Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

پاڪستان جي تاريخ سان ھٿ چُراند ٿي آھي، نوجوان نسل ٻُڌڻ لاءِ بہ تيار ڪونھي

ھن خطي ۾ اسلام محمد بن قاسم جي اچڻ سان ڪونہ پکڙيو، نہ ئي علاما اقبال پاڪستان جو خواب ڏٺو ھو. مھاڀاري جنگ ۾ ڪمزور ٿيڻ تي انگريزن ھندستان مان ھٿ ڪڍيا ھئا.

تاريخ گواھ آهي ته ننڍي کنڊ تي ست صديون حڪمراني ڪرڻ جي باوجود ھتان جا ڪل ويھ سيڪڙو ماڻھو مسلمان ٿيا، اها به عرب واپارين ، صوفين ، درويشن ۽ عالمن جي محنت هئي. هنن جابرن کان ته غير مسلم دلي طرح نفرت ڪندا رهيا.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

پروفيسر مدد علي جهتيال

تاريخ جو موضوع نه صرف اهم بلڪه انتهائي وسيع به آهي. ڪنهن به وڏي تاريخ نويس جي لکيل ۽ عرق ريزيءَ سان سهيڙيل تاريخ کي بہ مڪمل يا غلطين آجو قرار نٿو ڏئي سگھجي، پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته پاڪستان جي تاريخ اهڙي ته ٽوڙي مروڙي  پيش ڪئي وئي آهي جنهن جو تمام گھٽ مثال ملي ٿو. نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ جو پڙهيو لکيو نوجوان، پاڪستان جي تاريخ کي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي! جنهن کي ٻڌايون ٿا ته پهرين ته هو ٻڌڻ  لاءِ تيار نٿو ٿئي، جي ٻُڌي ٿو ته مڃڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي، ڇو ته سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ۽ خانگي طرح لکيل ڪتابن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ان ڳالھ کي ڌڻي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهن. کين اهو سمجھڻو پوندو ته جيستائين تاريخ کي درست نه ڪبو، تيستائين اڳتي به ڪونه وڌي سگھبو.

سرڪاري اطلاعاتي ذريعا ۽ تعليمي ادارن جي نصابن وسيلي تاريخ کي مسخ ڪرائي اهو تاثر پيدا ڪيو ويو ته پاڪستان  ڊاڪٽر محمد اقبال جو ”خواب“ هو ، پر حقيقت ۾ ايئن هر گز نه آهي. پاڪستان جي باني محمد علي جناح جو چوڻ هو ته پاڪستان جو تصور ڪنهن هڪڙي شخص جو تصور ناهي. ڊاڪٽر علامه اقبال فقط 30 ڊسمبر 1930ع تي فرمايو ته مان چاهيندس ته پنجاب ، سرحد ، سنڌ ، ۽ بلوچستان کي ملائي اتي  مسلمانن جي هڪ رياست قائم ڪئي وڃي، اها به انگريز حڪومت جي ماتحت ڪم ڪري . علامه اقبال ان ۾ بنگال جو ذڪر ئي نه ڪيو هو ۽ نه  وري مڪمل آزاديءَ جو، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جو تصور علامه اقبال نه ڏنو هو. ان کي هڪ راءِ چئي سگھجي ٿو، هڪ خواب يا تصور نه ٿو چئي سگھجي ۽ اها حقيقت اسان کي تسليم ڪرڻي پوندي .

سياسي نقط نگاھ سان ڏٺو وڃي ته هندستان جي 562 رياستن، علائقن ۽ صوبن ۾ واحد پنجاب صوبو ھو، جنهن مان انگريز حڪومت کي گھڻي کان گھڻا سولجر ملندا هئا. ان کان سواءِ پنجاب جا ماڻهو اڪثر انگريز حڪومت جا خطاب يافته رهيا . مثال طور سرميان فضل حسين، سر محمد شفيع، سر سڪندر حيات، سر خضر وغيره، خود علامه اقبال به خطاب يافته سر هو. هن قائداعظم محمد علي جناح جيان سر جي خطاب وٺڻ کان انڪار نه ڪيو هو، جيڪا تمام اهم ڳالھ آهي، پر ان جو ذڪر تمام گهٽ ڪيو وڃي ٿو. تاريخ جي پنن کي اٿلائجي ٿو ته ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان جو حقيقي بنياد ته سنڌ ۽ سنڌ وارن وڌو، 1938ع واري سنڌ جي قرارداد هجي يا خاص ڪري سائين جي.ايم.سيد 1943ع ۾پاڪستان جي حق ۾ قراداد پاس ڪرائي. ان قراداد کان پهرين اهڙي قسم جي قراداد هندستان جي ٻئي ڪنهن صوبي يا رياست پاس نه ڪرائي هئي. اهڙي جرئت ۽ همت هئي ته سنڌي ماڻهو ۾ ئي هئي، انهن کي اڄ ڏينهن تائين ڪو خاص حصو نه مليو، الٽو الزام هڻي بدنام ڪيو ويو ته سنڌي ملڪ جا غدار آهن. پوري دنيا گواھ آهي ته سنڌ پاڪستان لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون اهڙيون پاڪستان جي ٻئي ڪنهن صوبي نه ڏنيون آهن ۽ انهن کي تسليم نه ڪرڻ سبب ئي ملڪ بحرانن جو شڪار آهي.

سرڪاري اطلاعات جي ذريعن ۽ تعليمي نصاب ۾ اهو ڄڻايو ويو آهي ته ابن قاسم، محمود غزنوي ۽ غوري اسان جا هيروز هيا، جنهن جي ڪري ننڍي کنڊ هندستان ۾ اسلام آيو. پر حقيقت انهن جي ابتڙ آهي. هندستان ۾ سڀ کان پهرين اسلام آڻڻ وارا  صحابه ڪرام ۽ عرب واپاري هئا، جيڪي واپار سانگي ڪئي سال ايندا رهيا ۽ ايمانداري، سچائي ۽ ڀائيچاري واري طريقي سان هتان جي ماڻهن جون دليون کٽيندا رهيا. ان جو سبب اهو هو ته  هندستان ۾ ذات پات ۽ اوچ نيچ جو نظام رائج هو، وڏين ذاتين وارا غير مسلم ننڍين ذاتين وارن ماڻهن سان نفرت ڪندا هئا . اها سوچ وري اسلام ۾ نه هئي. اسلام ۾ هر انسان برابر آهي، انهي سبب جي ڪري هتان جي ڪجھ غير مسلم ماڻهن آهستي آهستي اسلام قبولڻ شروع ڪيو،

عرب واپارين کان پوءِ صوفين درويشن ۽ عالمن ان حوالي سان وڏو ڪردار ادا ڪيو،. باقي عربن، غزنوي ۽ غورين کي ته هتان جي دولت ۽ سونهن وٺي آئي ۽ هتان جي دولت ۽ سونهن کي ٻنهي هٿن سان لٽيندا رهيا. پاڻ به ان مان مزا وٺندا رهيا ته پنهنجن پوئين کي به مزا وٺرائيندا رهيا. جي اسلام دوست هجن ها ته هتان جي دولت ۽ هتان جي سونهن هتي ئي رهڻ ڏين ها ۽ هتان جي ماڻهن مٿان ئي خرچ ڪن ها ! جنهن سان گھڻي کان گھڻا ماڻھو مسلمان ٿين ها ۽ مذهب سان محبت ڪن ها . تاريخ گواھ آهي ته ستن صدين جي حڪمراني ڪرڻ جي باوجود ڪل ويھ سيڪڙو مسلمان ٿيا، اها به عرب واپارين ، صوفين ، درويشن ۽ عالمن جي محنت هئي. هنن جابرن کان ته غير مسلم دلي طرح نفرت ڪندا رهيا.

اها ڳالهه به ٻڌائي وڃي ته مسمانن هندستان جي اقتدار خاطر هڪٻئي سان ڪيتريون خوني جنگون ڪيون؟ جي مذهب جا پوئلڳ هجن ها ته خون ريزي نه ڪن ها ۽ نه ڪرائن ها ! مسلمان حڪمرانن جون نا اهليون ۽ لاپرواهيون ڏسي چند انگريز واپاري هتي واپار سانگي آيا ۽ انهن ڏسندي ڏسندي هندستان جو اقتدار پنهنجي قبضي هيٺ ڪيو ۽ مسلمانن جي طويل تاريخ کي ايترو ته مسمار ڪري ويا جو مسلمانن جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو جنهن تي انگريز لکارين کي پڻ اهو لکڻو پئجي ويو ته ” صدين تائين حڪمراني ڪندڙ مسلمانن جو هن علائقي ۾ اهڙو ته حشر ٿيو انهن سوچو به نه هوندو.

اها ته هندستاني مسلمانن جي وري به خوش قسمتي هئي جو ٻي جنگ عظيم، جيڪا 1939ع کان 1945ع تائين لڳي، جنهن ۾ انگريز ڪمزور ٿيا ۽ هندستان مان هٿ ڪڍڻ جو اعلان ڪين، نه ته ھندستان کي ”سوني جھرڪي“ چوندڙ ڪيئن هندستان مان هٿ ڪڍن ها! هنن جو پنهنجو ملڪ هنن جي هٿان پئي ويو.

مقصد چوڻ جو اهو آهي ته تاريخ کي  مسمار ڪرڻ ايئن آهي، جيئن پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ، ڇو ته تاريخ سج جي روشني جيان هوندي آهي، ان کي ڀلي ڪيترو به تبديل ڪيو وڃي آخرڪار اها ظاهر ٿيو پوي. ان لاءِ اسان کي گهرجي ته ان سان هٿ چراند نه ڪريون ۽ جيڪي هٿ چراند ٿي آهي ان کي درست ڪيون ۽ جيڪو به اهڙِي قسم جي حرڪت ڪري، ان کي وائکو ڪيو وڃي.

_________________

Madad Jhatial-TheAsiaN

مدد علي جھتيال حيدرآباد ۾ پروفيسر آھي   

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button