شاھ ۽ سِٽَ ڪھاڻيون : جان جيئين تان جَلُ، جو جلڻ ئي نئون جنم آھي
گھڻ رُخي ليکڪ محمد علي پٺاڻ جي نئين ڪتاب” شاھ ۽ سٽَ ڪھاڻيون“ جو اڀياس، جنھن ۾ ھُن شاھ لطيف جي بيت جي سِٽ ۽ ان کي پنھنجي فن ۽ فڪر سان فليش ڪھاڻيءَ طور پيش ڪرڻ جو ھڪ نئون ۽ انوکو تجربو آھي.

رياض شاھد دايو
انسان جنھن معاشري ۾ زندگي گذاري ٿو ان معاشري ۾ ڪيتريون ئي روايتون مضبوط ھونديون آھن ۽ ڪيتريون ئي ڪمزور ھونديون آھن. ڪمزور روايتون ڪجھ نسلن کان پوءِ پنھنجو وجود وڃائي ويھنديون آھن پر مضبوط روايتون ايندڙ نسلن ۾ منتقل ٿيندي پنھنجي وجود کي برقرار رکن ٿيون ۽ انساني معاشري جي بيھڪ ۾ سماجي، معاشي ۽ فني تڪميل لاءِ پنھنجو حصو ڳنڍين ٿيون. معاشي تبديليء جي ڪري هر سماج پنھنجو تاريخي سلسلو جاري رکي ٿو، اھڙي طرح جينيس (Genius) ماڻھو ان تاريخي تبديليء کي محسوس ڪندي پنھنجي فن ۽ فڪر ذريعي معاشري لاء شاندار تخليقي صلاحيتون ڪتب آڻين ٿا.
محمد علي پٺاڻ بہ سنڌي معاشري جو اھو فرد آھي جيڪو مضبوط روايتن جو راوي بہ آھي تہ امين بہ آھي. ھن ادب کي اظھار جو ذريعو بڻايو آھي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي لاءِ سندس خدمتن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي،ڪهاڻي، شاعري، فڪشن ۽ مختلف صنفن ۾ هن پنجاهہ جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڏيئي پنهنجي حصي جو شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، اها فخر جوڳي ڳالهه آهي تہ هن پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ کي ڪتب آڻي، نابرابريء واري معاشري ۾ شعوري گھرائين سان سفر ڪندي ان معاشري ۾ سٺي روايتن، انساني احساسن ۽ سماجي شعور کي اڳتي وڌايو آھي،محمد علي پٺاڻ جو سفر ستر واري ڏهاڪي کان جاري ۽ ساري آهي، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ انور پيرزادي جي ڇانوري ۾ ويهي هن ترقي پسندي ۽ شعوري فڪر جي سدائين مشعل روشن رکي آهي، منجھس وڏي خاصيت اها آهي تہ پنهنجي داخلي جذبن کي بہ هن بنا ڪنهن بہ حجاب جي سماج جي آڏو پيش ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سماج جو اٽوٽ حصو آهي، سندس داخلي جذبا اسان سڀني جو حصو هجڻ گهرجن پر اسان وٽ سوچ جا محور مختلف آهن، هر ماڻهو اجتماعي آدرشن جي واٽ تي هلي نٿو سگهي پر اگر ڪو انهي واٽ تي هلي ٿو تہ اسان سڀني جو فرض آهي تہ انهي کي پنھنجو ڪيون، محمد علي پٺاڻ جا درد اسان جي سماج جا درد هجڻ گهرجن، اسان جي قافلي ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ آهن جيڪي بهادري سان اظهار ڪري سگهن ٿا، اندر ۾ ڪڙهي مرڻ کان بهتر آهي تہ بيحس سماج کي وائکو ڪجي ۽ اهو ڪم اسان جي ناليواري ليکڪ محمد علي پٺاڻ پنهنجي عمل سان ڪري ڏيکاريو آهي،پٺاڻ صاحب جي ٻين ڪتابن کي مون پڙهي ڏٺو آهي، هر ڪتاب ۾ هڪ انفراديت آهي، نوان تجربا ۽ نئون اسلوب آهي، اهڙي طرح سندس ھي ڪتاب” شاھ ۽ سٽَ ڪھاڻيون“ ان جو مظھر آھي، شاھ لطيف جي بيت جي سٽ ۽ ان کي پنھنجي فن ۽ فڪر سان فليش ڪھاڻي طور پيش ڪرڻ ھڪ نئون ۽ انوکو تجربو آھي،شاھہ جي بيت مان حصو کڻي جيڪو مختصر ڪھاڻيءَ جي ھئيت ۾ تجربو ڪيو ويو آھي اھو ڪيترو ڪامياب ٿيو آھي، ان جو فيصلو تہ ايندڙ وقت ڪندو پر شاهہ سائين جا ڌرتي، ٻولي ۽ انسان سان لاڳاپا ازلي موضوع ھن ڪھاڻين ۾ پڙھندي ايئن محسوس ٿين ٿا ڄڻ تہ پيوند ٿيل ڪو گل پنھنجي خوشبوء سان معطر ڪندو ھجي.
ڏسو تہ ڇا تہ خيال جي گھرائي آھي.
جان جيئين تان جَلُ……
جان جيئين تان جَلُ، جو جلڻ ئي نئون جنم آھي، ڀائو.
تخليق ڪرڻ ۾ ھميشہ تجربي ڪرڻ ۽ مثبت نواڻ آڻڻ جي ھميشہ گنجائش ھجي ٿي. ان لاءِ انجمن ترقي پسند مصنفين جو باني سجاد ظهير چئي ٿو تہ:”ھڪ ڪامياب فنڪار حقيقتن ۽ واقعن، مختلف انساني رشتن جي عمل ۽ ردعمل جي ڪيفيتن، سماجي زندگي مان ٿيندڙ بھترين تصورن ۽ نظرين جو مشاهدو ڪري ۽ انھن کي سمجهي پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ جذب ڪري ٿو. اھي سچايون ان جي جذبن جو ايتري قدر حصو ٿي پئن ٿيون، جيترو ان جي ذھن جو. پوءِ ھو جوش، جذبي، تخيل، بصيرت کي ڪم آڻي، ھو پنهنجي فنپاري جي تخليق ڪري ٿو. اھڙي طرح ئي ھڪ نئين راحت ڀري شي وجود ۾ اچي ٿي. ” محمد علي پٺاڻ بہ ھڪ اھڙي نئين راحت ڀري ڪتاب کي جنم ڏنو آهي جنھن کي پڙهندي معنا جا موتي حاصل ٿيڻ ٿا
ويڄ مَ ٻڪي ڏي، جو بيماري
پڇڻ تہ ايندو نہ…
يا
پاند ۾ پائي، ھوئن بہ ساڙ، حسد وارو ،ڪجھ بہ نہ ويندو!
پنھنجي اظھار لاءِ انھيءَ ڪلاسيڪي ادب کي وسيلو بنائڻ سڀ ڪنھن جي وس جي ڳالھ نہ ھوندي آھي. اھو حصو ڪنھن ڪنھن جي نصيب ۾ ھوندو آھي، منھنجي خيال ۾ ھي نئون ڳٿو کولڻ بہ محمد علي پٺاڻ جي نصيب ۾ آھي، تڏھن تہ چئي ٿو:
ڀَوَ مڙيو ئي ڀيل…..
ڀَوَ مڙيو ئي ڀيل، تہ منزل ٻہ قدم اڳتي وڌي آجيان ڪندئي….
اھا ڪيفيت انسان جي اندر کي وڏي شڪتي عطا ڪري ٿي، تڏھن تہ ھو منزل مقصود ماڻي ٿو.
محمد علي پٺاڻ جي ھنن فليش ڪھاڻين کي پڙھندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ھن شاھ سائين جي پيغام کي عام ماڻھن تائين summarize انداز ۾ پھچائڻ لاء ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
تون کھي کڻج وک…
تون کھي کڻج وک، جو پنھنجي وقت جو سجھندو توکي ڪرڻو آھي.
ڪيتري نہ ھن ھڪ سٽ ۾ منزل ڏانھن ويندڙ وک جي اھميت کي اجاگر ڪيو ويو آھي.
ڪيڏي نہ اختصار سان پٺاڻ صاحب داخلي خوبصورتي کي شاھ سائين جي بيت جي سٽ کڻي اظھار ڪيو آھي،
اکين ۾ ٿي ويھہ،اکيون ڇپر سڀ ڌر بند ڪري ويٺو ڏسانءِ..
اسٽيفن ڪنگ لکي ٿو تہ “ليکڪ جو اھو ڪم ناھي تہ ھو سڀني کي خوش ڪري، پر آهو ڪم آهي تہ ھو سچائي ۽ جذبي سان ڪھاڻي بيان ڪري” پٺاڻ صاحب جي ھن ڪتاب جي تخليقي روح کي مٿيون خيال فڪري انداز سان ٺھڪي اچي ٿو
تن رھين وٺان لڏ، جن جو وطن ڏي منھن نہ رھيو آھي!….
يا
ولر ڪيو وتن، جو پکين جو پاڻ ۾ ماڻهن کان وڌيڪ ميٺ آهي!
اردو ٻولي ۽ انگريزي جي ترجمي سچ تہ ڪتاب کي باغ جي مختلف گلن جي خوشبوء جئين واسي ڇڏيو آھي.
پٺاڻ صاحب فليش ڪھاڻين جي ھئيت کي پراڻي سانچي مان ڪڍي اھڙو تجربو ڪيو آھي جيڪو ادب ۾ نئين بحث کي جنم ڏيندو، اميد تہ اسان جي ليکڪن وٽ اهڙي شاندار تخليق پسند ايندي.
________________

رياض شاھد دايو انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر آهي ، ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.




محمد علي پٺاڻ شاھ لطيف جي شعرن کي ڪھاڻين جو روپ ڏئي سچ پچ ھڪ نئون تجربو ڪيو آهي ، رياض شاھد ھن آرٽيڪل وسيلي سندس ڪم کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.