خالدہ چانڊيو جي قبر تي سڄي سنڌ مان آيل عورتن جو ڌرڻو، جنازي نماز ادا ڪئي وئي
وومين ايڪشن فورم جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عورتون گڏ ٿيون، جن خالدہ جي قبر تي اجرڪون ۽ چادرون چاڙهيون، گلن جي ورکا ڪئي، ۽ عهد ڪيو ته سندن جدوجهد تيسين جاري رهندي جيسين عورتن کي وقار ۽ مرضيءَ سان جيئڻ جو حق نه ملندو.

خيرپور: وومين ايڪشن فورم (WAF) جي سڏ تي، سموري سنڌ مان شعور رکندڙ عورتن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ مددگار مردن جي وڏي انگ گذريل ڏينھن خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ٽنڊو مستيءَ ۾ خالدہ چانڊيو جي قبر تي حاضري ڀري، جنهن کي هجوم جي سامھون “ڪاري” قرار ڏئي بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو هو.
هن موقعي تي هڪ مزاحمتي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران عورتن علامتي طور تي ميت جي جنازي نماز پڻ ادا ڪئي. هيءَ گڏجاڻي عورتن تي وڌندڙ تشدد، غيرت جي نالي تي قتل ۽ سماجي ناانصافين خلاف هڪ طاقتور احتجاج هئي.
ضلعي خيرپور جي ٽنڊو مستيءَ جي رهواسڻ شادي شده عورت، خالدہ چانڊيو (جنهن جو مڙس گذريل ٻن سالن کان گم هو)، کي هڪ شخص سان وڃڻ جي الزام ۾ “ڪاري” قرار ڏئي ڳوٺاڻن جي موجودگيءَ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ھو. هُوءَ پنهنجي مرضي سان وئي هئي پر گهرڀاتين کيس ٽن ڪلاڪن اندر ڳولي لڌو ۽ پوءِ هجوم جي سامهون کيس قتل ڪيو ويو. قتل کان پوءِ سندس بي حرمتي ڪئي وئي؛ کيس نه غسل ڏنو ويو، نه ڪفن پارايو ويو ۽ نه ئي جنازي نماز پڙهائي وئي. ان جي بدران، سندس ميت کي تڙ تڪڙ ۾ هڪ کڏ ۾ پوريو ويو.
ان واقعي جي ردعمل ۾، وومين ايڪشن فورم جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عورتون گڏ ٿيون، جن خالدہ جي قبر تي اجرڪون ۽ چادرون چاڙهيون، گلن جي ورکا ڪئي، ۽ گڏجي عهد ڪيو ته سندن جدوجهد تيسين جاري رهندي جيسين عورتن کي وقار ۽ مرضيءَ سان جيئڻ جو حق نه ملندو.
هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نگرپارڪر، ٿرپارڪر جي ٻين علائقن، ميرپورخاص، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن مان شعور رکندڙ عورتن ۽ ترقي پسند مردن شرڪت ڪئي. ھنن، عورتن جي حقن، وقار ۽ برابريءَ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. ھنن چيو ته عورتن کي پنهنجو جيون ساٿي چونڊڻ، محبت ڪرڻ، پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ ۽ خودمختياري سان جيئڻ جو بنيادي حق حاصل ھجڻ گھرجي .

گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي ھنن “ڪارو ڪاري” جي نالي تي عورتن جي قتل، لاشن جي بي حرمتي ۽ پسند جي شاديءَ کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. پدرشاهي ذهنيت کي رد ڪيو جيڪو عورتن کي انسان بدران ملڪيت سمجهي ٿو.
عورت اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ عورتن تي تشدد رڳو انفرادي عمل ناهي، پر ان کي سرداري نظام، قبائلي اثر رسوخ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪجهه حصن جي پٺڀرائي حاصل آهي. انهن قوتن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت سبب انصاف نٿو ملي ۽ مظلوم خاندانن کي بي يارو مددگار ڇڏيو وڃي ٿو.
خالدہ چانڊيو جي قبر تي متحد ٿي شرڪت ڪندڙن اعلان ڪيو: ”اسان اهڙي سنڌ جو خواب ڏسون ٿا جتي عورتون ماتحت نه پر برابر جون شهري هجن، جتي اهي محبت ڪرڻ، چونڊ ڪرڻ ۽ وقار سان جيئڻ ۾ آزاد هجن. اسان شاهه لطيف جي ان سنڌ لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين جيڪا انسانيت، محبت ۽ برابريءَ تي ٻڌل هجي، جتي عورتن جي جذبات کي ڏوهه نه سمجهيو وڃي.”
اڳواڻن سنڌ ۾ وڌندڙ “خوفناڪ سماجي خاموشي” تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته اهڙا واقعا هاڻي رڳو معمولي خبرون بڻجي رهيا آهن، جنهن سان عوام جي حساسيت ختم ٿي رهي آهي. سياسي ۽ سماجي تنظيمون ان کي معمولي واقعو سمجهي نظرانداز ڪري رهيون آهن. هنن چيو ته عورتن تي تشدد اڃا تائين مکيه سياسي ايجنڊا جو حصو ناهي بڻيو، جيڪو هڪ خطرناڪ لاڙو آهي.

گڏجاڻيءَ ۾ باقراڻي (لاڙڪاڻو) جي واقعي جو به ذڪر ڪيو ويو، جتي ماءُ ۽ ڌيءَ جي قتل کانپوءِ بنا پوسٽ مارٽم ۽ بنا مذهبي رسمن جي ميتن کي دفنايو ويو. ان تي پوليس جي غفلت ۽ جوابداريءَ جي کوٽ تي سخت تنقيد ڪئي وئي. ھنن گھُر ڪئي تہ واقعي جي شفاف، آزاد ۽ غير جانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي، سموريون حقيقتون عوام جي سامهون آنديون وڃن، ذميوار پوليس آفيسرن ۽ ملوث ڌرين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ھنن اھا بہ گھُر ڪئي تہ “ڪارو ڪاري” جي روڪٿام لاءِ اعليٰ سطحي صوبائي ڪميشن بڻائي وڃي، جيڪا سردارن، پوليس ۽ مقامي طاقتور ڌرين جي ڪردار جي جاچ ڪري ۽ ڪميشن جي سفارشس تي عمل ڪرڻ لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي وڃي ۽ خاص عدالتن ذريعي تيزي سان ڪيس هلائي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
وومين ايڪشن فورم مطالبو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن، سينئر پوليس آفيسرن ۽ سول سوسائٽي تي ٻڌل ڪميشن بڻائي وڃي جيڪا: قبائلي نظام جي ڪردار جو جائزو وٺي، پوليس ۽ عدالتي نظام جي ڪمزورين کي دور ڪري، ڪارو ڪاري خلاف “زيرو ٽالرنس” (ٻڙي برداشت) جي پاليسي نافذ ڪري.
هن احتجاجي ڌرڻي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ عارفانہ ملاح، امر سنڌو، حسين مسرت، روزينه جوڻيجو، نجمه پنهور، گلبدن جاويد، منير ڀرڳڙي، اشفاق لغاري، رخسانه پريت، غفرانه آرائين، شهناز راهو، شھربانو راهو، شازيه نظاماڻي، نظير قريشي، زينت، عبدالقادر، فهميده جروار، عطيه اسماعيل، فرحين مغل، آئزہ راڄپر، خالده پيرزادو، حسينہ ساند، نشا پيرزادو، غلام سڪينه سمون، شهناز راهو، مقصوده ڀٽي، ساجده سولنگي، ڪائنات مھر، ايڊووڪيٽ فرزانه، حفصه، ارم، مصباح ۽ شهناز شيخ، راڌا ڀيل، سڪينه لغاري، سينيٽر ڪرشنا ڪولھي، ڊاڪٽر اندرا، ڊاڪٽر سيتا رام، مايا ساگر اوڏ، ثمينه ابڙو، شائستہ بلوچ ، ايڊووڪيٽ صنم منگي، روبينه چانڊيو، عظميٰ ميمڻ ۽ ٻيا شامل ھئا.
گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي، خالدہ چانڊيو جي قبر تي هڪ ڀيرو ٻيهر عهد ڪيو ويو ته تشدد ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ جو سلسلو تيسين جاري رهندو جيسين سنڌ جي هر عورت کي برابري، آزادي ۽ وقار حاصل نه ٿئي. (پريس رليز)
___________________



