موھن جو دڙو: سنڌو ماٿريءَ ۾ گينڊي ۽ اُٺ جي تاريخي موجودگي جا ثبوت
موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليل پڪل مٽيءَ جا ننڍڙا مجسما ان دور جي ماحوليات ۽ جانورن جي وجود بابت حيران ڪندڙ معلومات فراهم ڪن ٿا. انھيءَ مان واضح ٿئي ٿو ته اڄ کان هزارين سال اڳ سنڌ ڌرتيءَ تي گينڊي ۽ اُٺ جهڙا جانور نه صرف موجود هئا، پر هتان جا رهواسي انهن جي جسماني بناوت کان به چڱيءَ طرح واقف هئا. رکلداس بئنرجيءَ جي موهن جي دڙي بابت تاريخي رپورٽ ۾ تدفين جي مٽن مان مليل ننڍڙن مجسمن، مٽيءَ جي ٿانون ۽ مذهبي توڙي گهريلو شين جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. هن رپورٽ سان سنڌو سڀيتا جي هن قديم ورثي، ان دور جي ماڻهن جي طرزِ زندگي ۽ فني صلاحيتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.

نصير اعجاز
جانورن جا ننڍڙا مجسما ۽ رانديڪا
ميتن کي دفن ڪرڻ وارن مٽن مان مليل شين جو هڪ ٻيو قسم جانورن جي ننڍڙن مجسمن (Figurines) تي مشتمل آهي، جيڪي مختلف شڪلين جا آهن. اهي سادي نموني ٺهيل چوپائي مال کان وٺي، جيڪي اڄ به بنگالي مسلمان پيرن جي درگاهن تي باسون باسيندي مٽيءَ جي گهوڙن جي صورت ۾ رکندا آهن، اعليٰ درجي جي آرٽ واري پڪل مٽيءَ (ٽيراڪوٽا) جي مجسمن تائين آهن. سادي نموني ٺهيل مجسما ٿوهي وارا ۽ بنا ٿوهي جي سِڱن وارا جانور آهن، جيڪي عام طور تي ڍڳا معلوم ٿين ٿا.
سال 1922-23ع جي کوٽائيءَ دوران ٽنهي ماڳن تان هٿ آيل اعليٰ فن جي نمونن ۾ هيٺيان مجسما شامل هئا:
(الف) ٿوهي وارو ڍڳو
(ب) زين سان سينگاريل گهوڙو يا گڏهه
(ج) گينڊو
(د) پکي
(هه) ٽيپر Tapir يا دريائي گهوڙو(ڪجهه مجسما مڙيل سنڱ واري دريائي گهوڙي وانگر لڳن ٿا؛ مسٽر وٽس بعد ۾ هڪ ٻيو محفوظ نمونو پڻ هٿ ڪيو)
(و) انساني گُڏيون يا مجسما.
گينڊي ۽ اٺ جا مجسما
کوٽائيءَ مان گينڊي جا ڪيترائي نمونا مليا آهن. ايئن لڳي ٿو ته هي جانور اٽڪل ٻه هزار سال اڳ سنڌ مان ختم ٿي چڪو هو، پر اهي ننڍڙا مجسما ثابت ڪن ٿا ته سنڌو سڀيتا جا رهواسي هن ناياب جانور کان چڱيءَ طرح واقف هئا. جيولوجيڪل سروي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اي. ايڇ. پاسڪو موجب، مدراس پريزيڊنسي مان پليئسٽوسين (Pleistocene) دور جا گينڊي جا فوسلز مليا آهن. پر سنڌو ماٿريءَ ۾ تاريخي دور اندر گينڊي جي بقا جا ثبوت نٿا ملن. تنهن هوندي به، اها ڳالهه معلوم آهي ته سورهين صديءَ ۾ پشاور جي ويجهو گينڊا ملندا هئا، ڇاڪاڻ ته مغل بادشاهه اڪبر پاران اتي گينڊي جو شڪار ڪرڻ جو ذڪر ملي ٿو (وي. اي. سمٿ، اڪبر دي گريٽ مغل).
انهن ننڍڙن مجسمن ۾ هڪ ڪُڪڙ جو ذڪر ڪرڻ تمام ضروري آهي، جيڪو هڪ پُرڪشش ۽ اندر کان خالي پڪل مٽيءَ جو مجسمو آهي، جنهن جي تري ۾ هڪ سوراخ آهي. جيڪڏهن ان سوراخ کي بند ڪيو وڃي ته هي پکي پاڻيءَ تي آسانيءَ سان تري سگهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سڀ کان بهترين نمونو اٺ جي ننڍڙي مٿي جو آهي، جنهن کي ان جي نڪ ۽ اکين جي مٿان چمڙي جي گهنجن، ننڍڙين اکين ۽ ناسن جي سوراخن مان آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو.
اهڙا ننڍڙا مجسما سنڌ جي قبرن، قبرص (سائپرس) ۽ سينٽرل ايشيا جي ماڳ ‘انائو’ مان پڻ مليا آهن. ان کان علاوه اهي اديچانالور ۽ نيلگريءَ مان به هٿ آيا آهن. ڍڪڻن وارا ننڍڙا جنازي جا ٿانءَ به ڪيترن ئي قسمن جا مليا آهن، جن ۾ سادي نموني هٿ سان ٺهيل ۽ اس تي سڪايل ٿانءَ، ڪنڀر جا ٺاهيل خوبصورت آرٽ جا نمونا، ۽ ڪجهه اهڙا سنھا نمونا شامل آهن جن جي ديوارن جي سنھي ھجڻ سبب کين “ايگ شيل ويئر” (بيضي جي ڇِل جهڙا ٿانءَ) چيو وڃي ٿو.
عام ۽ گهريلو مٽيءَ جا ٿانءَ (Common Pottery)
نديءَ جي پيٽ ۾ موجود ٻيٽ جي ٽنهي ماڳن تان ٿيل کوٽائيءَ مان اهو واضح ثابت ٿيو آهي ته انهن مان ڪو به ماڳ رهائش لاءِ استعمال نه ٿيندو هو. 1922-23ع ۾ ظاهر ٿيل سڀ اڏاوتون عبادت گاهون هيون جتي ماڻهن جا ميڙ ڏينهن جو اچ وڃ ڪندا هئا، ۽ اهي دفن ڪرڻ جي جاءِ طور به استعمال ٿينديون هيون. اتان هٿ آيل اڏاوتن مان ڪي به رڌ پچاءُ ۽ گهريلو ڪم لاءِ استعمال ٿيندڙ ٿانءَ نه مليا آهن. ايتري تائين جو پاڻي رکڻ جا مٽ ڪٿان نه مليا. جيڪي وڏا مٽ مليا آهن، اهي جنازي جا مٽ (Funerary urns) يا مذهبي رسمن وارا ٿانءَ آهن.
سائيٽ نمبر 1 جي چيمبر 40 مان مليل گول تري وارو هڪ وڏو ٿانءُ رڌڻي جي ديڳڙي وانگر لڳي ٿو. ان جو ترو ٿلهو ڪرڻ لاءِ مٽيءَ جي ٿانون جا ننڍڙا ٽڪرا هڪ قسم جي پلاسٽر سان چنبڙايا ويا هئا، پر ان جي اندر هڏا ۽ رک هئي. چيمبر 34 ۽ 35 مان اهڙا ئي ٻه وڏا مٽ مليا هئا، جن جي اندران ڪجهه چورس ۽ گول سڪا هٿ آيا، ۽ اهي ئي واحد گهرو استعمال جهڙا ٿانءَ آهن جيڪي سائيٽ نمبر 1 مان مليا آهن. اهي ٻئي ٿانءَ بلڪل نوان لڳن ٿا ۽ ظاهر آهي ته اهي ڪڏهن به رڌ پچاءُ لاءِ استعمال ناهن ٿيا. ننڍي ٿانءَ جي اڇي جسم تي ٽن مختلف هنڌن تي چاڪليٽي رنگ جون پٽيون رنگيل آهن. انهن ٿانون جي بناوت مان نٿو لڳي ته اهي قديم آهن، پر انهن جي اندر مان مليل سڪا ۽ اهو تهه (Stratum) جتان اهي مليا آهن، اهو ثابت ڪري ٿو ته ننڍو ٿانءُ عيسوي سن جي ٻي صديءَ کان وڌيڪ پراڻو ناهي، جڏهن ته وڏو ٿانءُ حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان هڪ يا ٻه صديون اڳ جو آهي.
ٻيون ٻه شيون شايد عام گهريلو ڪم ۾ استعمال ٿينديون هيون. انهن مان هڪ گول وٽو آهي جنهن جو ترو لڳ ڀڳ سنئون آهي، جنهن کي هاڻي انڊين ميوزيم ۾ بحال ڪيو پيو وڃي. اهو شايد کاڌو يا پاڻي رکڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. سائيٽ نمبر 3 مان هڪ ٿالهي يا ڊش جا ٻه ٽڪرا پڻ مليا آهن، ۽ انهن مليل ٽڪرن مان ان کي به ٻيهر ٺاهيو پيو وڃي. اهڙي ٿانءَ جو هڪ ٽڪرو سائيٽ نمبر 2 مان به مليو آهي. اهو ممڪن آهي ته اهي ٻئي ٿانءَ کاڌو پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هجن؛ ٻئي طرف، اها راءِ به ٿي سگهي ٿي ته اهي نذرانو (Oblations) پيش ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا ۽ اسٽينڊن تي رکيل هوندا هئا. جيئن ته ٻنهي ٿانون جو وچون حصو ناهي مليو، تنهنڪري اهو طئہ ڪرڻ ناممڪن آهي ته اهي اسٽينڊن تي هئا يا نه، پر هڪ جي تري تي ڀڃڻ جا نشان آهن. ٽيون نمونو سائيٽ نمبر 1 مان مليو. ان جي سائيز پهرين بيان ڪيل ٿالهين کان تمام ننڍي آهي، ۽ ان جو ڪنارو اندرئين پاسي مڙيل آهي. هي نمونو پڻ انڊين ميوزيم ۾ بحال ڪيو ويو آهي. اهڙيون ٿالهيون اڃا تائين اتر هندستان ۾ ملن ٿيون، جيڪي عام طور تي پتل يا ڪانسيءَ جون ٺهيل هونديون آهن.
ٿانون جا اسٽينڊ (Pottery Stands)
ٽنهي ماڳن تان وڏي تعداد ۾ اسٽينڊ مليا آهن. انهن مان ڪجهه نذراني وارن ميزن (Offering tables) جا هيٺيان حصا آهن، جن جي سائيز هڪ انچ کان وٺي ڪيترن ئي فٽن تائين هئي. سڀ کان ننڍو اسٽينڊ خوبصورت ڳاڙهي رنگ سان چٽيل آهي ۽ ائين لڳي ٿو ته اهو ننڍڙن ٿانون (Miniature pottery) واري قسم مان آهي. باقي سڀ اسٽينڊ ٻن مختلف قسمن ۾ اچن ٿا:
(الف) گھوڙي جي نعل جهڙا، سادي نموني ٺهيل اسٽينڊ، ۽
(ب) ڪنڀر جي ڦيٿي (wheel) تي ٺهيل اعليٰ نمونا، جيڪي بلاشڪ فني شاهڪار آهن.
اهي اسٽينڊ نذراني وارن ميزن جي زمري ۾ اچن ٿا، جيڪي فروٽ اسٽينڊن وانگر لڳن ٿا. هڪ نموني ۾ مٿيون حصو اڃا تائين سلامت آهي، جنهن مان ان جي شڪل واضح سمجهي سگهجي ٿي. باقي سڀ اسٽينڊ جنازي جي مٽن جا آهن. اسٽينڊ جو هڪ قسم ڏکڻ هندستاني طرز جهڙو لڳي ٿو، جيڪو اصل ۾ هڪ گول هيٺيون رنگ آهي جنهن جو ترو ڍڪيل هوندو آهي. ٻئي قسم جا نمونا هڪ ننڍي ٿالهي يا ڊش تي نصب ٿيل آهن. ٽين ڪلاس جا سڀئي نمونا مٽيءَ جا ننڍا يا وڏا ڇلا (Rings) آهن.
يوناني طرز جا ٿانءَ ۽ ڍڪڻ
انهن شين ۾ هڪ ننڍو پيالو يا ڏيو به مليو آهي جنهن کي سوراخ وارو هٿيو (Perforated handle) آهي، هڪ ننڍو پيالو جنهن جو ڪنارو چمڪدار آهي، ۽ ڪجهه اهڙا گلدان مليا آهن جن جي شڪل بلڪل يوناني (Hellenic) طرز جهڙي آهي. آخري ٻن قسمن جا نمونا چاڪ تي ٺهيل، نرم، بلڪل گول آهن ۽ ڪارينيٽيڊ (Carinated) منهن اٿن. ٻئي نموني جو مٿيون حصو سنئون آهي، سواءِ منهن جي هڪ پاسي واري ٿوري اُڀريل حصي جي. انهن گلدانن جي ڳچيءَ جي شڪل بلڪل ڪلاسيڪل آهي. جڏهن انهن ٻن نمونن جي ڀيٽ پيالي نما ٿانون سان ڪجي ٿي، ته انهن جو هيٺيون حصو اٿينز (Athens) جي ڳاڙهن ۽ ڪارن گلدانن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو. 1923-24ع ۾ پنڊت ماڌو ساروپ وٽس کي هن قسم جي ٿانءَ جا ٻه مڪمل نمونا مليا هئا.
مختلف شڪلين ۽ سائيزن جا ڍڪڻ مليا آهن، جن سڀني جي مٿان هڪ اُڀريل نوب (Knob) هئي. ڪجهه ڍڪڻن تي هڪ قسم جو ڳاڙهو رنگ يا چمڪدار گليز لڳل هو. انهن مان ڪجهه جو مٿيون مٿاڇرو سنئون آهي ۽ هڪ گول اُڀريل نوب آهي. ٻين جي سڌي مٿاڇري تي هڪ ننڍو مخروط (Cone) آهي. وڏن ڍڪڻن ۾، اُڀريل نوب جي جاءِ تي هڪ ٿلهو عمودي حصو آهي، جيڪو يا ته گول آهي يا ڪنڊن وارو؛ ۽ ڪجهه حالتن ۾ ان جي جاءِ تي هڪ ڇلو (Ring) آهي. ڪجهه خوبصورت نمونا چاڪ تي ٺهيل آهن، پر گهڻا هٿ سان ٺهيل معلوم ٿين ٿا.
مٽيءَ جي مختلف نمونن ۾ عيسوي سن کان ٻه صديون اڳ جي هڪ اڏاوت مان مليل مس ڪُپڙي (Inkpot) ۽ اڌ چورس (Half-lozenge) ڊيزائن سان اڪريل پيالي جي ڪناري جو هڪ ٽڪرو ذڪر ڪرڻ لائق آهن. ٽيون نمونو هڪ سڌي شيءِ جي مٿاڇري تي اڪريل ڪنول جي گل جو خاڪو آهي. هڪ پيالو جنهن جو ترو ٿورو اُڀريل آهي، اهو شايد نذراني لاءِ استعمال ٿيندو هو.
شطرنج، دڙا (Dice) ۽ عاليشان رنگين ٿانءَ
انهن عبادت گاهن جي پوڄارين جو هڪ پسنديده مشغلو شطرنج يا دڙا کيڏڻ هو. شطرنج يا دڙن جا ٽي قسم هٿ آيا آهن. پهرين قسم جون شيون ڳاڙهي عقيق (Red agate) مان ٺهيل آهن. سر جان مارشل جو خيال آهي ته هيءَ شئي هڪ اڻ-ڪٽيل مهر آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي کهري هيٺين پاسي تي مخصوص نقطن سان ليڪون اڪريل آهن. شيشي جي پيسٽ يا فائيانس (Faience) مان ٺهيل بلڪل اهڙو ئي هڪ نمونو پڻ مليو آهي، جيڪو اندر کان خالي آهي. کهري مٽيءَ مان ٺهيل هڪ گول شئي عام دڙي (Die) طور استعمال ڪئي ويندي هئي. ڳاڙهي مٽيءَ مان ٺهيل هڪ ننڍڙو، خوبصورت نمونو مليو آهي جنهن جي شڪل اڄوڪي اتر هندستان ۾ ڪاٺ يا عاج مان ٺهيل شطرنج جي مُهرن سان ملي ٿي. هي نمونو سائيٽ نمبر 2 مان مليو هو. آخر ۾، سائيٽ نمبر 1 مان هڪ عجيب ڏسڻ ۾ ايندڙ دڙو هٿ آيو. هي نمونو نفيس مٽيءَ مان ٺهيل هڪ ڪعب (Cube) آهي، جنھن کي ڇڪو بہ چئبو اھي، جنهن جي ڇهن ئي پاسن تي 1 کان 6 تائين جا انگ نقطن جي صورت ۾ اڪريل آهن.
انهن نمونن سان گڏ هڪ اعليٰ معيار جا مٽيءَ جا ٿانءَ به مليا آهن، جيڪي اڳ ڪڏهن به هندستان ۾ نه ڏٺا ويا هئا. انهن ۾ بهترين نمونا هٿ سان ٺهيل، نرم ۽ رنگيل ٿانءَ آهن. سائيٽ نمبر 1 مان ٻه نمونا مليا. انهن مان بهترين نمونو هڪ ننڍو، گول ٿانءُ آهي جنهن جو ترو ٿورو اُڀريل آهي، جيڪو تمام خوبصورتيءَ سان صاف، چمڪدار ۽ ڳاڙهو رنگيل هو. هي نمونو لڳ ڀڳ سلامت حالت ۾ هو، صرف ان جي ڳچيءَ جو حصو نه مليو هو، جنهن کي هاڻي انڊين ميوزيم ۾ ٻيهر ٺاهيو ويو آهي. هن ٿانءَ جي ڳچيءَ سوڙهي آهي ۽ ان جو ڪنارو به شايد ننڍو هو. ٻيو نمونو اوترو چمڪدار نه هو، جيتوڻيڪ اهو لڳ ڀڳ مڪمل حالت ۾ مليو هو. هي ٿانءُ به گول آهي ۽ هڪ ننڍي گول پٽي تي رکيل هو. ان تي هڪ قسم جو ڳاڙهو رنگ چڙهيل هو جنهن کي بعد ۾ هٿ سان چمڪايو ويو هو.
سال 1922-23ع جي کوٽائيءَ مان مليل ڪيترن ئي نمونن تي ڳاڙهو رنگ يا چمڪدار فنش هئي، جيڪي ٻن مختلف قسمن ۾ اچن ٿا:
(الف) مٿي بيان ڪيل ٿانءَ جيڪي ڳاڙهي رنگ يا هٿ سان چمڪايل مٿاڇري وارا هئا، ۽
(ب) ڳاڙها رنگيل پر بنا چٽساليءَ وارا ٿانءَ، جيڪي وڏي تعداد ۾ مليا. وٽو ۽ ٿالهين جا ڪجهه ٽڪرا هن ڪلاس سان تعلق رکن ٿا.
ڳاڙهن ٿانون جو سڀ کان بهترين نمونو هڪ مٽ يا نلڪي نما (Funnel-shaped) ٿانءَ جي ڳچيءَ جو حصو هو. تمام گهڻو امڪان آهي ته هي نمونو ڪنهن نذراني واري ميز جو پير هجي، جيڪو اندر کان خالي هوندو ته جيئن مٿان کان هاريل پاڻياٺ وهي نڪري سگهي.
چٽسالي وارا ٿانءَ ۽ ڳن (Painted Ware & Handles)
ڳاڙهي مٽيءَ جي ٿانون جي اڪثريت چٽساليءَ وارن ٿانون تي ٻڌل آهي (گهڻو ڪري ڳاڙهي زمين تي ڪاري رنگ جي ڊيزائن سان)، ۽ ان جا بهترين نمونا راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهنيءَ 1923-24ع ۾ هڙپا مان حاصل ڪيا هئا. موهن جي دڙي جي ٽنهي ماڳن تان مليل مختلف قسمن جي ٽڪرن ۾ گلدانن جا ڪيترائي خوبصورت ڳن (Handles) شامل آهن. انهن مان هڪ تي ٽن گلن جا موٽف (ڊيزائن) رنگيل آهن، جيڪي جهنگلي گلن وانگر آهن ( لڳي ٿو ته رکلداس بابو هتي تريپولي/ٽي-پتيا ڊيزائن جو ذڪر ڪري رهيو آهي. هيءَ ڊيزائن سنڌو سڀيتا جو هڪ اهم نشان هو، جيڪو مشهور پريسٽ ڪنگ جي لباس تي، مڻڪن، چوڙين ۽ ٿانون تي به ملي ٿو). هڪ ٻئي وڏي ٿانءَ جو سڌو ڳن مليو آهي، جيڪو هڪ وڏو جڳ يا مٽ معلوم ٿئي ٿو. ڪجهه مٽ لٽڪائڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا، جن جي ٻاهرين پاسي اڀريل حصن ۾ گول سوراخ هئا. اڪثر ڪيسن ۾ اهي سوراخ افقي (Horizontal) آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته اهي ٿانءَ لٽڪائڻ لاءِ هئا، پر هتي عمودي (Vertical) سوراخ اشارو ڪن ٿا ته ان دور ۾ انهن مان رسي لنگهائي ٿانءَ جي چوڌاري ٻڌي ويندي هئي. هن نموني جون خاصيتون سوسا (Susa) جي پهرين تهذيب جي هٿئي وارن اسٽوريج جار سان ملن ٿيون.
هڪڙي ۽ ٻن ٽوٽين وارا ٿانءَ (Spouted Vessels)
هڪڙي ۽ ٻن ٽوٽين (Spouts) وارا ٿانءَ عجيب دلچسپي پيدا ڪن ٿا. هڪ ٽوٽي وارا ٿانءَ، رنگيل يا بنا رنگ جي، وڏي تعداد ۾ مليا آهن. سائيٽ نمبر 1 مان ٻن ٽوٽين وارا نذراني جا ٻه پيالا مليا آهن. بهترين نمونو هڪ اونهو پيالو آهي جنهن ۾ ٻن ٽوٽين جي منهن کي ٽوڙي ٻه سوراخ ڪيا ويا آهن. ٻيو نمونو به هن ڪلاس سان تعلق رکي ٿو، پر هن حالت ۾ ٻئي سوراخ ٻن الڳ ٽوٽين بدران هڪ ئي پاسي ڪيا ويا آهن. وڏن نمونن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي ٻه ٽوٽين وارا ٿانءَ ٻن قربان گاهن يا ٻن ديوتائن تي هڪ ئي وقت نذرانو يا پاڻيٺ هارڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا. هڪ ئي شئيء سان گڏجي نذرانو ڏيڻ جي هي رسم ويدڪ طريقن سان تعلق نٿي رکي، پر هي ڪلچر قديم ڪريٽ (Pre-Cretan) جي عبادت ۾ استعمال ٿيندو هو. ڪريٽ جي ‘گورنيا’ مان ٻن ٽوٽين وارو هڪ وڏو جڳ مليو آهي، جيڪو اسٽيٽائٽ (Steatite) مان ٺهيل آهي. پيالي ۽ جڳ نما شڪل جا نمونا مصر مان پڻ مليا آهن. پيالي جي شڪل وارا ٻه ٽوٽين وارا ٿانءَ مصر جي قبل از خاندان (Pre-dynastic) دور جا آهن ۽ چُن جي پٿر مان ٺهيل هئا. جار جهڙا نمونا چوٿين خاندان جي دور جا آهن ۽ الاباستر (Alabaster) مان ٺهيل هئا.
مصر ۽ ڪريٽ جي ٻه ٽوٽين وارن ٿانون بابت هينئر تائين ڪو تفصيلي بحث نظر نٿو اچي. مشهور ماهرِ سر وليم ميٿيو فلنڊرز پيٽري چيو آهي ته: “هن عجيب شڪل جو سبب شايد، هن دور حڪومت ۾، سيٽ (Set) ۽ هورس (Horus) جي گڏيل پوڄا هجي، ته جيئن ٻنهي ديوتائن کي هڪ ئي وقت نذرانو پيش ڪري سگهجي، تنهنڪري اهي ٻه ٽوٽيون متعارف ڪرايون ويون (سر آرٿر ايوانز، دي پيلس آف مينوس ايٽ نوسوس، لنڊن، 1921ع، جلد 1، صفحا 81-83، شڪل 49-50، پيٽري جي رائل ٽومبز مان ورتل).” اهڙا ئي ڪجهه نمونا ڏکڻ هندستان جي پرومبير مان مليا آهن، جيڪي مدراس ميوزيم ۾ رکيل آهن.
سوراخ وارا ٿانءَ (Perforated Pottery)
هن کوٽائيءَ مان مليل هڪ ٻيو عجيب قسم سوراخ وارو نذراني جو ٿانءُ آهي. هن قسم جي ٿانءَ جو سڀ کان وڏو ٽڪرو سائيٽ نمبر 1 مان مليو. هي هڪ ناشپاتيءَ جي شڪل جو ٿانءُ آهي جنهن جي پاسن کان ڪيترائي سوراخ آهن. صرف هن سائيٽ تان ئي اهڙن ٿانون جا سورنهن ٽڪرا مليا آهن. اهي مختلف سائيزن ۽ شڪلين جا ٿانءَ آهن، جن ۾ ننڍن ٿانون کان وٺي 12 انچ اوچائيءَ وارا ناشپاتيءَ جي شڪل جا ٿانءَ شامل آهن. چيمبر 34 ۾ مٽيءَ جي ٿانءَ مان مليل چورس سڪن سان گڏ بلڪل اهڙو ئي هڪ ٿانءُ مليو فو. هي ٿانءُ برانز يا ٽامي جو ٺهيل آهي ۽ سائيز ۾ ڪافي ننڍو آهي. هڪ ننڍو ۽ مڪمل نمونو سائيٽ نمبر 3 مان مليو هو.
سوراخ وارن ٿانون جو هي منفرد قسم ٻُڌ مذهب جي عبادت ۾ نامعلوم هو. اڄڪلهه اهي اتر هندستان جي مشرقي حصي ۾ جديد هندو مندرن ۾ استعمال ٿين ٿا. هڪ سوراخ وارو ٿانءُ شولنگ (Shivalinga) يا وشنو جي نشاني (شالگرام) جي مٿان لٽڪايو ويندو آهي ۽ پاڻي سان ڀريو ويندو آهي. انهن سوراخن ۾ ڪجهه ڪک داخل ڪيا ويندا آهن، جنهن جي نتييج ۾ پاڻي ٽپڪندو رهندو آهي ۽ گرميءَ جي مهينن ۾ پٿر کي ٿڌو رکندو آهي. درگا پوڄا جي تقريب ۾، نباپتريڪا (Fertility symbol) کي غسل ڏيڻ لاءِ سوراخ وارو ٿانءُ استعمال ٿيندو آهي. 1923-24ع ۾ راءِ بهادر پنڊت ديا رام ساهني هڙپا مان اهڙا ڪيترائي پڪل مٽيءَ جا ٿانءَ هٿ ڪيا هئا. (اڄ اسين انهن سوراخ وارن ٿانون کي “پرفوريٽيڊ پاٽري” چوندا آهيون، جڏهن ته پاڪستاني آثارِ قديمه جا ماهر ان کي “هيٽر” چوندا آهن. هي سوراخ وارو ٿانءُ سنڌو سڀيتا جي هڪ خاص خصوصيت هئي، جنهن جو اصل استعمال اڃا تائين نامعلوم آهي؛ پر هي مندرن ۾ پاڻي ٽپڪائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ٿانون کان تمام مختلف آهي، جهڙو راکال داس اندازو لڳايو هو).
ٻيون متفرق شيون (Miscellaneous Objects)
ٻين متفرق شين ۾ مٺائيءَ جو هڪ سانچو (Mould) آهي جيڪو هڪ ابتي مخروط جي شڪل جو آهي. ان جي اندرئين پاسي ڊبل ٽڪنڊي واري چٽسالي ٿيل آهي. وڻ جي کير يا رال (Resin) مان ٺهيل ٻه عجيب شيون مليون آهن جيڪي اڄوڪي دور جي درن جي هٿين (Door handles) وانگر لڳن ٿيون. اڄ اهو ط؟ ڪرڻ ناممڪن آهي ته اهي ڪهڙي ڪم اينديون هيون.
ٽنهي ماڳن تان پڪل مٽيءَ جا ’ڪنڀر جا وٽا‘ (ٿانءَ کي شڪل ڏيڻ وارو اوزار، جنهن کي بنگاليءَ ۾ ’بول‘ چيو ويندو آهي) مليا آهن، پر کوٽائيءَ ۾ ڪنهن آويءَ يا بٺي جا نشان نه مليا آهن (موهن جي دڙي جي بعد جي کوٽائيءَ ۾ ڪيترائي بٺا مليا آهن). مٽيءَ جون ڪيتريون ئي ننڍيون تيلين جهڙيون سَرايون مليون آهن، جن تي عجيب ڊيزائنون ٺهيل آهن. انهن جي هڪ ڇيڙي تي ڌاڳي ويڙهڻ جهڙيون ليڪون اڪريل آهن. اهڙي قسم جي سنهي سَرائي شايد سرمو (Kohl) پائڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي. ويڙهيل رسي واري ڊيزائن شايد ان دور جي هڪ مشهور آرائشي چٽسالي هئي.
________________

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.




سائين موھن جي دڙي بابت اوھان جا ھڪ درجن کان وڌ يڪ مضمون اچي چڪا آهن، جيڪر اھي مضمون گڏي ھڪ ڪتاب جي صورت ڏني سگھو ٿا.