سنڌو سڀيتا جو لافاني تسلسل: واڍي جي تيشي کان کتريءَ جي ٺپي تائين
سنڌو سڀيتا ڪا مري ويل تاريخ ناهي پر هڪ وهندڙ درياءُ آهي، جنهن جون قديم مُھرون ۽ عقيدا اڄ به لاڙ جي ڪنڀار جي مٽي، ٿر جي عورت جي رلي، ۽ سمنڊ جي لهرن کي چيريندڙ ڪڇ جي ٻيڙين ۾ ڌڙڪي رهيا آهن

تحرير: ابراهيم صالح محمد
قديم آثارن جي کوجنا موجب، سنڌو سڀيتا (Indus Valley Civilization) درياءَ آمو (Oxus) کان وٺي گجرات، ڪڇ ۽ دهليءَ جي ڀرپاسي تائين، يعني اڌ کان وڌيڪ ننڍي کنڊ توڙي وچ اوڀر جي ڪجهه حصن تي پکڙيل نظر اچي ٿي. پر ان جاگرافيائي ڦهلاءُ جو اهو هرگز مطلب ناهي ته اهي سڀئي علائقا ڪنهن هڪ سياسي ‘سنڌ’ جي سلطنت جو حصو هئا. سچ ته اهو آهي ته ان عظيم سڀيتا جي رسم الخط Indus Script جي اڄ تائين نه پڙهجڻ ڪري، اسان اڃا تائين نٿا ڄاڻون ته ان دور ۾ انهن لِپين جو اصل نالو ڇا هو، اهي ماڻھو ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا، يا اهي هڪ ئي نسل سان تعلق رکندا هئا يا ڪيترن ئي نسلن جو ميلاپ هئا.
پر جيڪڏهن قديم آثارن جي گهري مطالعي ۽ هڪ شاگرد جي مشاهدي واري نظر سان ڏسجي، ته برصغير جي قديم ترين رهواسين يعني آدي واسين، سريلنڪا جي ويدا ماڻهن، ۽ تامل ناڊو، ملباري، مهاراشٽر کان وٺي ڪڇ, گجرات، ٿر، راجستان ۽ زيرين سنڌ (لاڙ) جي مقامي ماڻهن جي طرزِ زندگيءَ ۾ ان قديم تهذيب جو هڪ حيرت انگيز، جيوَن ۽ اڻ بدلجندڙ ثقافتي تسلسل نظر اچي ٿو، پوءِ چاهي اهو ڊانسنگ گرل (ناچڻي) جون پاتل چوڙيون هجن يا ڪنگ پرائيسٽ جي اوڍيل چادر! سنڌو سڀيتا جا شهر جيتوڻيڪ مٽجي ويا، پر سندن هنر ۽ لاشعور اڄ به مهاڻي جي تيشي ۽ کتريءَ جي ٺپي جي صورت ۾ ساهه کڻي رهيو آهي.

سامونڊي توڙي درياهي انجنيئرنگ: موهن جو دڙو کان ڪڇ ۽ لاڙ جي مهاڻن تائين
سنڌو سڀيتا جا ماڻهو دنيا جا پهريان منظم بحري واپاري هئا. لوٿل (گجرات) مان دريافت ٿيندڙ پڪين سِرُن جي گودي (Dockyard) ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سندن وڌيڪ واپار سامونڊي رستن ذريعي ٿيندو هو. ڏورانهن ۽ ڪيترن ئي مهينن جي بحري سفر لاءِ هنن جيڪي ماڊل تيار ڪيا هئا، اڄ به ڪڇ ۽ لاڙ جا ٻيڙيون ٺاھيندڙ ۽ واڍا ان قديم ڊزائن ۽ زباني فارمولن جي پيروي ڪندي، اونھي سمنڊ لاءِ اڀريل محراب واريون ٻيڙيون ٺاهيندا آهن.
اهڙيءَ ريت، درياهي سفر لاءِ موهن جو دڙو جي رانديڪن ۽ ٻين شين ۾ جيڪي سنوان تَرا (Flat-bottomed) رکندڙ ٻيڙيون نظر اچن ٿيون، ان ئي منفرد ڊيزائن جون ٻيڙيون اڄ به سنڌو نديءَ جا مهاڻا سکر کان وٺي لاڙ تائين استعمال ڪندا اچن پيا. ڇاڪاڻ ته سنڌو نديءَ جو پاڻي گهٽ اونھو آهي ۽ واريءَ جا ڍير پيا بدلبا آهن، تنهنڪري اهي تراکڙي تري واريون روايتي دُنگيون يا ٻيڙيون واريءَ ۾ ڦاسنديون ناهن. هي ساڍا چار هزار سال پراڻي هڙپائي انجنيئرنگ جو هڪ زنده معجزو آهي.

کتري برادري ۽ ‘ڪنگ پرائيسٽ’ جي چادر جو راز
ٽيڪسٽائل ۽ ڊيزائننگ جي ميدان ۾ ته اهو تسلسل ان حد تائين دستاويزي آهي جو تاريخ ڳالهائيندي محسوس ٿئي ٿي. موهن جي دڙي مان مليل سڀ کان مشهور مجسمي ڪنگ پريسٽ (بزرگ پادري) جيڪا چادر اوڍي آهي، ان تي ٽن پتن واري هڪ خاص ڊزائن ٺهيل آهي، جنهن کي آثارِ قديمه جي ٻوليءَ ۾ ٽريفائل پيٽرن (Trefoil Pattern) چيو ويندو آهي.

اڄ ساڍا چار هزار سال پوءِ به، ڪڇ ۽ لاڙ جي روايتي کتري برادري (رنگريز ۽ ڇاپا گر) جڏهن ڪپڙي کي “کُنڀي” جي روايتي عمل (ٻاڦ ذريعي ڪپڙو تيار ڪرڻ جو طريقو) مان گذاري ان تي ڪاٺ جي ٺپي سان ڇپائي ڪندي آهي، ته اجرڪ ۾ اڀرندڙ ٽن پتن وارو نقش هو بهو ڪنگ پريسٽ جي چادر واري ڊزائن جو ھوندو آهي. نير (Indigo) ۽ ڏاڙهون جي کل مان رنگ تيار ڪرڻ جو انداز به اهو ئي آهي جيڪو هڙپا جي ڪارخانن جو هو.

ٺڪر جي ٿانوَن ۽ مُھرن جا نقش
جيڪڏهن اسان لاڙ ۽ ٿر جي ڪنڀارن جي دستڪاريءَ جو جائزو وٺون، ته ٺڪر جي روايتي مٽڪن تي ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ سان ٺاهيو ويندڙ “مڇي جي ڇلرن واري ڊزائن (Fish Scale Motif) ۽ ٿر جي رلين توڙي ڀتين تي اڀاريو ويندڙ پپر جي پن جو نشان (Peepal Leaf Motif) نسل در نسل سنڌو سڀيتا جي دريافت ٿيل مھرن ۽ ٿانوَن سان وڃي ڳنڍجي ٿو. ٿر جي آدي واسي, ڀيل ۽ ڪولھي عورتن جو ٻانھن جي ڪَرائيءَ کان وٺي اڇيون چوڙيون پائڻ، گولا ڍورو (Bagasara) جي هاٿي ڏند جي قديم ڪارخانن ۽ موهن جو دڙو جي ناچڻيءَ جي ثقافت جو تسلسل آهي.

ان جيو-آرڪائيو لاجيڪل (Geo-Archaeological) ۽ ثقافتي ڪڙيءَ مان اهو چٽو ٿئي ٿو ته سلطنتون مٽجي وينديون آهن، بادشاهه بدلجي ويندا آهن ۽ ٻوليون به وقت سان گڏ خاموش ٿي وينديون آهن، پر هنر جو شعور (Craft Consciousness) ڪڏهن به ناهي مرندو، اهو نسل در نسل پنهنجو سفر جاري رکي ٿو. سنڌو سڀيتا ڪا مري ويل تاريخ ناهي پر هڪ وهندڙ درياءُ آهي، جنهن جون قديم مُھرون ۽ عقيدا اڄ به لاڙ جي ڪنڀار جي مٽي، ٿر جي عورت جي رلي، ۽ سمنڊ جي لهرن کي چيريندڙ ڪڇ جي ٻيڙين ۾ ڌڙڪي رهيا آهن.
______________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



