Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

موهن جي دڙي جي ناچڻي: ڀارت ۾ تاريخ، آرٽ ۽ قدامت پسنديءَ جو ٽڪراءُ

سنڌو سڀيتا جي سڀ کان مشهور شاهڪار، موهن جي دڙي جي ”ڊانسنگ گرل“ جي مجسمي جي تصوير کي تبديل ڪرڻ ۽ پوءِ شديد عوامي توڙي علمي ردعمل کانپوءِ کيس اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو واقعو ان ئي نظرياتي ڇڪتاڻ جو چٽو ثبوت آهي. سنڌو سڀيتا جي 4500 سال پراڻي مجسمي جي تصوير کي گرافڪس جي ذريعي تبديل ڪيو ويو هو. اصل مجسمو، جيڪو پنهنجي اگهاڙي حالت ۾ آرٽ جو هڪ بي مثال نمونو آهي، ان جي ڌڙ کي هڪ مصنوعي لباس جهڙي بناوت سان ڍڪيو ويو هو.

ليکڪ: ابراهيم صالح محمد

آرٽ ۽ تاريخ جي هيءَ خاصيت آهي ته اهي پنهنجي دور جي انسان جي فڪري، مادي ۽ جمالياتي آزاديءَ جو آئينو هوندا آهن. پر جڏهن جديد دور جا سياسي يا مذهبي نظريا ماضيءَ جي انهن شاهڪارن کي پنهنجي عينڪ سان ڏسڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ته تاريخ ميسارجڻ لڳندي آهي. تازو ڀارت جي تعليمي بورڊ NCERT – قومي ڪائونسل براءِ تعليمي تحقيق ۽ تربيت، جي نائين درجي جي آرٽس جي درسي ڪتاب مڌوريما Madhurima نالي نائين ڪلاس جي آرٽس ۽ فائن آرٽس جو هڪ نئون درسي ڪتاب، جيڪو ڀارتي شاگردن کي قديم ۽ جديد ڀارتي آرٽ، دستڪاري، مورتين، خطاطي ۽ ثقافتي ورثي کان واقف ڪرائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي،  ۾ سنڌو سڀيتا (Indus Valley Civilization) جي سڀ کان مشهور شاهڪار، موهن جو دڙو جي ”ڊانسنگ گرل“ (ناچڻي) جي مجسمي جي تصوير کي تبديل ڪرڻ ۽ پوءِ شديد عوامي توڙي علمي ردعمل کانپوءِ کيس اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو واقعو ان ئي نظرياتي ڇڪتاڻ جو چٽو ثبوت آهي.

ان ڪتاب ۾ سنڌو سڀيتا جي ان دور جي 4500 سال پراڻي ڪنجھي جي مجسمي جي تصوير کي گرافڪس جي ذريعي تبديل ڪيو ويو هو. اصل مجسمو، جيڪو پنهنجي اگهاڙي حالت (Nude Form) ۾ آرٽ جو هڪ بي مثال نمونو آهي، ان جي ڌڙ کي هڪ مصنوعي لباس جهڙي بناوت سان ڍڪيو ويو هو.

جيئن ئي اهو ڪتاب منظرِ عام تي آيو، ته تاريخي ماهرن، آثارِ قديمه جي ماهرن ۽ استادن جي هڪ شديد احتجاجي لهر اڀري. ماهرن جو چوڻ هو ته هي تاريخي نوادرات سان سنگين ھٿ چُراند ۽ مورتي سازيءَ جي قديم فن جي توهين آهي. ان تِکي ردعمل کانپوءِ ڀارت جي تعليم واري وزارت نوٽيس ورتو ۽ تعليمي ڪائونسل کي مجبور ٿي اها سنسرشپ واپس وٺي اصل تصوير بحال ڪرڻي پئي.

مجسمي بابت تاريخي تفصيل

سنڌو سڀيتا جي تاريخ ۾ ان مجسمي کي اهو ئي مقام حاصل آهي، جيڪو مصر جي تهذيب ۾ ‘توت عنخ آمون’ جي ماسڪ کي يا يوناني آرٽ ۾ ‘وينس ڊي ميلو’ کي حاصل آهي.

دريافت: هي ساڍن چئن انچن جو ننڍڙو مجسمو 1926ع ۾ برطانوي آثارِ قديمه جي ماهر آرنيسٽ ميڪي (Ernest Mackay) موهن جو دڙو جي ‘HR ايريا’ مان دريافت ڪيو هو، جيڪو هاڻي نئين دهلي جي نيشنل ميوزيم ۾ محفوظ آهي.

ٽيڪنيڪي مهارت: هي مجسمو ”لاسٽ ويڪس ڪاسٽنگ“ (Lost-wax casting) يعني ميڻ کي ڳاري ڌاتوءَ مان ٺاھڻ جي ان ٽيڪنڪ سان ٺاهيو ويو هو، جيڪا 4500 سال اڳ جي دور ۾ ان تهذيب جي ٽيڪنيڪي مهارت کي ظاهر ڪري ٿي.

هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ ثقافتي ورثي جي ونڊ: سال 1947ع ۾ هندوستان جي ورهاڱي کانپوءِ ثقافتي ورثي جي ورهاست تحت هي مجسمو ڀارت جي حصي ۾ آيو هو، جڏهن ته مھا پادري King Priest جو مجسمو پاڪستان جي حصي ۾ آيو هو.

مجسمي جو ثقافتي ۽ سماجي اشارو: ان ڇوڪريءَ جو بيهڻ جو انداز (جنهن ۾ جسم ٽن هنڌن تان مڙيل هوندو آهي)، ان جي کاٻي هٿ ۾ مٿي تائين چوڙيون، ۽ ان جو اعتماد اهو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌو سڀيتا جو معاشرو نه صرف عورت کي آزادي ڏيندو هو، پر اتي رقص ۽ موسيقي کي هڪ معزز فن جو درجو حاصل هو.

آرٽ تي قدامت پسنديءَ جو حملو

ان مجسمي کي لباس پارائڻ جي ڪوشش دراصل ان “وڪٽورين قدامت پسندي” (Victorian Puritanism) جو تسلسل آهي، جيڪا نوآبادياتي دور (Colonial Era) ۾ برصغير جي ذهنن ۾ پوکي وئي هئي. قديم برصغير ۽ سنڌو سڀيتا جي آرٽ ۾ اگهاڙائيءَ (Nudity) کي سستي شهوت انگيزي جي بجاءِ “فطرت جي عڪاسي”، “روحاني برتري” ۽ “خالص انساني وجود” جي طور تي ڏٺو ويندو هو.

موهن جو دڙو جي ناچڻيءَ کي لباس پارائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا اهو وساري ويٺا ھئا ته ساڍا چاار هزار سال اڳ جو انسان ڪپڙا اڻڻ ڄاڻندو هو (ڇاڪاڻ ته موهن جو دڙو مان اڻيل سوٽي ڪپڙي جا آثار مليا آهن)، پر ان جي باوجود فنڪار ان مجسمي کي ان حالت ۾ ٺاهيو. اهو فنڪار جو پنهنجو اسٽريٽجڪ ۽ جمالياتي فيصلو هو، جنهن کي بدلائڻ جو حق 21هين صدي جي ڪنهن بيوروڪريٽ يا نظرياتي سنسر بورڊ کي نٿو ڏئي سگهجي.

سچ ۽ تاريخ جي فتح

قومي ۽ بين الاقوامي دٻاءُ تي ڀارتي تعليمي اداري اين سي اي آر ٽي (NCERT) جو تصوير کي ٻيهر اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو فيصلو ان ڳالهه جي فتح آهي ته تاريخ کي سياست جي شطرنج نه ٿو بڻائي سگهجي. سنڌو سڀيتا جي هيءَ ناچڻي پنهنجي اصل شڪل ۾ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته سنڌو سڀيتا هڪ پرامن، آزاد ۽ فن دوست تهذيب هئي، جتي انسان فطرت جي ويجهو ۽ ذهني تعصبن کان پاڪ هو.

آثارِ قديمه جا اصول اسان کي سيکارين ٿا ته ماضيءَ جو احترام ايئن ئي ڪيو وڃي جهڙو اهو هو، نه ڪي ايئن جهڙو اسان پنهنجي حال جي سياسي مفادن لاءِ ان کي ڏسڻ چاهيون ٿا. ڊانسنگ گرل جي بحالي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سچائيءَ کي وڌيڪ دير تائين ڍڪي نٿو سگهجي.

______________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button