ڪراچيءَ جو گم ٿيل ورثو: تاريخي نانڪ واڙا انڊسٽريل هوم ۽ لوهاڻا برادري
لوهاڻا برادريءَ جي واپارين ۽ سماج سُڌارڪن ڪراچيءَ جي بندرگاهه مان نه صرف بي پناهه معاشي فائدو ورتو، بلڪ ان دولت جو هڪ وڏو حصو شهر جي سماجي ترقي، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن تي خرچ ڪيو. سندن فلاحي سياست جو بنيادي اصول اهو هو ته ڪمزور طبقن، خاص ڪري عورتن کي ڪنهن تي ٻوجهه بڻجڻ بدران دستڪاري ۽ ٽيڪنيڪل مهارتن ذريعي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. سٽي ڪورٽس ڪراچيءَ کان اڳتي گُرو نانڪ جي نالي تي قائم وسندي ’نانڪ واڙا‘ (موجوده پان منڊي) جو علائقو آهي، اتي هڪ ماڙ تاريخي عمارت اڄ به 112 سالن کان عورتن جي معاشي خودمختياريءَ جي خاموش شاهد بڻيل بيٺي آهي.

تحقيق: ابراهيم صالح محمد
جيڪڏهن اسان پنهنجن وڏڙن جي شهر ڪراچيءَ جي موجوده مينوفڪچرنگ ۽ تجارتي مرڪزن جي تاريخ کي ورهاڱي کان اڳ واري نوآبادياتي دور جي منظر ۾ ڏسون ٿا، ته پراڻي ڪراچيءَ جو هڪ منفرد سماجي ۽ معاشي رخ اڀريو بيهي ٿو. دھلي، لاهور يا لکنئو جي برعڪس، پراڻي ڪراچيءَ جو مزاج مغل يا شاهي اثرن کان آزاد هو. هتان جي اڏاوتن ۽ سماجي انفراسٽرڪچر تي ڪلاسيڪل گجراتي، اينگلو-ورناڪيولر ۽ واپاري برادرين جي فلاحي جماليات جو گهرو اثر هو.
ڪراچيءَ جو قديم مرڪز، جنهن کي برطانوي دور ۾ ’نيٽو ٽائون‘ (Native Town) چيو ويندو هو، اهڙي ئي ڪثير الثقافتي سماج جو امين هو. ان ئي نيٽو ٽائون جي دل ۾ واقع سٽي ڪورٽس ڪراچيءَ کان اڳتي گُرو نانڪ جي نالي تي قائم وسندي ’نانڪ واڙا‘ (موجوده پان منڊي) جيڪو اڳوڻي جيمز ٽيرس روڊ (هن روڊ جو نالو به تبديل ڪيو ويو آهي) جو علائقو آهي، اتي هڪ ماڙ تاريخي عمارت اڄ به 112 سالن کان عورتن جي معاشي خودمختياريءَ جي خاموش شاهد بڻيل بيٺي آهي.
قديم سنڌو ماٿريءَ جي معيشت هميشه کان گھڻ ثقافتي ۽ آزاد مزاج رهي آهي، جتي تجارت پيشه طبقن سماج کي ڳنڍي رکيو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ گجرات جي ڪڇ ويجهو ساحلي خطي ’هالار‘ (ڄام نگر ۽ پسگردائي) مان لڏپلاڻ ڪري ڪراچي ايندڙ لوهاڻا (Lohana) برادري ان ئي قديم تجارتي تسلسل جي هڪ جديد ڪڙي هئي. (ياد رهي ته باني پاڪستان قائدِ اعظم محمد علي جناح جو خاندان به جينياتي طور تي ان ئي لوهاڻا برادريءَ سان تعلق رکندو هو).
لوهاڻا برادريءَ جي واپارين ۽ سماج سُڌارڪن ڪراچيءَ جي بندرگاهه مان نه صرف بي پناهه معاشي فائدو ورتو، بلڪ ان دولت جو هڪ وڏو حصو شهر جي سماجي ترقي، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن تي خرچ ڪيو. سندن فلاحي سياست جو بنيادي اصول اهو هو ته ڪمزور طبقن، خاص ڪري عورتن کي ڪنهن تي ٻوجهه بڻجڻ بدران دستڪاري ۽ ٽيڪنيڪل مهارتن ذريعي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي.
ان ئي فلاحي روايت تحت نانڪ واڙا ۾ هڪ منفرد ’ليڊيز ٽيڪنيڪل اينڊ انڊسٽريل انسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو ويو. ان عمارت جي تاريخ هڪ ڊگھي عرصي تائين دستاويزي تضادن جو شڪار رهي، جنهن جو سائنسي حل عمارت تي لڳل هم عصر گجراتي تختي ۽ ان جي معمارِيءَ مان چٽو ٿئي ٿو:

(الف) بنياد جو سال (1914ع بمقابله 1927ع)
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جي ڪيترين ئي تحريرن ۾ هن اداري جي قيام جو سال 1927ع ٻڌايو ويو، پر عمارت جي فرنٽ (Facade) تي لڳل اصل گجراتي تختي تاريخ جو پڪو فيصلو ٻڌائي ٿي. ان تختي تي واضح طور درج آهي:
“શ્રી હાલાર લોહાણા જ્ઞાતિના… મહાજનો..
(شري هيلار لوهاڻا گناتي نا… مهانجنو…)
هيءَ تختي ثابت ڪري ٿي ته هن اداري جو بنياد پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي شروعات يعني 1914ع ۾ هالار لوهاڻا برادريءَ جي پنجن جليل القدر سماجي ڪارڪنن (شري ديورائي، ڪانپراڪ جي، چنا ڀائي، ويرجي پيراج ۽ آنند جي بيڇر) رکيو هو. 1927ع جو سال ممڪنه طور تي ان وقت جي معروف لوهاڻا اڳواڻ شيو جي مانڪ جي بطور صدر چارج سنڀالڻ يا ٽرسٽ جي نئين رجسٽريشن جو هو، جنهن کي عوامي ياداشت ۾ تعمير جو سال سمجهيو ويو.

(ب) معماري (Architecture) ۽ صنعتي هال جو ماڊل
نظر ايندڙ عمارت ۽ تصويرن مان واضح آهي ته هيءَ عمارت صرف هڪ گرائونڊ فلور (هڪ ماڙ) تي ٻڌل ڪشادي هال تي مشتمل آهي. ان جي معماريءَ ۾ هيٺيون خاصيتون نمايان آهن:
تعميراتي مواد: هيءَ عمارت ڪراچيءَ جي ڪلاسيڪل گزريءَ جي زرد پٿر (Gizri Limestone) سان تعمير ڪئي وئي هئي، جيڪو سمنڊ جي لوڻياٺ جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
صنعتي ڊيزائن: ان جون وڏيون ڇتيون (High Ceilings) ۽ وڏيون، ڪشاديون کڙڪيون خالص طور تي هڪ صنعتي هال (Industrial Workshop) جي مطابق ڊيزائن ڪيون ويون هيون، ته جيئن وڏي انگ ۾ عورتون هڪ ئي وقت سلائي ڪڙھائيءَ جي ڳرين مشينن تي ڪم ڪري سگهن ۽ هوا جو گذر (Cross Ventilation) مثالي رهي.
ورھاڱو۽ هن عمارت جي محترمه فاطمه جناح جي سرپرستي
1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ۽ هندو ڪاروباري شخصيتون لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيون، ته شيو جي مانڪ 1948ع ۾ هن اداري جون چاٻيون ۽ انتظام پاڪستان جي بانيءَ جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي حوالي ڪري ڇڏيون.
فاطمه جناح فوري طور تي ان اداري جو نالو تبديل ڪري ’مسلم ليڊيز ٽيڪنيڪل اينڊ انڊسٽريل انسٽيٽيوٽ‘ (MLTII) رکي ڇڏيو. فيبروري 1948ع ۾ ان جو باقاعده افتتاح ڪندي هن واضح ڪيو ته:
“هن انڊسٽريل هوم ۾ بيواهن ۽ مستحق عورتن کي مختلف فنن ۽ دستڪاريءَ جي تربيت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن اهي پنهنجي روزي ڪمائي عزت سان زندگي گذاري سگهن ۽ حڪومت تي ٻوجهه نه بڻجن.”

ثقافتي الميو ۽ جديد دور: زرد پٿر تي اڇي رنگ جي تھن جو غلاف
اڄ هيءَ عمارت سنڌ ڪلچرل هيريٽيج پريزرويشن ائڪٽ 1994ع تحت هڪ محفوظ ڪيل ثقافتي ورثو آهي. تنهن هوندي، دورِ حاضر جون تصويرون هن ورثي سان ٿيندڙ هڪ الميي جي نشاندهي ڪن ٿيون. عمارت کي محض “صاف” ڏيکارڻ لاءِ ان جي اصل جوڌپوري ۽ گزريءَ جي زرد پٿر تي اڇي پينٽ يا چوني (Lime Wash) جا ٿلها تھ چاڙهيا ويا آهن. ان جبر نه صرف پٿر جا مسام بند ڪري ڇڏيا آهن پر ان تي لڳل تاريخي گجراتي تختيءَ جي اڀار کي به گهٽائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري نالن ۽ تاريخن کي پڙهڻ مشڪل ٿي ويو آهي.
2005ع ۾ جڏهن هي ادارو مالي بحران جو شڪار ٿيو، ته 21 آڪٽوبر 2005ع تي گجرات جي شهر سورت ۽ برما جي شهر رنگون جي ڪاروباري ميمڻ برادريءَ جي زيڊ وي ايم جي رنگون والا ٽرسٽ ۽ ايم ايل ٽي آءِ آءِ جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن تحت رنگون والا ٽرسٽ عمارت جي اندروني مرمت ڪئي ۽ 2006ع کان هتي جديد تربيتي ڪورسن جو آغاز ڪيو. اڄ ان ئي هڪ منزلا تاريخي هال ۾ صبح جي وقت ’ڊيف ريچ‘ (Deaf Reach) جو ادارو ڳالهائي ۽ ٻڌي نه سگهندڙ (گونگن ٻوڙن) ٻارن کي تعليم ڏئي رهيو آهي.
1914ع ۾ هالار لوهاڻا برادريءَ جي گجراتي هندو مهاجنن عورتن لاءِ جنهن فلاحي سفر جو آغاز ڪيو هو، اهو 1948ع ۾ فاطمه جناح جي هٿن سان مسلمان ٿيندو اڄ رنگون والا ٽرسٽ ۽ ڊيف ريچ تائين پهچي چڪو آهي. نانڪ واڙا جي هيءَ هڪ منزل اڇي عمارت ان ڳالهه جو زندهه ثبوت آهي ته سياسي نقشا تبديل ٿي ويندا آهن، برادريون لڏپلاڻ ڪري وينديون آهن، پر جيڪڏهن عمارت جي بنياد ۾ خلوص ۽ سماجي ڀلائي شامل هجي، ته ان جو معاشي ۽ فلاحي مقصد ڪڏهن به ناهي مرندو. هيءَ عمارت ڪراچيءَ جي گھڻ ثقافتي ماضيءَ ۽ لوهاڻا برادريءَ جي لازوال خدمتن جو هڪ اهڙو اڻ مٽ نقش آهي جنهن کي وقت جي ڌوڙ ۽ پينٽ جا اڇا تھ به مٽائي نه سگهيا آهن.
نوٽ (1): ڪراچيءَ جا هندو بنيادي طور تي ٻن فرقن ۾ ورهايل هئا؛ سناتن وادي ۽ پنٿ وادي. ويدن ۽ پراڻن کي مڃيندڙ سناتني هندو مورتين جي پوجا ڪرڻ سان گڏ سنڌو نديءَ جي پنهنجي مقامي ديوتا جھولي لال کي اوتار مڃي ان جي خاص عبادت ڪندا آهن. جڏهن ته پنٿ وادي اهي هندو هئا جيڪي ڪنهن خاص روحاني رستي، سلسلي يا “پنٿ” (خصوصاً سِک مت ۽ بابا گرو نانڪ جي تعليمات) سان جڙيل هئا، کين عام طور تي نانڪ پنٿي چيو ويندو آهي. سندن اڪثريت قديم ڪراچيءَ ۾ لائيٽ هائوس ۽ نانڪ واڙا جي آس پاس آباد هئي.
نوٽ (2): هڪ پرائيويٽ اداري کي سونپيل هن هزارين چورس والن تي پکڙيل عمارت جي اربين روپين جي ماليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته هيءَ ڪراچيءَ جي ان اهم ترين ڪاروباري مرڪز جي دل ۾ واقع آهي، جتيٻارھن ڀاڱي ٻارھن جي هڪ ننڍي دڪان جي قيمت به چئن کان پنج ڪروڙ آهي جڏهن ته مٿين منزل تي اوتري ئي پکيڙ جي آفيسن جي ماليت به ڪروڙين روپيا آهي.
____________________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



