عجب خواهشن جي گهيري ۾ ڦاٿل دنيا: انسان جي اڻپوري سفر جي ڪهاڻي
زندگيء جو اصل مقصد صرف خواهشن جي پٺيان ڊوڙڻ نه پر انهن کي سمجهڻ آهي۔ انسان جيڪڏهن پنهنجي خواهشن کي شعور سان پرکڻ سکي وڃي ته پوءِ زندگي جو سفر به وڌيڪ بامعني ٿي سگهي ٿو۔ ڪڏهن ڪڏهن سادگيءَ ۾ به اهڙو سڪون لڪل هوندو آهي، جيڪو هزارين خواهشن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ به نصيب نه ٿيندو آهي۔

حڪيم پريم چاندواڻي
خواهشون لامحدود هونديون آهن جڏهن ته وسيلا محدود هوندا آهن۔ جيڪڏهن ڪو انسان خواهشن ۽ ضرورتن جي فرق کي سمجهي وٺي ته جيڪر خواهشن جي خوامخواھ جي دائري جي ڦيري ۾ ڦاسي نه پوي۔ سڀ خواهشون ته بادشاهن جون به پوريون ناهن ٿينديون۔ تنهن ڪري صبر شڪر ۽ سادگيء سان جيون بسر ڪرڻ ئي سڪون جو باعث بڻجي سگهي ٿو۔ گهڻين خواهشن جي گهيري ۾ رهڻ وارو شخص پنهن جو چين سڪون وڃائي بي آراميء جي بدمزگيء ۾ زندگي گذاريندو آهي ۽ هڪ دائري ۾ پيو سفر ڪندو آهي جتي سفر ڪڏهن به مڪمل ناهي ٿيندو۔
انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو راز شايد اهو ئي آهي ته هو سدائين ڪنهن نه ڪنهن خواهش جي پٺيان ڊوڙندو رهي ٿو۔ خواهشون انسان جي وجود سان جڙيل اهڙي حقيقت آهن، جيڪي کيس اڳتي وڌڻ لاءِ همٿ ڏين ٿيون، پر ساڳئي وقت ڪڏهن ڪڏهن انهن ئي خواهشن جو ڄار انسان کي اهڙي گهيري ۾ آڻي بيهاري ٿو، جتان نڪرڻ آسان نٿو رهي۔ دنيا جي تاريخ، فلسفي ۽ نفسيات کي غور سان ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته انسان جي اندر جو سڀ کان وڏو تحرڪ خواهشن مان پيدا ٿئي ٿو، ۽ ساڳئي وقت سڀ کان وڏو انتشار به انهن مان ئي جنم وٺي ٿو۔
زندگيءَ جي رستي کي جيڪڏهن ڪنهن گول دائري سان تشبيھہ ڏجي ته اها تشبيهہ بيحد معني خيز لڳي ٿي۔ جڏهن ڪو مسافر گولائيءَ جي ڦيري ۾ سفر ڪري ٿو ته هو هلندو رهي ٿو، اڳتي وڌندو رهي ٿو، پر آخرڪار ٻيهر ساڳئي نقطي تي اچي بيهي ٿو جتان سفر شروع ڪيو هئائين۔ زندگي به ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ئي ڦيري وانگر محسوس ٿيندي آهي۔ انسان ننڍپڻ ۾ جيڪي خواب ڏسي ٿو، جوانيءَ ۾ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو، ۽ پوڙهائپ ۾ جڏهن پوئتي موٽي ڏسي ٿو ته کيس لڳي ٿو ته ڪيترين خواهشن جو سفر اڃا به اڌورو يا ناممڪل رهيو آهي۔
خواهشن جو اهو سلسلو ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي۔ هڪ خواهش پوري ٿيندي آهي ته ٻي جنم وٺندي آهي، ٻي پوري ٿيندي آهي ته ٽين دل ۾ جنم وٺي ٿي۔ اهڙيء ريت انسان جي دل اندر اميدن ۽ خواهشن جو هڪ نه کٽندڙ قافلو هلي ٿو۔ پر حقيقت اها آهي ته انهن مان گهڻيون خواهشون منزل تائين نه پهچنديون آهن، بلڪہ وقت جي وهڪري ۾ آهستي آهستي ارمانن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن۔
فلسفي جي دنيا ۾ ڪيترن مفڪرن اهو خيال پيش ڪيو آهي ته انسان جي تڪليفن جو وڏو سبب به سندس بي انتها خواهشون آهن۔ جڏهن خواهشون حقيقت سان ٽڪرائجن ٿيون ته مايوسي جنم وٺي ٿي، ۽ جڏهن اميدن جا محل ٽٽي پون ٿا ته دل ۾ خالي پڻو پيدا ٿئي ٿو۔ تنهنڪري داناءُ ماڻهن هميشہ اهو چيو آهي ته زندگيءَ جو حسن توازن ۾ آهي، اهڙو توازن جنهن ۾ خواهشون هجن، پر انهن جو غلام نه ٿجي۔
اڄ جي جديد دنيا ۾ ته خواهشن جو دائرو اڳي کان به وڌيڪ وسيع ٿي ويو آهي۔ ٽيڪنالاجي، مارڪيٽ ۽ معاشي مقابلي انسان جي ذهن ۾ نيون نيون ضرورتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن۔ ماڻهوء کي اهو لڳي ٿو ته جيڪڏهن هن وٽ وڌيڪ دولت، وڌيڪ شهرت يا وڌيڪ سهولتون هجن ته شايد سندس زندگي مڪمل ٿي وڃي۔ پر حقيقت ۾ جڏهن اهي شيون حاصل به ٿي وڃن ٿيون ته به دل جي اڃا ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪا ٻي خواهش جاڳي پوي ٿي۔
اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو پنهنجي سموري عمر ڪنهن اهڙي منزل جي تلاش ۾ گذاري ڇڏين ٿا جيڪا شايد موجود ئي نه هجي۔ هو ڊوڙندا رهن ٿا، ٿڪندا رهن ٿا، پر جڏهن پوئتي موٽي ڏسن ٿا ته محسوس ٿيندو آهي ته سندن سفر ڪنهن گول ڦيري وانگر هو، جتي شروعات به ٻڙي هئي ۽ انجام به ٻڙي تي اچي بيٺو آهي۔ انهيءَ حقيقت مان هڪ وڏي دانائي جو سبق ملي ٿو: زندگيء جو اصل مقصد صرف خواهشن جي پٺيان ڊوڙڻ نه پر انهن کي سمجهڻ آهي۔ انسان جيڪڏهن پنهنجي خواهشن کي شعور سان پرکڻ سکي وڃي ته پوءِ زندگي جو سفر به وڌيڪ بامعني ٿي سگهي ٿو۔ ڪڏهن ڪڏهن سادگيءَ ۾ به اهڙو سڪون لڪل هوندو آهي، جيڪو هزارين خواهشن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ به نصيب نه ٿيندو آهي۔
شايد انهيءَ احساس کي شاعر پنهنجي مختصر پر گهري لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو:
عجب خواهشن جي گهيري ۾،
پئي دنيا ڦاسي، ڦيري ۾۔
جيئن خواهشون ٿيون وڌنديون وڃن،
تيئن بيحسيون ٿيون وڌنديون وڃن۔
____________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.



