ڇا سنڌ جو سينواريل سماج گُلان جھڙين سوين نارين جي موت جو ذميدار ناھي؟
گُلان جو قتل صرف هڪ دردناڪ خبر نہ صوفي سڏائيندڙ سنڌ جي مُنھن تي هڪ زوردار ٿڦڙ آهي . سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جي داستانن مان لڳي رهيو آهي ڄڻ تہ اسين 21 صدي ۾ نه پر 14ھين صدي ۾ رهندا هجون

انيتا پنجاڻي
ڇا اها صرف هڪ دردناڪ خبر آهي يا سنڌ جي صوفي سڏائيندڙ مُنھن تي هڪ زوردار ٿڦڙ آهي ؟
گلان جو معصوم، خوف ۾ ورتل ۽ زخمن سان ڀريل چهرو گواهي ڏئي رهيو هيو ته هوءَ ڪيتري نه ذهني ۽ جسماني طور زخميل هئي ۽ اهو هڪ گهرو تشدد جو واضح ثبوت هيو . هوءَ الائي ڪيتري مشڪلات سان ڪوشش ۽ همٿ ڪري پاڻ پوليس اسٽيشن تي پهتي هئي . هوءَ ڊنل هئي ، زخميل هئي ۽ چئي رهي هئي ته منهنجي ذهني حالت ٺيڪ ڪونهي ، منهنجو ڪوئي ڪونهي، مونکي دارالامان موڪليو ، هُو مونکي قتل ڪندا، ۽ منهجو ننڍو پٽ مونکي وٺي ڏيو.
ڪيڏي نه معصوميت هئي ، سندس مُنھن تي.
گلان ڀارو ، بار بار چئي رهي هئي ته هو مونکي ماري ڇڏيندا ، قتل ڪري ڇڏيندا . هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ان جي ماڻهن لاء ته صاف چئي رهي هئي پر سندس لفظن ۽ هن جي body language مان صاف ظاهر هيو ته هن کي اعتبار پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ تي به ڪونہ هيو .
عدالت گلان کي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ته ڏنو پر عدالت جي سامهون جڏهن ڱلان جي پيءُُ پنهنجو پٽڪو لاهي ڌيءُ جي اڳيان رکي گهر هلڻ لاء چيو ته ڌيءَ پيءُجي لڄ رکڻ لاءِ ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ راضي ٿي وئي.
پر پوء ڇا ٿيو !

گلان جي مڙس اڌ رات جو کيس جهنگل ۾ وٺي وڃي قتل ڪيو.
سوال اهو آهي ته ڇا گلان جي قتل جو ذميوار صرف سندس هڪ مڙس آهي ؟
ڇا گلان جي قتل جو ذميوار سندس پيءُ نه آهي جنهن هن جي سامهون پنهنجي پڳ لاهي رکي ۽ دوکي سان کيس پنهنجي گهر وٺي وڃي گلان کي سندس مڙس جي حوالي ڪيو . ڇا سندس پيءُ ان جرم ۾ شامل ڪونهي.
ڇا عدالت گلان جي قتل جي ذميوار نه آهي؟
ڇا عدالت جي اها ذميداري ڪونهي ته پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائي ، گلان کي محفوظ ، دارالامان ۾ پهچائڻ جي ذميوار ڪونهي ؟ ۽ نه ڪي سندس پيءُ جي چالبازي کي تسنيم ڪرڻ . جڏهن ته گلان کولي بيان ڏنو هيو ته منهنجو ڪوئي ڪونهي. مان دارالامان ۾ رهڻ ٿي چاهيان . منهنجي زندگي خطري ۾ آهي ته ڇا ، قانون جو ڪم تماشائي وارو آهي يا پنهنجي قانون جي حڪم تي عمل ڪرائڻ ۽ هڪ انساني جان جي حفاظت ڪرڻ.
گلان ته شايد پنهنجي موت کي سامهون ڏسندي قبول ڪيو.
هاءِ ڙي هي معصوم نياڻيون، پنهنجي موت کي سامهون ڏسندي به پنهنجي پيءُ جي پڳ جي ڪوڙي ، کوکلي ، ردي سماج جي ردي پڳ تي موت کي قبول ڪن ٿيون.
ڇا گلان جي موت جو ذميدار، سنڌ جو اهو ڳريل سڙيل سماج ناهي؟
جيڪو هڪ عورت کي محض هڪ زمين جي ٽڪري وانگر پنهنجي ملڪيت تصور ٿو ڪري ۽ ان کي پنھنجي انا ۽ عزت جو مسئلو ٿو بڻائي .
اڙي بابا ، عزت تنھنجي پنھنجي ڪردار ۾ آهي ، نه ڪي عورت جي غلامي ۾ .
روز روز جي ، سنڌ جي عورتن سان ٿيندڙ ظلمن جا داستانن مان لڳي رهيو آهي ڄڻ تہ اسين 21 صدي ۾ نه پر 14ھين صدي ۾ رهندا هجون جتي مڙس جي مرڻ کان پوء ان جي زال کي ستي ڪري مڙس سان گڏ باھ ۾ جيئري ساڙيو ويندو هيو يا ڌيءَ کي ڄمڻ سان قبر ۾ پوريو ويندو هيو.
عورت سان ظلم ڪرڻ جا طريقا وقت سان گڏ ٿورو گهڻو شايد بدلجندا به رهن ٿا پر عورت جي هڪ انسان وانگر هڪ آزاد حيثيت کي تسليم ڪرڻ ڄڻ هڪ اڻپورو ٿيندڙ خواب آهي .
ڪڏهن روبينه چانڊيو کي ته وري ڪڏهن گلان ڀارو کي ۔۔۔۔ انهن وانگر ڪيتريون ئي ڳڻيون ۽ اڻ ڳڻيون عورتون روز ڪسجي رهيون آهن .
هن درجي جي وڌندڙ سفاڪي تي ته سنڌ جي هر ماڻهو جو ڪنڌ شرم کان جهڪڻ گهرجي.
آخر اها کوکلي عزت جيڪا دراصل بيغيرتي آهي ، قتل آهي ، آخر ڪيستائين اسان جون نياڻيون هن ڪُڌي ڪم جو شڪار ٿيندون رهنديون.
روز ڪو نه ڪو اهڙو واقعو ظاهر ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنھن نه ڪنهن عورت کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪيو ٿو وڃي .
ڇا پنهجي مرضي سان زندگي گذارڻ گناهه آهي ؟
ڇا پيار ڪرڻ گناهه آهي ؟
شاهه لطيف جون سڀ سورميون به ته باغي عورتون هيون ، جن سماج جي رسمن کان منهن موڙي بغاوت ڪئي .ته پوء شاه سائين کي ايترو ڇو ٿو مان ڏنو وڃي ، جنهن جي سڃاڻپ ۽ شاعري جو محور ئي اُهي باغي عورتون آهن ۽ لطيف سائين انهن باغي عورتن جي ڪردار کي نه رڳو ڳايو ، پڏايو پر وڏو مان ، مرتبو ۽ عزت ڏنائين.
سوچڻ جو مقام اهو آهي ته ڇا سنڌ جي ڌرتي ايتري کوکلي ٿي وئي آهي جو پيار ۽ بغاوت جي هر قدم کي آسانيءَ سان لتاڙيو ويندو ۽ روز ڪنھن نه ڪنھن عورت جو نيلام ٿيندو رهندو.
_______________

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي.



