Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

بيروزگاري، انساني عزت ۽ وقار جو بحران: اچو ته نوجوانن کي نوان رستا ڏيکاريون

اسان جي سماج جو هڪ الميو اهو به آهي ته جيڪي نوجوان ڊگريون حاصل ڪن ٿا، اهي رڳو سرڪاري يا سٺي پرائيويٽ نوڪري جي ئي ڪڍ هجن ٿا، جڏهن ته دنيا ۾ فن جي به وڏي اهميت هوندي آهي۔ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن وڌيڪ غور ويچار ڪجي ته ڪوبه لکيل پڙهيل ماڻهو ڪنهن به فن سان لاڳاپجي وڃي ته، جيڪر هو فن ۾ نواڻ آڻي، وڌيڪ ناڻو ۽ نالو به ڪمائي سگهي ٿو۔ پر اسان جا والدين به نوجوانن کي اهڙي صلاح نه ٿا ڏين ۽ نه ئي نوجوانن جو پنهنجو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن وڃي ٿو۔

حميد منگي

انسان رڳو جيئڻ لاءِ نه پر، عزت سان جيئڻ خاطر سڀ کان اڳ زراعت واري ڪم جي شروعات ڪئي، جيڪا انجي پهرين ۽ بنيادي گهرج به هئي۔ جنهن تي مڪمل عبور حاصل ڪرڻ کانپوء، انسان کاڌ خوراڪ وارين شين پچائڻ يا واپرائڻ وارا ٿانو ٺاهڻ، ڪپڙو اڻڻ، جتيون سبڻ ۽ گهرن ۾ ڪتب ايندڙ ٻين شين توڙي ڪمن ۽ ڌنڌن جي حوالي سان اوزار ٺاهيندو، انهن ۾ وقت سان گڏ بهتريون آڻيندو ۽ تبديليون ڪندو، مختلف قسم جي فنن جو ماهر ٿي، ڪيترن ئي نون شعبن جا بنياد وجهندو، اڄوڪي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ پير پائي چڪو آهي۔ انسان جي ڪم توڙي پورهئي ڪرڻ واري سموري تاريخ هزارين سالن تي محيط رهي آهي۔ وڏي ڳالهه ته اڄ به انسانن جي اڪثريت پنهنجن پورهين، ڪمن ۽ ڌنڌن جي بنياد تي سڃاڻپ رکي ٿي.

جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪم ناهي هوندو ۽ واندڪائي هوندي اٿس، تڏهن هو پريشان ٿيڻ سان گڏ ٿورو يا گهڻو حساس پڻ ٿي پوندو آهي۔ اهڙي وقت ۾ هو پنهنجي خود اعتمادي ته وڃائي ويهندو ئي آهي، پر سماجي حيثيت ۾ به پاڻ کي اڌورو سمجهڻ لڳندو آهي۔ جڏهن ته بيروزگاريءَ سبب انساني زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو خال رهجي ويندو آهي، جيڪو صرف ۽ صرف روزگار ملڻ سان ئي ڀرجي سگهندو آهي۔ ڏٺو وڃي ته ماڻهو بيروزگاريء وقت رڳو بيروزگار ناهي هوندو پر، پاڻ کي گهر ۽ سماج مٿان بار ۽ نفسياتي طور تي هيڪلو به سمجهڻ لڳندو آهي۔ هونئن به انسان لاء روزگار رڳو معاشي مسئلو ناهي، پر هو بيروزگاريء کي پنهنجي عزت ۽ وقار تي حملو به سمجهندو آهي.

جڏهن کان انسان پاڻ ۾ گڏجي رهڻ يا سماج ٺاهڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن کان انساني ڪم ۽ محنت کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. قديم دور جا اڪثر ماڻهو زراعت واري ڪم سان لاڳاپيل هئا، جڏهن ان شعبي ۾ محنت جي وڌيڪ گنجائش نه رهي ۽ اڪثيريت جي گهرن ۾ اناج جمع ٿي ويا ته، ڪمن ۽ محنتن جي هيراڪ ماڻهن کي واندڪائي ستائيندي هئي ۽ هو واندڪائيءَ مان نڪرڻ خاطر ٻين ابتن سبتن ۽ آڏن ٽيڏن ڪمن ۾ پاڻکي مشغول رکندا هئا۔ جڏهن ته جن ڪمن کي صديون اڳ ڪجهه ماڻهو غير ضروري عمل سمجهندا هئا، اڄ اهي وڏا وڏا شعبا ٿي پيا آهن، انهن شعبن سان لاڳاپجي روزگار ڪري ماڻهو پنهنجا گهر هلائين ٿا، گهر ڀاتين کي پالين ٿا ۽ ٻارن کي پڙهائين ٿا، صحت سميت ٻيون سهوليتون به حاصل ڪن ٿا۔

انسان پنهنجي شروعاتي دور جي اڪيلائي ۾ نرم يا آلي زمين تي بنا ڪنهن سبب جي ليڪا ڪڍندا هئا، انهن ليڪن مان ڪا نه ڪا شڪل ٺهي پوندي هئي، ايئن هو ڪوششون ڪري آرٽسٽ يا پينٽر ٿي پيا۔ ڌاڳا يا سوتليون وٽيندي وٽيندي، رسيون ۽ زنجير ٺاهڻ سکيا۔ بيٺل پاڻيءَ جي دٻي جي ڪنڊ کي ڪاٺي يا پٿر سان ٽڪيائون ته، پاڻي ڪنهن هيٺاهينءَ طرف نڪري ويو، انهيء عمل مان پاڻيءَ جا وهڪرا ۽ شاخون ڪڍڻ سکي ورتائون۔ ڪنهن وحشي جانور ۽ زهريلي جيت کي هٿ ۾ آيل وڻ جي ٽاري هنيائون ۽ جانور ڀڄي يا مري ويا ته، ان مان لٺيون ٺاهي ورتائون۔ اناج جيڪو اڳ کليل جاين تي پئي پئي خراب ٿيندو هئو ۽ انسانن کي پنهنجي سڄي سال جي محنت ضايع ٿيڻ جو احساس ٿيو ته، هو اناج کي محفوظ رکڻ جا بندوبست ڪرڻ لڳا، جن کي اڄ ماڻهو گنديون ۽ گدام چون ٿا۔ اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي ڪم جڏهن ڌنڌن ۽ ڪمن جون شڪليون اختيار ڪرڻ لڳا ته، انسانن وري ٻين ڪمن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيا۔ ايئن انسان ڪمن مٿان ڪم ڪندا ايترا ته شعبا قائم ڪري ورتا جو، اڄ به سادن ماڻهن کي انهن شعبن جي ڪارج جي ئي خبر ناهي۔

اهڙي طرح انسانن جڏهن ٻن ٽنگن تي بيهي، دماغ کي سڌو بيهاري ۽ ٻنهي هٿن سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيا ته، انهن جون حالتون ئي تبديل ٿي ويون ۽ اهڙا اهڙا ڪارناما انجام ڏنا جو ڏسندي ئي ڏسندي، هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تي پهچڻ لاءِ، پاڻيءَ ۾ ترڻ واريون ٻيڙيون به ٺهي ويون، پنڌ جي جلد اڪلاءَ لاءِ گاڏين جا بندوبست به ٿي پيا، نياپا ۽ ضروري حال احوال ڏيڻ ۽ پهچائڻ لاء پوسٽ کاتو به جڙي ويو، ننڍي سفر لاء ڏاند گاڏيون، گهوڙا گاڏيون، اٺ گاڏيون ۽ ڊگهي سفر لاء بسون، ريل گاڏيون هلڻ لڳيون، پاڻ وٽ جمع ٿيل وکر جي وڪري لاء ۽ ٻيون شيون خريدڻ لاءِ منڊيون ۽ بازارون قائم ٿي ويون۔ مطلب ته انسان جو ٻن ٽنگن تي بيهڻ، دماغ کي سڌو رکڻ ۽ ٻن هٿن سان ڪم ۽ پورهيا ڪرڻ سان انسانذات جون زندگيون ئي تبديل ٿي ويون۔

جڏهن پوري دنيا ۾، هٿ وارو ڪم پنهنجي انتهائي اوج تي پهتو هو ۽ شيون هٿو هٿ وڪامڻ لڳيون هيون ته، شين جي گهرج وڌي۔ شين جي انهيء کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ وڌيڪ ناڻي ڪمائڻ جي لالچ ۾ سرنديءَ وارن ماڻهن پئسا خرچ ڪري، ٻاهران مشينون گهرائي يا مقامي ڪاريگرن کان جوڙائي، ضرورت وارين شيون تيار ڪري مارڪيٽن ۾ موڪليون ته ڪاروبارن ۾ واڌ آئي، نتيجي طور جن جن شين جي کوٽ هئي سرمائيدارن مشينن ذريعي پيداوار وڌائي، شين جي کوٽ پوري ڪئي۔ اهڙن ڪمن ۽ ڌنڌن جڏهن عروج حاصل ڪيو ته، کيس سرمائيداراڻي نظام جو نالو ڏنو ويو۔

هيءُ اهو دئور هئو، جڏهن دنيا جي معاشي ڍانچي ۾ وڏو انقلاب اچي ويو هئو ۽ ننڍين وڏين مشينن، مزدورن جي جاءِ وٺڻ شروع ڪئي هئي۔ اهڙي صورتحال ۾ هٿن سان ڪم ڪندڙ ڪيترائي هنرمند ۽ ڪاريگر پنهنجي هٿن جا پورهيا، ڪم ۽ ڌنڌا ڇڏي، ڪارخانن ۾ مزدور ٿي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيا، ڇو ته هڪ ته هٿ جي ڪم ۾ وقت وڌيڪ لڳندو هئو ۽ وسيلا به هتان، هتان حاصل ڪرڻا پوندا هئا، جڏهن ساڳيون شيون بازارن مان آسانيء سان ملڻ لڳيون ته، ماڻهن شين خريد ڪرڻ لاء بازارن جو رخ ڪيو۔ بهرحال سرمائيداراڻي نظام جي بنياد تي هڪ خاص طبقو اهڙو وجود ۾ آيو، جيڪو پئسي جي ڪري هر ڪڌي ڪم ڪرڻ لاء تيار ٿي ويو، جڏهن ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات ۾ روزگار جي بحران دنيا کي محسوس ڪرايو ته، بيروزگاري ڪيئن پوري سماج کي لوڏي سگهي ٿي.

سرمائيداراڻي نظام جي شروع ۾، جڏهن هٿن جي ڪم ڪندڙ ماهرن ۽ ڪاريگرن کي معمولي پگهارن تي مزدوريون آڇيون ويون ته، ان وقت جي هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي حالت ڏسڻ جهڙي هئي۔ اصل ۾ هيء اهو دئور هئو جڏهن دنيا جا لکين ماڻهو، هنرمند ۽ ڪاريگر هجڻ باوجود به بک، بدحالي، غربت ۽ مايوسيء جو شڪار ٿيا پر، آهستي آهستي جڏهن پوري دنيا مشيني دئور ۾ داخل ٿي ته، پوء وڃي ڪاريگرن ۽ مزدورن ڪجهه سک جو ساهه کنيو پر، پوء به سرمائيدارن، انهن جي چمچن ۽ خاص نوڪرن جون بدمعاشيون هلنديون رهيون، جيڪي اڄ به مزدورن جو رت ست چوسي ۽ هڏا ڪرٽي رهيا آهن۔

ماڻهو اڃا سرمائيداراڻي نظام جا ڏنل زخم برداشت ئي ڪري رهيا هئا ته، مٿان هاڻي جديد ٽيڪنالاجي نظام اچي ڪڙڪيو آهي، جنهن سان کوڙ سارا ڪم ذري گهٽ ختم ٿي چڪا آهن ۽ عام ماڻهن کي نئين شڪل واري بيروزگاريء سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ ڇو ته مشيني دئور ۾ جيڪي ڪم ڏينهن ۾ ٿيندا هئا، اهي هاڻي ٽيڪنالاجيءَ واري دئور ۾ منٽن يا ڪلاڪن ۾ ٿي رهيا آهن۔ دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ ته هٿراڌو ماڻهو يعني هڪ روبوٽ ڏينهن ۾ ڏهن ماڻهن جو ڪم اڪلائي مارڪيٽ ۾ ڦٽو ٿو ڪري ۽ سرمائيدار کي سواء روبوٽ يا مشين جي سروس ڪرائڻ جي باقي ٽڪو به خرچ ڪرڻو نه ٿو پوي ۽ ان ۾ سرمائي لڳائيندڙ کي وڏي بچت به ٿئي ٿي۔

اهڙي صورتحال ۾ پوئتي پيل ملڪن جا اهي اڻ پڙهيل ماڻهو وڏي ڏچي ۾ پئجي ويا آهن، جيڪي پراڻين گسيل پٽيل مشينن يا هٿن تي ڪم ڪندڙ هئا، هاڻي جيسيتائين اهي جديد ٽيڪنالاجي وارا ڪم ۽ ڌنڌا سکي پاڻ ڀرا ٿين، تيسيتائين اهي ضرور مشڪلاتن حوالي ئي رهندا۔ ترقيء جي ايڏي وڏي ڇال کانپوء اسان جهڙن ملڪن ۾ بيروزگاري هڪ وڏو انساني الميو ٿي سامهون آيو آهي، جيڪو اڃا وڌيڪ الائي ڪيترو عرصو جاري رهندو۔ اڳ بيروزگار انگن اکرن ۾ ڳڻيا ويندا هئا پر، هاڻي ڳالهه ڳڻڻ کان ئي چڙهي وئي آهي۔ اصل ۾ بيروزگاري رڳو خاندانن کي ڪمزور ناهي ڪندي پر، ان سان گڏ قومي معيشت کي به مشڪلاتن ۾ وجهندي آهي. ڇو ته جڏهن ماڻهو ڪم نه ٿا ڪن، تڏهن شين جي پيداوار به گهٽجي ٿي، جڏهن پيداوار گهٽجي ٿي ته، مارڪيٽ سست ٿي وڃي ٿو، جڏهن مارڪيٽ ۾ شين جي کوٽ ٿيندي آهي ته، شيون مهانگي اگهه تي وڪامنديون آهن، نتيجي طور اهي ماڻهو به غربت جي لڪير هيٺ اچي ويندا آهن، جن جو مارڪيٽن سان سنئون سڌو واسطو ئي ناهي هوندو۔

بيروزگاريءَ کي سماجي حوالي سان جاچبو ته، بيروزگاري سماج ۾ بيچيني به پيدا ڪري ٿي. جيڪي ماڻهو ڪمائڻ جي خواهش رکڻ باوجود ڪمائي ناهن سگهندا ۽ روزانو يا اڪثر ڪري گهرن ڏانهن هٿين خالي موٽڻ تي مجبور ٿيندا آهن ته، رستن ۾ ئي وسوسن حوالي هوندا آهن، گهر وارا ڇا چوندا؟ يا ٻارن لاء اٽو ۽ خرچي ڪٿان ايندي؟ بيمارن جو علاج ڪيئن ٿيندو؟ شادين غمين جا خرچ ڪيئن پورا ٿيندا؟ جڏهن کين اهڙن مڙني سوالن جا جواب بار بار سوچڻ باوجود ناهن سجهندا ته، هو مجبور ٿي يا ته ڏوهن جي باري ۾ سوچڻ لڳندا آهن يا اوڌر تي گذارو ڪرڻو پوندو اٿن، اهڙي طرح جڏهن بيروزگار گهڻائيء ۾ ٿي ويندا آهن ته، هڪ طرف اوڌر وٺندڙن ۽ پنندڙن جو انگ وڌندو آهي، ٻئي طرف ڏوهن ۾ به واڌارو ٿيندو آهي۔ جڏهن ته اهي ٻئي عمل سماجي ڍانچي توڙي ڪمائيندڙن مٿان بار ٿي پوندا آهن۔ اصل ۾ سماجي اڻ برابري ۽ بدامني ان بيروزگاريء جو ئي نتيجو هوندا آهن.

بيروزگاريءَ جو جيڪڏهن نفسياتي جائزو وٺبو ته اها ڳالهه پڌري پٽ ٿي پوندي، بيروزگار اندروني طور ٽٽي پوي ٿو. هو پاڻ کي بيڪار سمجهڻ لڳي ٿو، جنهن سان ان ۾ مايوسي ۽ نااميدي وڌي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن مان ڪي ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا۔ اسان جي سماج جو هڪ الميو اهو به آهي ته جيڪي نوجوان ڊگريون حاصل ڪن ٿا، اهي رڳو سرڪاري يا سٺي پرائيويٽ نوڪري جي ئي ڪڍ هجن ٿا، جڏهن ته دنيا ۾ فن جي به وڏي اهميت هوندي آهي۔ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن وڌيڪ غور ويچار ڪجي ته ڪوبه لکيل پڙهيل ماڻهو ڪنهن به فن سان لاڳاپجي وڃي ته، جيڪر هو فن ۾ نواڻ آڻي، وڌيڪ ناڻو ۽ نالو به ڪمائي سگهي ٿو۔ پر اسان جا والدين به نوجوانن کي اهڙي صلاح نه ٿا ڏين ۽ نه ئي نوجوانن جو پنهنجو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن وڃي ٿو۔ جيڪڏهن پڙهيل لکيل نوجوان ٿوري همٿ ڪري، پنهنجي من پسند فن سان لاڳاپجي وڃن ته، هو پنهنجي زندگي ڪاميابيء سان گذارڻ سميت ٻين  نوجوانن کي هنرمند يا برسر روزگار ڪري ڪيترن ئي خاندانن جي گهرن جون چلهيون ٻارڻ وارو ڪم ڪري سگهن ٿا۔

اڄ جو عالمي معاشي نظام، جيڪو في الحال ته گهڻي قدر سرمائيداري نظام تي ٻڌل آهي، پر اڳتي هلي اهو جڏهن مڪمل طور تي ٽيڪنالاجيءَ جي ٽيڪ تي بيهندو، تڏهن اڃا وڌيڪ بيروزگاري وڌندي، هاڻي جيڪا دولت ڪجهه هٿن ۾ ڦاٿل آهي، اها اڃا وڌيڪ گهٽ ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويندي. امير اڃان وڌيڪ امير ٿي پوندا ۽ غريب وڌيڪ غريب ٿيندا۔ جڏهن ته، نوڪرين جو تعداد به انهيءَ ڪري گهٽبو جو ماڻهن جي جاءِ تي جديد ۽ جادوئي مشينون ڪم ڪنديون، جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ دنيا جي آبادي به وڌندي۔ اصل ۾ ايندڙ نظام ۾ انسان کي (tool) سمجهي استعمال ڪيو ويندو۔

انهيءَ سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي نئين سوچ جي ضرورت آهي، بيروزگاريء جو حل صرف حڪومتي پاليسين سان نه، پر انسان جي پنهنجي سوچ سان به جڙيل هوندو آهي. معيشت جي مضبوطيء جو مقصد منافعو نه، پر انسان جي بهتري هجڻ گهرجي. تعليم کي صرف ڊگريون ڏيڻ تائين محدود نه رکيو وڃي، پر ڪنهن فن جي مهارت، تخليق ۽ شعور پيدا ڪرڻ تي به ڌيان ڏنو وڃي. هونئن به دنيا جي حڪمرانن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي طاقت هجڻ باوجود به هو عوام سان سچا ناهن، انڪري نوجوان خود روزگاريء جي بنياد تي نڪري پون جيئن هر انسان کي ڪم به ملي ۽ عزت به ملي. دنيا جا دانشورئو، اچو ته گڏجي دنيا جي نوجوانن کي همٿايون ۽ نوان رستا ڏيکاريون ته، جيئن هو نوڪريون ڳولڻ بدران پاڻ نوڪريون پيدا ڪن. بيروزگاري رڳو ماني کائڻ تائين جو مسئلو ناهي رهيو، اهو انساني عزت، امن ۽ سماجي استحڪام سان جڙيل آهي. جيستائين هر انسان وٽ عزت وارو روزگار نه هوندو، تيستائين انسان جي حقيقي ترقي به هڪ خواب بڻيل رهندي.

____________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button