خان محمد پنھور : پنھنجي دور جو ھڪ متحرڪ سماج سُڌارڪ
ليکڪ خاصخيلي لطيف راولاڻي

ڊاڪٽر خان محمد پنھور 27 جون 1949ع تي ضلعي دادو جي ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد آيو جتي انٽر ۽ بي اي ڪرڻ کان پوء 1973ع ۾ ايم اي صحافت لاء ڪراچي يونيورسٽيءَ جو رخ ڪيائين جتان صحافت ۾ ڊگري حاصل ڪيائين جنھن کان پوء سنڌ حڪومت جي انفارميشن کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. تُرت ئي ھُن سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيو جتي صحافت جو شعبو قائم ڪيائين جيڪو اڳتي ھلي ماس ڪميونيڪيشن جي نالي سان مشھور ٿيو. صحافت جي شعبي کي کولرائڻ ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ ۾ ان دور جي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر شيخ اياز جو وڏو ھٿ ھو. اتي ئي رھندي ھُن الوحيد اخبار ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي تي پي ايڇ ڊي ڪئي.
پنھنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ خان محمد پنھور بزم گلشن ۾ شامل ٿيو جيڪا ٽنڊي محمد خان مان اياز پاٽوليءَ شروع ڪئي ھئي. انھيءَ جي شاخ آراضي ۾ قائم ڪيائين. دادوءَ ۾ ٻارڙن جو ڪنوينشن گھرايو ويو تہ ان ۾ بہ حصو ورتائين. ڪراچيءَ مان ماھوار نئين زندگي رسالو مولانا عبدالواحد سنڌي جي ادارت ۾ نڪرندو ھو، جنھن جو ھُو جوائنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو .خان محمد پنھور صحافت جي شروعات عبرت اخبار کان ڪئي. حياتيءَ جي آخري سالن ۾ ماھوار پارس جو باني ۽ ايڊيٽر ٿي رھيو. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ھوندا سي حيات، نعره مستانه ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل ٻري جن ٻاري شامل آھن .
سماجي ڪمن جي سلسلي ۾ بہ خان محمد پنھور اڳڀرو ھوندو ھو. ھُو سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن ٿي رھيو ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، مظھر ميمڻ، فضل الله قريشي، بخش علي لاکي ۽ ٻين جو ٻانھن ٻيلي رھيو.
ڪجھ عرصي لاء نئين روشني اسڪول پروجيڪٽ لاءِ حيدرآباد ۽ نواب شاه ۾ به خدمتون سرانجام ڏنائين. خان محمد پنھور ڳوٺ سڌار سنگت جو قيام عمل ۾ آندو ۽ ان پليٽ فارم تان پاڻ پتوڙيندو رھيو۽ سنڌ جي ھر ڳوٺ ۾ وڃي ڳوٺ سڌار سنگت جون شاخون قائم ڪيائين .
جنھن دور ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪون ھليون ته خان محمد پنھور به ون يونٽ جي خلاف جلسن جلوسن ۽ مظاھرن ۾ شرڪت ڪئي.
پروفيسر اعجازقريشي لکي ٿو ته ھو ھڪ اعلى آدرشي انسان ۽ سماج سڌارڪ ھو .ھن پنھنجي شعوري زندگيءَ جا سمورا سال ماڻھن جي خدمت ڪندي گذاريا. ھن سنڌجي ماڻھن جي ترقي ۽ انھن جي قسمت جي تبديليءَ جا ڪيترائي خواب ڏٺا ۽ انھن جي تعبير لاء عملي جاکوڙ به ڪئي . ھُو سچو ۽ کرو ماڻھو ھو. ھن سان رفاقت ۾ مون ڪيترائي سال گذاريا. اسان گڏجي پنھنجي ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاھر به گڏجي سفر ڪيو. ھندوستان ۾ سماجي حوالي سان ٽريننگ جي سلسلي ۾ وياسين اسان گڏجي اتي ھندو سنڌي اديبن دانشورن سان ملاقاتون ڪيون .
ڊاڪٽر خان محمد پنھور 27 مئي 1999ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي وفات ڪري ويو. کيس اتي ئي دفنايو ويو آھي .
_________________

لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو




بھترين ڀيٽا