سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي گونج“ 5 جولاءِ تي ممبئيءَ ۾ ڏيکاري ويندي
پاڪستان جي پھرين سنڌي آرٽ فلم سنڌوءَ جي گونج (Indus Echoes) جي خاص اسڪريننگ ممبئيءَ ۾ ٿيندڙ ڏکڻ ايشيائي فلمن جي ميلي ”پردہ فاش“ جي ٻئي ڏينھن تي رکي وئي آھي

ڪراچي/ممبئي: ھندستان جي شھر ممبئيءَ ۾ ڏکڻ ايشيائي فلمن جي مشھور فيسٽيول ”پرده فاش 3.0“ (Parda Faash) جي ٻئي ڏينھن، آچر 5 جولاءِ تي، پاڪستان جي پھرين سنڌي آرٽ فلم ”سنڌو جي گونج“ (Indus Echoes) جي خاص اسڪريننگ ڪئي ويندي.
ھيءُ فلمي ميلو ممبئيءَ جي مشھور مرڪز دي پيويلين باءِ ڪورم The Pavilion by Quorum ۾ ٿي رھيو آھي، جتي آچر جي صبح جو 10:45 وڳي سنڌو درياءُ ۽ سنڌي ثقافت تي ٻڌل ھن منفرد فلم کي عوام لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ڏسندڙن لاءِ ھي اسڪريننگ مڪمل طور تي مفت آھي، پر فيسٽيول انتظاميا پاران اڳواٽ آن لائين رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آھي.
واضح رھي تہ سنڌوءَ جي گونج (Indus Echoes) ڪيترن ئي ڏھاڪن کان پوءِ سنڌو درياءَ، ماحوليات ۽ ان جي ڪناري رھندڙ ماڻھن جي ڏکوئيندڙ داستانن کي گڏي ٺاھيل ھڪ شاھڪار سنڌي فلم آھي، جيڪا ھاڻي بين الاقوامي سطح تي مڃتا ماڻي رھي آھي. فيسٽيول انتظاميا ممبئي ۾ رھندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ فلمي شائقين کي ان ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني آھي.
سنڌ ۾ ھيءَ فلم 19 سيپٽمبر 2025 تي سئنيما ۾ رليز ڪئي وئي ھئي. ساڳئي سال آڪٽوبر مھيني ۾ لنڊن پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ بہ ھيءَ فلم ڏيکاري وئي.

فلمساز ۽ ھدايتڪار راھُل اعجاز موجب سنڌوءَ جي گونج فلم 28 ورھين کانپوءِ پھرين سنڌي فلم آھي جيڪا گذريل سال سيپٽمبر ۾ سنڌ جي سئنيمائن ۾ رليز ٿي. ھيءَ فلم گذريل سال جي شروع ۾ انڊيا جي جئپور شھر ۾ ٿيل انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ بہ ڏيکاري وئي ھئي ۽ انڊيا جي مختلف شھرن مان سنڌين وڏي تعداد ۾ اچي فلم ڏٺي ھئي. ڪراچيءَ جي ھڪ سئنيما ۾ بہ ميڊيا جي لاءِ ھڪ پريميئر ٿيو ھو.
واضح ھجي تہ ھيءَ پھرين انٽرنيشنل سنڌي فلم آھي جيڪا بنگلاديش ۽ ڪوريا جي سھڪار سان ٺاھي وئي آھي. ھن فلم جي شوٽنگ تہ سنڌ ۾ سنڌو درياھ ۾ ڪئي وئي پر فلم جي سموري پوسٽ پراڊڪشن ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش ۾ ٿي.
سنڌوءَ جي گونج ۾ وجدان شاھ، انصار مھر ۽ ٻين اداڪارن ڪم ڪيو آھي. ھيءَ فلم سنڌو درياھ ۽ ان سان جُڙيل ماڻھن جي پنج ڪھاڻين تي مشتمل آھي.
انھيءَ کان اڳ راھل اعجاز جي ھڪ شارٽ فلم ”رڻ مان لنگھندڙ ريل گاڏي“ عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چُڪي آھي. انھيءَ فلم جا آمريڪا، ترڪي، انڊيا، ميڪسيڪو، قازان (روس) ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪوٺايل عالمي فلم فيسٽيولز ۾ يارھن پريميئر ٿيا ھئا. قازان واري انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ راھل اعجاز پاڻ بہ شريڪ ٿيو ھو.
__________



