عياشيون ڪرڻ، سياسي تحفظ جي نالي ۾ قومي، نسلي سڃاڻپ ۽ خودمختياريءَ جو اظهار ڪرڻ شامل هئو؟ هاڻي جڏهن ٽيڪنالاجي، عالمي واپار ۽ رابطن جي وڌڻ سان سرحدن جي عملي اهميت ڪجهه شعبن ۾ گهٽجندي نظر اچي رهي آهي، ڇا رياستون اڃا به پنهنجي سياسي قانوني خودمختياريءَ لاءِ سرحدن کي ضروري سمجهنديون؟

دنيا جا ڪجهه مفڪر، عالمي انساني توڙي ملڪي اتحادن جي ڳالهه ڪن ٿا، جتي انسان جي گڏيل مفادن کي ملڪي سرحدن کان مٿانهون سمجهيو وڃي، پر ويجهي مستقبل ۾ سرحدن جي مڪمل خاتمي جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو. ڇو ته سرحدي لڪيرون فطرت جون نه پر انساني سماجن، طاقتن، سياسي تنظيمن، حڪمرانن جون پيدا ڪيل حرڪتون آهن، جن مان هو صدين کان برڪتون حاصل ڪندي ڪندي تاريخي ارتقا کان پوءِ موجوده شڪل تائين پهتا آهن. جيتوڻيڪ منظم ۽ واضح سرحدن جو تصور انساني تاريخن ۾ آهستي آهستي ترقي ڪندو رهيو، پر اڄ جي معنيٰ ۾ “منظم سرحدون” جديد دور جي پيداوار آهن. وچئين دور ۾ به بادشاهتن ۽ سلطنتن جون حدون موجود هيون، پر اهي جنگين، شادين ۽ معاهدن جي نتيجن ۾ وقت به وقت مٽجنديون به رهيون. جڏهن ته عام ماڻهن جي وفاداري يا سندن تعبيداري، گهڻو ڪري ظالم بادشاهن، جاگيردارن سان هوندي هئي، نڪي رياستي سرحدن سان. 18هين ۽ 19هين صديء ۾ نقشه سازي ۽ سروي جي ترقيء سان سرحدون ماپڻ ۽ نقشَن جي صورت ۾ ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو ويو. جنهن سان قومي رياستن جي اڀار سبب، سرحدن جي اهميت وڌي وئي ۽ پڻ 20هين صدي ۾ ٻن عالمي جنگين کانپوء خاص طور تي اقوام متحده جو جڏهن بنياد پيو ۽ دنيا جون اڪثر سرحدون، بين الاقوامي قانون تحت تسليم ڪيون ويون، انهيء دور کان سرحدن جي نشاندهي، نقشابندي ۽ قانوني حيثيت وڌيڪ مضبوط ٿي. انهيءَ لحاظ سان، منظم سرحدن جي جديد شڪل، لڳ ڀڳ 350 سال سمجهي سگهجي ٿي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

دنيا ۾ ڪجهه اهڙا علائقا، اڄ به موجود آهن جتي سرحدون موجود هجڻ باوجود، ماڻهن وچ ۾ ميل جول، واپار ۽ روزاني جي اچ وڃ تمام آسان آهي. اهي علائقا انساني تعاون جا دلچسپ مثال آهن. جن لاء عام طور تي انهن لاءِ هيٺيان اصطلاح استعمال ٿيندا آهن يعني Border Zones (سرحدي علائقا)، Buffer Zones (حائل علائقا) Cross-Border Areas (سرحد پار گڏيل علائقا) Free Movement Zones (آزاد آمد رفت وارا علائقا)۔ اهڙن علائقن مان هڪڙو علائقو Schengen Area به آهي، جتي بيلجم، هالينڊ ۽ جرمنيء جا ماڻهو گهڻو ڪري پاسپورٽ کانسواءِ سفر ڪندا آهن. انهن سرحدي علائقن جا ماڻهو روزگار، تعليم ۽ واپار لاءِ روزانو اچ وڃ ڪندا آهن. انهيء سلسلي ۾ ٻيو هنڌ Peace Arch Park آهي جتي آمريڪا ۽ ڪينيڊا جا ماڻهو ملندا آهن. مطلب ته سوال سياسي معنيٰ ۾ ڪڍبو ته، دنيا ۾ اهڙا علائقا موجود آهن، جتي سرحدون ته آهن، پر ماڻهن وچ ۾ رابطا، واپار ۽ ثقافتي لاڳاپا انهن کان وڌيڪ مضبوط آهن، جنهن ڪري سرحدي ٻوسٽ، عملي طور تي گهٽ محسوس ٿيندو آهي.

اهڙن علائقن جون خاصيتون هي آهن ته، اتان جي ماڻهن جا خاندان، ثقافتون توڙي ٻوليون سرحدن جي ٻنهي پاسن تي گڏيل نه به آهن پوء به پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪندا، هڪٻئي جي ثقافت ۽ ٻولين کي عزتون ڏيندا آهن، اتي اڪثر تڪرارن بدران تعاون کي ترجيح ڏني ويندي آهي. دنيا جي بهتر مستقبل بابت ڪيترن ئي امن پسند ماڻهن جي خواهش آهي ته، جيڪر دنيا اڳتي هلي ايئن ئي ٿئي، جتي سخت سرحدن بدران تعاون، انساني حقن ۽ گڏيل مفادن کي وڌيڪ اهميت ملي. ڀل ته سرحدون مڪمل طور ختم نه به ٿين، تڏهن به انهن کي تڪرار بدران تعاون ۽ انساني رابطن جون پليون ته بڻائجن. اصل ۾ اهو بين الاقواميت ۽ عالمي امن جي اهم اصولن مان هڪ اصول آهي.

نظرياتي طور تي ته ڌرتي، منٽن اندر سرحدي لڪيرن کان آزاد ٿي سگهي ٿي، پر عملي طور تي اهو ڏکيو ۽ ڊگهي مدي وارو امڪان آهي. سرحدن کان آزاد دنيا جي حق ۾ جيڪي دليل اچن ٿا اهي هي آهن، ڀلي سڀئي انسان هڪ ئي نسل جا ناهن ۽ سندن بنيادي حق به هڪ جهڙا ناهن پر، ان عمل سان جنگين ۽ سرحدي تڪرارن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. ماڻهن جي ميل جول، علم، ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن جي آزاد وهڪري سان ترقي وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿي. عالمي مسئلن جهڙوڪ موسمياتي تبديلي، غربت ۽ وبائن کي گڏيل طور منهن ڏيڻ آسان ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مخالفت ۾ دليل هي اچن ٿا ته، مختلف قومن، ٻولين، ثقافتن ۽ سياسي نظامن کي هڪ انتظام هيٺ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. رياستون پنهنجيون خودمختياريون ۽ اختيار آسانيءَ سان ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿينديون. قانون، ٽيڪس، وسيلن جي ورڇ ۽ بچاء بابت نوان سوال به پيدا ٿي سگهن ٿا. انساني سماج اڃا تائين قومي ۽ نسلي سڃاڻپ ۽ مقامي وابستگين سان گهڻو جڙيل آهن.

انساني تاريخ ۾ ننڍا ڪٽنب قبيلن ۾، قبيلا نسلن ۾، نسل ڳوٺن ۾، ڳوٺ شهرن ۾، شهر رياستن ۾ ۽ رياستون وڏن اتحادن ۾ شامل ٿينديون رهيون آهن. هڪ وڏو مثال يورپي يونين آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي خودمختيار ملڪ ڪجهه شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪن ٿا۔ جڏهن ته انهن وچ ۾ ويجهي مستقبل اندر به سرحدن جي مڪمل خاتمي جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو. ها البته سرحدون وڌيڪ نرم ٿي سگهن ٿيون، ماڻهن جي اچ وڃ آسان ٿي سگهي ٿي، عالمي ادارن جو ڪردار به وڌي سگهي ٿو، انسان جي گڏيل سڃاڻپ مضبوط ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري وڌيڪ امڪاني منظرنامو “سرحدن کان پاڪ دنيا” نه، پر “گهٽ رڪاوٽن ۽ وڌيڪ عالمي تعاون واري دنيا” آهي.

فلسفياتي طور ڏٺو وڃي ته، سرحدون انساني سياسي، سماجي انتظام جو حصو آهن. تنهن ڪري جيڪي شيون انسان ٺاهيون آهن، انهن کي انسان ئي تبديل ڪري سگهي ٿو. سوال اهو به آهي ته، ڇا مستقبل جا ماڻهو سرحدن بدران ڪنهن وڌيڪ مؤثر ۽ منصفاڻي عالمي نظام تي اتفاق ڪري سگهندا يا نه. اصل ۾ سرحدون پاڻ پنهنجي اندر ۾ ڪو مقصد ناهن اهي وسيلو آهن، جيڪي انسانن وچ ۾ امن، انتظام، تحفظ ۽ وسيلن جي ورڇ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪو اهڙو نظام وجود ۾ اچي، جيڪو انهن مقصدن کي سرحدن کان بهتر نموني حاصل ڪري سگهي، ته پوءِ سرحدن جي اهميت گهٽجي سگهي ٿي يا انهن جي شڪل تبديل ٿي سگهي ٿي. پر ان لاءِ ڪجهه وڏا شرط پورا ٿيڻا يا ڪرڻا پوندا، جنهن ۾ ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا۔

هڪ ته عالمي سطح تي انصاف بابت وڌيڪ اتفاق پيدا ڪرڻ، وسيلن ۽ ناڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ، ٻيو قومن ۽ ثقافتن وچ ۾ احترام جو جذبو وڌائڻ ۽ اهڙا ادارا ٺاهڻ، جن تي مختلف ملڪن جا ماڻهو اعتماد ڪري سگهن. ٽيون تعليم ۽ شعور کي اهڙي سطح تي پهچائڻ، جتي انسان پاڻ کي صرف ڪنهن قوم يا نسل جو نمائيندو نه، پر انسانيت جو به حصو سمجهي. هونئن به تاريخ تي نظر ڦيرائينداسين ته، انسانيت جو دائرو آهستي آهستي وڌندو رهيو آهي۔ خاندانن مان قبيلا قبيلن مان ڳوٺ، ڳوٺن مان شهر، شهرن مان رياستون، رياستن مان قومون، قومن مان بين الاقوامي ادارا جڙڻ وارا عمل شروع ٿي چڪا آهن۔ اهو به ضروري ناهي ته، انسان جو ايندڙ قدم هڪ عالمي حڪومت هجي، پر اهو ضرور ممڪن آهي ته، عالمي تعاون جا اهڙا نمونا پيدا ڪجن، جيڪي قومي سرحدن کي گهٽ اهم بڻائين. “انٽرنيشنلزم” واري سوچ سان لاڳاپيل هڪ اهم نڪتو هي به سامهون اچي سگهي ٿو ته، شايد مستقبل جو سوال “سرحدون ختم ٿينديون يا نه؟” نه هجڻ گهرجي، بلڪه “ڇا انسان اهڙو عالمي اخلاقي ۽ سياسي نظام ٺاهي سگهندو، جتي سرحدون انسانن وچ ۾ ديوار نه، رڳو انتظامي حدون هونديون؟”۔

جيڪڏهن انسانيت اهڙي سطح جي اعتماد، انصاف ۽ گڏيل ذميواريء تائين پهچي وڃي ٿي، ته پوءِ سرحدن جي سخت شڪل، نرم مرحلي ۾ داخل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن نه، ته سرحدون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برقرار رهنديون. ان ڪري اصل سوال سرحدن بابت گهٽ ۽ انساني شعور، انصاف، اعتماد ۽ عالمي تعاون جي ارتقا بابت وڌيڪ آهي. اڪثر سوال تاريخ، فلسفي، منطق ۽ انسانيت جي مستقبل سان لاڳاپيل آهن. انسان جي سچ، منطق، جمهوريت ۽ انسان دوستي بابت سوچ مان لڳي ٿو ته، انساني سماج جي ڊگهي مدي واري ارتقا تي غور ٿي رهيو آهي “دنيا کي امن به گهرجي” جي مرڪزي خيال سان به هي بحث ڳنڍيل آهي۔ امن صرف جنگ جي غيرموجودگيء جو نالو نه، پر انصاف، برابري، تعاون ۽ انساني وقار جي موجودگيء جي هڪ شڪل به آهي. انسان پنهنجن اختلافن کي برقرار رکندي به گڏيل انساني مفادن لاءِ ڪيئي ڪم ڪري به رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ ڪري به سگهي ٿو. بهرحال منهنجي سوچ اها آهي ته، لکندا رهو، سوال اٿاريندا رهو، ڇو ته نوان سوال ئي نئين سوچ ۽ نئين ڄاڻ جا در کوليندا.

__________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button