Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن: دهليءَ ۾ سنڌي اڪئڊميءِ جي تقريب

سنڌي اڪئڊمي دھليءَ اڄوڪي ڏينھن ھڪ پروگرام رٿيو آھي جنھن ۾ تي شاگردن وچ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جا مقابلا ڪرايا ويندا، جنهن جو مقصد ٻارن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ آهي.

نئين دھلي

اڄ سڄي دنيا م رھندڙ سنڌي برادري سنڌي ٻوليءَ جو مڃتا ڏينهن (Sindhi Language Recognition Day) وڏي اتساهه سان ملهائي رھيا آھن. هيءُ ڏينهن نه صرف هڪ ٻوليءَ جي مڃتا واري جشن جو نالو آهي، پر اها ان تاريخي جدوجهد جي يادگيري آهي، جيڪا هندستان لڏي ويل سنڌين پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ ۽ ٻوليءَ کي قانوني تحفظ ڏيارڻ لاءِ وڙهي هئي.

ورهاڱي کان پوءِ هندستان ۾ آباد سنڌين کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي بقا جي چئلينج درپيش هئي. سنڌي اديبن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن هڪ ڊگهي جاکوڙ ڪئي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊول (Eighth Schedule) ۾ شامل ڪيو وڃي. 10 اپريل 1967ع تي هندستاني پارليامينٽ آئين ۾ 21 هين ترميم منظور ڪئي، جنهن تحت سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي قومي ٻولين ۾ شامل ڪيو ويو.

هن مڃتا سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي، ادبي ۽ سرڪاري واڌاري لاءِ نوان رستا کوليا. انھيءَ سلسلي ۾ دهلي سرڪار سنڌي اڪئڊميءَ ھر سال جيان ھن سال ڏھين اپريل تي هن تاريخي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ خاص تقريب ڪوٺائي وئي آهي.

ھيءُ پروگرام ايس. اِي. ايس. بابا نڀراج اسڪول، لجپت نگر، نئين دهليءَ ۾ ٿي رھيو آھي جنھن جو مقصد نئين نسل کي پنهنجي ٻوليءَ سان جوڙڻ ۽ کين سنڌي ورثي کان آگاهه ڪرڻ آھي. ڊاڪٽر رميش ايس. لال، سيڪريٽري، سنڌي اڪئڊمي، دهلي جي پڌرائيءَ موجب هن موقعي تي شاگردن وچ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جا مقابلا ڪرايا ويندا، جنهن جو مقصد ٻارن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ آهي. ان سان گڏ سنگيت ۽ نرتيه (موسيقي ۽ رقص) ذريعي سنڌي ثقافت جا رنگ پيش ڪيا ويندا.

سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا جو هيءُ ڏينهن ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٻوليون صرف رابطي جو ذريعو ناهن، پر اهي قومن جي جيئري هجڻ جي سڃاڻپ هونديون آهن. دهليءَ ۾ سنڌي اڪئڊمي پاران اهڙيون تقريبون اها اميد پيدا ڪن ٿيون ته سنڌي ٻولي پنهنجي سموري پختگيءَ سان ايندڙ نسلن تائين منتقل ٿيندي رهندي.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. توھان کي گهڻيون شاباسون ھجن.. سدا خوش رھو ..
    سنڌ پنھنجي حال سارو ٻولي جي بچاءُ لاء ھٿ پير ھڻي رھي آھي ..
    ❤️❤️❤️❤️🙏🙏❤️❤️🎉🎉🎉

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button