Editor's pickMain Slideآئي ٽي ۽ سائنسڪالم

انسان، سائنس جي نظر ۾: انساني جسم ۽ رُوح جي فلسفي جي ڇنڊڇاڻ

سائنسي تحقيق ڪندڙن مطابق دنيا جي سڀني ماڻهن يا ٻين ساهوارن جي روح کي ڪنهن بہ نڪرندي يا جسم ۾ داخل ٿيندي ناهي ڏٺو. انهيءَ ڪري روح سواءِ هڪ انساني تصور جي ٻيو ڪجهه به ناهي. اصل ۾ اهو هوا ۽ ڦڦڙن جو گڏيل ڪمال آهي, جنهن کي پراڻي دور جا ڪي ماڻهو روح سمجهي ويٺا هوندا

ليکڪ: حميد منگي

آڳاٽي دئور جي اڪثر محققن جي چوڻ مطابق، انسان ٻن شين يعني ”جسم” ۽ ”روح” جو گڏيل مرڪب آهي. جڏهن ته پاڻ کي ڪيتري عرصي تائين اهو به پڙهايو، سمجهايو ۽ ٻڌايو ويندو رهيو آهي ته، جسم، روح بنا ۽ روح، جسم بنا ٻئي هڪٻئي کانسواءِ اڌورا هوندا آهن. جڏهن ته انسان جا تحقيقي ۽ تخليقي عمل هر دئور ۾ لڳاتار اڀري سڀري طور جاري رهندا آيا آهن، ان ڪري هاڻي تائين جي سائنسي تحقيق جتي دنگ ڪيو آهي، ان مان سائنسي محققن جي مستند ۽ اڪثريتي راءِ اها بيٺي آهي ته، اصل ۾ انسان هر پل جيڪو نئون ساهه (آڪسيجن) کڻي ۽ پراڻو ساهه (ڪاربان ڊاءِ) ٻاهر ڪڍي ٿو, ان عمل کي آڳاٽي دور وارن عالمن ۽ محققن روح ڄاتو هوندو. باقي انسان منجهه ”روح” نالي ڪا به شئي ڪڏهن به موجود ناهي رهي.

ان جي ڀيٽ ۾, انسانن سميت سمورن ساهوارن جو ”جسم”, هڪ ڏٺي وائٺي حقيقت رهي آهي. جنهن ۾ ٻين عضوَن سان گڏ ساهه جي نالي جيڪا ڦڦڙن تائين وڃي ٿي، اهي ڦڦڙ ساهه جي ناليءَ ذريعي تازي هوا (آڪسيجن) کي اندر ڇڪي ۽ پراڻي هوا (ڪاربان ڊاءِ) کي ٻاهر ڪڍن ٿا, ڦڦڙن ۽ هوا جا اهي ٻئي بار بار وارا عمل، ساهوارن کي نئون جيئندان ڏين ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ هڪڙو مثال اهو ڏنو وڃي ٿو ته، اتفاق سان ڪنهن جي ساهه کڻڻ وارين نالين جي روڪ ڪبي آهي ته، انسان ٿوري دير ڦٿڪڻ کانپوءِ مري ويندو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو وڏو مثال اهو ڏنو ويندو آهي ته، جڏهن انسان کي تازي هوا ناهي ملندي يا ڪمري ۾ مخصوص گئس ڀرجڻ سان به انساني موت ٿيندا رهيا آهن. انهن ٻنهي وقتن تي روح ڇا ڪندو آهي؟ اهڙي موقعي تي ڇو روح خاموش رهي، پاڻ کي به ۽ جسم کي به مرڻ ڏيندو آھي؟

سائنسي تحقيق ڪندڙن مطابق، هونئن به انسان منجهه روح هجڻ ته پنهنجي جاءِ تي, پر دنيا جي سڀني ماڻهن يا ٻين ساهوارن جي روح کي ڪنهن نڪرندي يا جسم ۾ داخل ٿيندي ناهي ڏٺو. انهيءَ ڪري روح سواءِ هڪ انساني تصور جي ٻيو ڪجهه به ناهي. اصل ۾ اهو هوا ۽ ڦڦڙن جو گڏيل ڪمال آهي, جنهن کي پراڻي دئور جا ڪي ماڻهو روح سمجهي ويٺا هوندا. تحقيق ڪندڙن مطابق جيڪا شئي نظر ئي نٿي اچي ۽ پڻ انسان ان کي محسوس به نه ٿو ڪري, ان تي هو ڪهڙي تحقيق ڪري سگهندو. روح جي حوالي سان اهڙي سائنسي تشريح واريون، هي سٽون جڏهن پڙهجي رهيون هونديون, تڏهن ڪجهه ماڻهن جو ڌيان, فطرت جي چئن اهم عنصرن مان هڪ عنصر ”هوا” ڏانهن ضرور ويندو ۽ سندن ذهنن ۾ اها سوچ ضرور پيدا ٿيندي، جيئن فطرت ۾ هوا موجود آهي ۽ اها ساهوارن جو ڪارج هوندي به نظر نٿي اچي, بلڪل تيئن روح به هوندو، جيڪو ساهوارن جي چرپر جو سبب بڻجندو هوندو. انهيءَ حوالي سان ڪجهه سائنسدانن جو خيال آهي, جيتوڻيڪ بنا ”هوا” جي ڪنهن به ساهواري جو جيئڻ مشڪل آهي, ته پوءِ ايئن ڇو نه سمجهجي ته ان ”هوا” يا ساهوارن جي ساهه کڻڻ واري عمل کي ئي آڳاٽي دئور جي محققن ”روح” سمجهي ورتو هوندو. ان جي وضاحت جيڪڏهن هينئن ڪجي ته ”هوا” رڳو انسانن ۽ ٻين سمورن ساهوارن جو روح نه پر پوري فطرت اندر جيڪا به چرپر ٿئي ٿي, ان سموري عمل کي روح چئجي، ته ان ۾ ڪهڙي خطا ٿيندي.

بهرحال پوءِ به انهيءَ موضوع واري حوالي سان بحث جي ڪافي گنجائش موجود آهي، ڇو ته جيئن هوا نظر نه ٿي اچي تيئن روح به نظر نٿو اچي، تنهن ڪري اهو بحث تيسيتائين جاري رهڻ گھرجي، جيسيتائين روح جي هجڻ ۽ نه هجڻ بابت پڪيون پختيون ثابتيون نه ٿيون ملن يا اهو ثابت نٿو ٿئي ته، اهو سڄي جو سڄو ڪمال فطرت جي اهم عنصر ”هوا” جو آهي, بلڪي اها هوا به ”آڪسيجن” هجي نه ڪي ”ڪاربان ڊاءِ” جنهن جي واڌ سبب انسانن ۽ ٻين ساهوارن تي منفي اثر پوندا آھن. جڏھن ته آڪسيجن جتي به گهٽجي يا بند ٿئي ٿي، اتي ساهوارا سخت پريشانين حوالي ٿين ٿا.

ٻئي طرف ساهوارن جو جسم, جيڪو ظاهر ظهور پاڻ کي گڏيل عضوَن جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو پر, چڱي خاصي غور ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي خبر پوندي, انسان جو جسم جيئن ٻاهران نظر اچي ٿو, تيئن انهيءَ جي ابتڙ, ان جي اندر ۾ ٻيون به کوڙ ساريون شيون لڪل آهن. جن ۾ خاص اهميت رکندڙ توڙي ثانوي حيثيت وارن عضوون سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به موجود آهن, جيڪي انسانن سميت ٻين سمورن ساهوارن کي جيئرو رکڻ، کيس هلائڻ چلائڻ ۽ مختلف قسمن جي ڪمن ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪن ٿيون, جن ۾ جسم جي مختلف هنڌن ۽ سَنڌَن ۾ هڏين جا مختلف حصا, گوشت جا ننڍا وڏا ٽڪڙا جيڪي انسان جي ڄمڻ کان وٺي، ان جي پوڙهي ٿيڻ يا مرڻ تائين پاڻ ۾ مليل رهن ٿا، جڏهن ته انهيءَ جسم ۾ ڳاڙهي پاڻياٺ جهڙي رت به شامل آهي، جنهن بنا انسان مڪمل ٿي نه ٿو سگهي.

بهرحال، انسان هجي يا ڪو ٻيو ساهوارو، ان جي جسم ۾ ٻن قسمن جا عضوا شامل هوندا آهن. جنهن ۾ هڪڙا عضوا وڏي اهميت وارا هوندا آهن, جن بنا انسان توڙي ٻين ساهوارن جو جيئرو رهڻ، مشڪل هوندو آهي ۽ ڪجهه ٻيا عضوا وري ثانوي حيثيت رکندڙ به هجن ٿا. انهن ٻنهي قسمن جي عضوون بنا، انسان کي مشڪلاتون ته پيش اينديون آهن پر, انهن کانسواءِ ماڻهو يا ٻيا ساهوارا مرندا ناهن. انسان کي جيئرو رکڻ ۾ جن اهم عضوون جو وڌيڪ عمل دخل آهي، انهن ۾ دل, جيرو, ڦڦڙ, معدو, گردا, آنڊا, پتو ۽ دماغ وغيره سان گڏ اهي رڳون به شامل آهن، جن ۾ رت دورو ڪري, هر عضووي کي ڪم ڪرڻ لائق بڻائيندي آهي.

هتي ڪجهه ذڪر انسان جي انهن ثانوي حيثيت رکندڙ عضوون جو به ڪجي ته بهتر ٿيندو, جن کانسواءِ هو يقينن چڱي عرصي تائين جيئرو رهي سگهي ٿو. اهڙن عضوون ۾ هٿ, پير, ڄنگهون, ٻانهون, آڱريون, ڪن, نڪ, ڪلها, پاسيريون, اکيون, ڏند, زبان, پٺا ۽ اهڙا ٻيا عضووا اچي وڃن ٿا, جن جي هونئن ته کڻي, انسان يا ٻين ساهوارن جي حياتيءَ ۾ وڏي اهميت هجي ٿي پر, جيڪڏهن انهن ۾ ڪي ننڍيون وڏيون خرابيون پيدا ٿي پونديون آهن يا ڪن سببن ڪري, ڄائي ڄم کان يا حادثاتي طور تي انهن جا ڪجهه حصا متاثر ۽ ضايع ٿي پوندا آهن, تڏهن به اهڙن عضوون بنا ماڻهو توڙي ٻيا ساهوارا قطعي طور مرندا ناهن پر، اها ڳالهه ضرور آهي، ته انهن عضوون بنا اپاهج ضرور ليکيا ويندا آهن ۽ اڪثر موقعن تي ٻين جا محتاج به ٿي پوندا آهن.

موقعي مناسبت سان هتي ٻيهر ورجاءُ ڪندي, انسان جي روح بابت سوچ ويچار ڪجي ته, اهو سواءِ وهم ۾ ورتل ۽ مخصوص ايجنڊائون رکندڙ ماڻهن کان سواءِ اڄ تائين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ به ان روح کي ناهي ڏٺو، البته روح بابت ڪجهه مذهبي ۽ روحاني عالمن کان ٻڌل ڳالهيون ۽ انهن جي لکيل ڪتابن ۾ وڏي عرصي کان پڙهڻ لاءِ ضرور ملنديون رهيون آهن پر انهن ڪتابن يا ذڪر ڪيل ڳالهين ۾ ڪي پڪيون پختيون شاهديون نه ٿيون ملن ۽ نه ئي ڪي دليل ڏنل آھن، بس ايترو ٻڌايل آھي ته، جڏهن انساني ”جسم” جو ”روح” سان ڳانڍاپو ٽٽي ٿو ته, انساني وجود ميسارجي وڃي ٿو. ان کان اڳتي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته روح آسمان ڏانهن هليو ويندو آهي، جيڪو قيامت ڏينهن وري انساني جسم ۾ داخل ٿيندو.

جڏهن ته، ان جي ابتڙ سائنسي علم، اهڙن وچورن کي رد ڪندي چوي ٿو, ڪنهن به ساهواري جو شروعاتي جيئندان ان جو تازي هوا کي اندر ڇڪڻ ۽ پراڻي هوا کي ٻاهر ڪڍڻ سان سلهاڙيل رهي ٿو. جنهن ۾ هڪ انساني عضوو ”ڦڦڙ” به آهي، جيڪي پاڻ ۾ ملي، ڪم ڪري ساهوارن کي جيئارين ٿا. نڪي اهو ڪو روح جو ڪمال آهي، انهيءَ ڪري ئي ڪجهه ماڻهو, ساهوارن جي اهڙي ساهه کڻڻ واري عمل کي روح جو نالو ڏين ٿا. سائنسي علم جي ٿوري گهڻي سڌ ٻڌ رکندڙ ڄاڻو، انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ آگاهي ڏين ٿا. اصل ۾ انسان سميت ٻين ساهوارن جي زندگي هجي يا موت, اهي انهن جي جسمن ۾ موجود اهميت رکندڙ عضوون جا محتاج هوندا آهن, جن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري چڪا آهيون, جنهن ۾ ساهه کڻڻ واري نالي توڙي ساهه کي صاف ڪرڻ واري عضووي ڦڦڙ ۽ رت ٺاهيندڙ دل جي وڏي اهميت آهي.

انساني جسم ۾ ٻيو اهميت وارو عضوو ”معدو” آهي, جنهن ۾ کائڻ پيئڻ واريون شيون پهچن ٿيون ته، اهو عضوو انهن شين کي هضم به ڪرائي ٿو ۽ کاڌن ۾ موجود غذائن کي ٻين لاڳاپيل عضوون تائين پهچائڻ ۾ مددگار به ٿئي ٿو. جنهن سبب انسان جي اندر موجود اهميت وارا سڀئي عضوا 24 ڪلاڪ لڳاتار ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ ساهوارا تندرست توڙي توانا رهن ٿا ۽ زندگيءَ جا سمورا خفا اڪلائڻ جھڙا به ٿين ٿا. جنهن کانپوءِ ”دل” واري عضووي جو وارو اچي ٿو, جيڪو کاڌ خوراڪ جي شين مان نئين رت پيدا ڪري ٿو ۽ پڻ ضرورت آهر پراڻي رت کي به صاف ڪري ٿو ۽ رڳن ذريعي پوري جسم ۾ ڊوڙائيندو ۽ هڪليندو به رهي ٿو. ان کانسواءِ انسان جي جسم ۾ موجود ”آنڊا” به اهم عضوو ليکيا وڃن ٿا, جيڪي کاڌي جي ڦوڳ کي ٻاهر اڇلائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. جڏهن ته اهڙي موقعي تي ”گردا” به پاڻياٺ وارين شين جو فضول حصو ڇاڻي ساهوارن جي جسم مان نيڪالي ڏين ٿا.

انسان توڙي ٻين ساهوارن جي جسمن جي مختلف هنڌن ۽ حصن ۾ موجود ”هڏن” ۽ ”گوشت” جي ٽڪڙن کي به وڏي اهميت حاصل آهي، جيڪي ساهوارن کي گهمڻ، ڦرڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ مختلف ڪم ڪرڻ لائق بڻائن ٿا، ايئن ئي جسم جي مختلف حصن ۾ هڏن مٿان ڀرڪڻا هڏا ۽ گوشت جا ٽڪڙا، انهن جي حفاظت وارو ڪم ڪندي، سمورن ساهوارن جي ڪارائتي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. جڏهن ته انسانن توڙي ساهوارن جي انهن سمورن عضوون مٿان چنبڙيل ”کل” جو به هڪ وڏو فائدو اهو آهي ته، اها ساهواري جي سڀني عضوون جي عيبن کي ڍڪي به ٿي ۽ موسمن ۽ ٻين منفي اثرن کان بچائڻ ۾ مددگار به ٿئي ٿي. ڪڏهن تصور ڪجي ته، انسانن مٿان کل ۽ ٻين اڪثر ساهوارن مٿان کنڀ نه هجن ها ته، اهي ڪيئن لڳن ها؟ يا اهي مخصوص سخت موسمن جي سٽ سهي سگهن ها؟ بهرحال هن موضوع کي ڊيگهه ڏينداسين ته پاڻ وڌيڪ قلمي سفر نه ڪري سگهنداسين ۽ اسان جي علمي پورهئي جي منزل اسان کان پري ٿي ويندي.

______________  

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچيءَ جو سرگرم رڪن آهي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button