اڄ جو نوجوان: سماج کان لاتعلقي، سوچون ۽ خيال وڏا پر عمل کان وانجھيل
جيڪو ڪجهه اسان جي سماج ۾ غلط ٿئي پيو، ان تي اسان جا دانشور، عالم، اديب، پڙهيا لکيا ماڻهو ڇو خاموش آهن، ڇا انهن جي اکين تي ڪاريون پٽيون چڙهيل آهن؟ ڇا انهن جي مٿان اهو فرض عائد نه آهي ته اهڙي قسم جي براين کي سماج مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪن ۽ اهڙو سماجي علم ڦهلائن جنهن ۾ بهتري هجي

ليکڪ: پروفيسر مدد علي جهتيال
ڇو اسان جو سماج اهڙو ٿيندو پيو وڃي. جنهن کي ڏسو، اهو پنهنجي سوچ مطابق پيو هلي، نه ڪنهن وڏي جي ٻڌي پيو نه ڪنهن ننڍي جي، بس پنهنجي مرضي پيو هلائي. هڪ ڏينهن آءٌ دنيا جي وڏي سوشل ميڊيا چينل فيس بڪ تي ويٺو هجان. فيس بڪ تي آيل ڊاڪ ڏسندي ڏسندي هڪ اهڙي ڊاڪ تي نظر پئي جو حيران ۽ پريشان ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته اسان جو پڙهيو لکيو نوجوان ڪاڏي پيو وڃي. اها ڊاڪ ڇا هئي.”اڄ مون قرآن پاڪ جو ختم شريف سنڌيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيو، جنهن جو ثواب آئون ڪامريڊ چي گويرا جي حوالي ڪريان ٿو. الله ان کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ ڏئي. “ نه عزيزن قريبن کي نه ئي پنهنجي حق ۾ بخشش ۽ ٻاجهه گهريائين.
پڙهيا لکيا نوجوان جيڪي هن قوم ۽ ملڪ جا مستقبل ۽ معمار آهن، ۽ مختلف چٽا ڀيٽي جا امتحان ڏئي رهيا آهن، انهن سان جڏهن ڪچهري ٿيندي آهي ته آئون ڪوشش ڪندو آهيان ته نوجوانن جي سوچ ڏسجي. جڏهن سندن اڳيان مختلف موضوع رکندو آهيان ۽ کانئن پڇندو آهيان ته اڪثريت ايئن محسوس ڪرائيندي آهي ته کين پنهنجو فڪر آهي. ھُو چاهين ٿا ته جلدي وڏا ماڻهو ٿين. ماڻهو سندن سلامي ٿين، ايترو پيسو گڏ ڪن جو سندن ست پيڙهيون به ويهي کائين. تڏهن به نه کٽائي سگهن. اهو تاثر بہ ڏيندا آهن ته کين هن ملڪ ڏنو ڇا آهي جو هن ملڪ لاءِ سوچين. کين بک، بدانتظامي، ڪرپشن، ناانصافين کان علاوه مليو ڇا آهي جو هن ملڪ لاءِ ڪجهه ڪجي.
اسان جي سماج ۾ اهڙي قسم جي سوچ جا ڪهڙا سبب آهن، ڪڏهن ڪنهن ان تي سوچيو آهي؟ اڳين زماني جا به ته ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ملڪ، قوم سان سچا هئا. هو جيڪو ڪجهه سو چيندا ۽ ڪندا هئا اهو سڀ ايندڙ نسلن لاءِ هوندو هو. اليس هوي (Elias Howe) آمريڪا جي مشهور شهر مساچوسٽ جو هڪ معمولي ڪاريگر هو، جيڪو1819ع ۾ ڄائو ۽ صرف 48 سالن جي عمر ۾ 1867ع ۾ مري ويو. ھُن دنيا کي هڪڙي اهڙي شئي ڏني جنهن پوري دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اها هئي سلائي مشين جيڪا هن 1845ع ۾ ايجاد ڪئي، مشين ايجاد ڪرڻ جي ڪري پوري دنيا ان جي ٿورائتي آهي. اسان وٽ ڪو نوجوان اھڙي سوچ ڇو نٿو رکي؟ ڪو اھڙو ڪم ڇو نٿو ڪري جيڪو قوم جي ڀلي لاءِ ھجي.
اڄ جو نوجوان خاص ڪري پڙهيو لکيو طبقو ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي سوچ رکي جنهن ۾ ملڪ ۽ قوم جي بهتري هجي، اهڙي سوچ نه رکي جنهن سان اسان جي وڏن جا ارمان ۽ خواب ساڀيان نه ٿي سگهن. آئون هڪ نوجوان جو قصو اوهان کي ٻڌائيندو هلان، جيڪو (B.E) پاس آهي. ان سان جڏهن مون ڪچهري ڪئي، حال احوال ورتا ته سندس ڇا پلان آهي، ڇا سوچيو آهي اوهان، ڇا ڪندا؟ چيائين آئون چاهيان ٿو ته مون کي وڏي گهراڻي جي ڇوڪري ملي، جنهن سان آئون شادي ڪريان، ان سان گڏ بنگلو، ڪار، بئنڪ بيلنس ملي ته جيئن آئون آرام سان پنهنجي زندگي گذاري سگهان، ٻيو مون کان ڪجهه به نه ٿيندو. مون کيس چيو ته يار ان لاءِ ته اوهان کي ڊگھي جدوجهد ڪرڻي پوندي، جهٽ پٽ ۾ سڀ شيون ملڻ ناممڪن آهي. مون کي جهٽ پٽ ۾ جواب ڏنائين ته سائين اوهان کي خبر ناهي ته الله وڏو ڪريم رحيم آهي. ان جي اڳيان دير ئي ناهي، اوهان ويٺا ڏسو اهو ڪيئن ٿو ٿئي. مون کيس چيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته الله بيشڪ رحيم، ڪريم آهي ليڪن اهو به لوچڻ کانسواءِ نه ملندو اوهان کي. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ملندو؟
دنيا ٺاهڻ واري الله باري تعاليٰ جو قانون آهي ته جيڪو ڏيندو اهو ئي حاصل ڪندو، هڪ ٻي چوڻي آهي ته جهڙي پوکيندين تهڙي لڻندين.عامر خان جي هڪ فلم آهي P.K پي ڪي ، اها فلم ڪافي ماڻهن ڏٺي هوندي جيڪا غلط نمبر تي ٺهيل آهي. اهوغلط نمبر مذهب ۾ هجي يا سماج ۾ ان کي وائکو ڪيو ويو آهي.
مقصد چوڻ جو اهو آهي ته جيڪو ڪجهه اسان جي سماج ۾ غلط ٿئي پيو، ان تي اسان جا دانشور، عالم، اديب، پڙهيا لکيا ماڻهو ڇو خاموش آهن، ڇا انهن جي اکين تي ڪاريون پٽيون چڙهيل آهن؟ ڇا انهن جي مٿان اهو فرض عائد نه آهي ته اهڙي قسم جي براين کي سماج مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪن ۽ اهڙو سماجي علم ڦهلائن جنهن ۾ بهتري هجي.موجوده دنيا ۾ ڪاميابي جو راز ان ۾ آهي ته ماڻهو وقت کي سڃاڻي ۽ زماني جي تقاضا مطابق هلي، جيڪو ماڻهو وقت ۽ زماني جي تقاضائن کي نه ٿو سمجهي ان جو حال تمام برو ٿيندو آهي.هن نازڪ دور ۾ اهڙن ذهين ماڻهن جي ضرورت آهي جيڪي وقت ۽ زماني جي تقاضائن کي سمجهن، ان لاءِ اسان کي ايندڙ نسل اهڙو تيار ڪرڻو پوندو، جيڪو ملڪ، قوم ۽ دين کي روشن ڪري.
_____________

پروفيسر مدد علي جھتيال حيدرآباد ۾ رھي ٿو




سماج جي درد رکندڙ شاعرن اديبن کي بھترين صلاح