Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

لطيف شناسي: سُر مارئي، ھڪ بھادر، پُراعتماد ۽ محب وطن پنھوارڻ ڇوڪريءَ جو قصو

سُر مارئي ھڪ بھادر، پُراعتماد ۽ محب وطن پنھوارڻ ڇوڪريءَ جو قصو آھي، جيڪا وقت جي ظالم حاڪم اڳيان انڪار ٿي ڪري۔ سڀ تڪليفون برداشت ڪري ٿي، پر آڻ نہ ٿي مڃي۔ ھيڻي نہ ٿي ٻَولي، سمجهوتو نہ ٿي ڪري، لالچ ۽ خوف جي ڪوڙڪين ۾ نہ ٿي ڦاسي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل فوٽو

ڊاڪٽر خادم منگي

سُر مارئي ھونءَ تہ ھڪ قصو آھي۔ پر لطيف سائين ھن قصي کي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آھي ۽ شاعري چئبو ئي ان کي آھي، جيڪا ڳائي وڃي۔ ان ڪري مارئي جي قصي کي لطيف سائينءَ شاعريءَ ۾ بيان ڪري ۽ ڳائي راڳ ۾ شامل ڪيو ويو آھي۔ سنڌ ۾ چوڻي آھي تہ “اسین مارئي سينڍ ۾ نہ ڳائيندا آھيون۔” معنا جيڪو چوڻو ھوندو آھي نغاري/نقاري جي چوٽ تي چئي ڏيندا آھيون۔ مطلب سچ دھل تي ڳائي وڄائي چوندا آھيون ۽ ٻچاپڙائپ نہ ڪندا آھيون۔ مارئي وڏي واڪي ڳائڻ مان، ھڪ مراد، ھر دؤر جي عمر جھڙي ظالم بادشاھ کي، ڀريءَ محفل ۾، منھن تي سچ چئي ڏيڻ واري روش بہ وٺڻ کپي۔ تنھن ڪري ھيءَ چوڻي ھر دؤر ۾ valid آھي۔ جيستائين بہ ظالم حڪمران ھوندو، تيستائين مارئي وڏي واڪي پئي ڳائبي رھبي۔

سُر مارئي ھڪ بھادر، پراعتماد ۽ محب وطن پنھوارڻ ڇوڪريءَ جو قصو آھي۔ جيڪا وقت جي ظالم حاڪم اڳيان انڪار ٿي ڪري۔ سڀ تڪليفون برداشت ڪري ٿي، پر آڻ نہ ٿي مڃي۔ ھيڻي نہ ٿي ٻولي، سمجهوتو نہ ٿي ڪري، لالچ ۽ خوف جي ڪوڙڪين ۾ نہ ٿي ڦاسي۔ جڏھن بہ کري ۽ کوٽي جي پرک ڪرڻي ھجي تہ ان کي سر مارئيءَ جي کوري مان گذارجي۔ ھيءَ ڇوڪري ڪٿي بہ منجهي نہ ٿي پوي۔ مارئي استعارو آھي “نہ” چوڻ جو۔ A BIG NO. ھڪ وڏو انڪار۔ جنھنکي سج جيڏو پٿر بہ پرزا نہ ٿو ڪري سگهي۔ انڪار جيڪو بادشاھت جا چارئي ٿنڀ لوڏي پَٽي ڦِٽا ڪندو آھي۔ جيڪو مروج اصولن کي پاڙئون اکيڙيندو آھي۔ طاقت ڀلي فيل مست ھجي پر انڪار ان کي ڪَن ۾ ڪول وانگي چڪ وجهندو آھي۔ طاقت ڀلي ھڪ گهاٽو جهنگ ھجي پر انڪار ان جي آڏو ماچيس جي ھڪ ننڍڙي تيلي آھي۔

ھڪ طرف تہ مارئيءَ جي ڪڙم قبيلي جا مارو ماڻھو ھٿين خالي، مسڪين، مالوند/سنگهار، پرامن، اشراف، پنھنجي واٽ وارا آھن، جيڪي ڪنھنکي ڏين نہ ڏکائن۔ پر پنھنجي آڏ وڏائيءَ وارا، شان مان وارا ۽ اوچي ڳاٽ ھلڻ وارا آھن۔ ۽ ٻئي طرف ھو عمر/ھمير سومرو ھٿيارن پنھوارن سان، رعب ۽ دٻدٻي سان، جاھ و جلال وارو ظالم بادشاھ آھي۔ جيڪو غريبن جي ننگن ڏانھن ميري اک ڪيون ويٺو آھي۔ ڪنھن بہ نیاٹيءَ کي سندس مرضيءَ کانسواءِ، زوريءَ کنڀي کڻي وڃي، ڪوٽ ۾ بند ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آھي؟ مونکي شرم ٿو اچي ھھڙي بيشرم ماڻھوءَ کي سنڌ جو حاڪم چوندي۔ ڇا ان دؤر ۾ ڪو بہ اھڙو جوڌو نہ ھیو جیڪو کيس ڏينھن جا تارا ڏيکاري ھا؟ سنڌ ھر دؤر ۾ ارڏا پيدا تہ ڪندي رھي آھي۔ سنڌ ۾ تر کوٽي ڪونھي۔ عمر سومرو ۽ چنيسر سومرو سنڌ جي تاريخ  تي ٻہ وڏا بدنما ڪوڙھ جا داغ آھن۔ ننگن تان نثار ٿيڻ جو مثال اچي تہ دنیا دودي سومري جو نالو کڻندي آھي۔ جنھن چيو ھيو تہ “جي گولي ويندي گجرين، تہ بہ چوندا دودي ڀيڻ” ۽ وري سامن تان سر ڏيڻ جي ڳالهہ اچي تہ دنیا مھائين مير ابڙي اڙٻنگ جو مثال ڏيندي آھي۔ جنھن چيو ھيو تہ جائون جيئرو آھيان  سومريون تہ ڇا، سومرين جو پاڇو بہ خلجيءَ کي ڏسڻ لاءِ نہ ڏيندس۔ سنڌ کي فخر آھي دودي سومري، ڄام نندي ۽ غلام شاھ ڪلھوڙي جھڙن حڪمرانن تي۔

لطيف سائينءَ جو ٿر ۾ ڄڻ تہ روح اٽڪيل ھيو۔ مارئي، سارنگ، مومل ۽ ڏھر ھنن سڀني سُرن ۾ وارياسي علائقي/ٿر جو ذڪر آھي۔ ٿر جو ٻيو نالو آھي مينھن تي آباد ٿيندڙ/باراني علائقو۔ واريءَ جون ڀِٽون ۽ ڏھر ٿر جي سڃاڻپ آھن۔ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اڃاري شيءِ واريءَ جي ڀِٽ ٿيندي آھي۔ جيترو بہ مینھن پویس ڄڻ پيو ئي نہ۔ سڄو پاڻي ڏوگهي ويندي آھي۔ پاڻيءَ جي اڻاٺ، کوھن، تلائن تان پاڻي ڀرڻ، مينھن جو پاڻي گڏ ڪرڻ، جنھنکي انگريزيءَ ۾ Rain harvesting ۽ سنڌي ماڻھو ان کي پلر چوندا آھن، ھي عڪس صرف ٿر جي ئي سڃاڻپ آھن۔ ٿر ۾ تلاءَ گهڻا آھن۔ تلاءَ کي سڄي ننڍي کنڊ ۾ سَر، چوندا آھن۔ ٿر ۾ ڀوڏيسر، ڪجلا سر، نبيسر، کارسر وغيرھ جي نالن سان تلاءَ آھن۔ تبت ڀرسان مانسر، پنجاب جي امرتسر ۽ ڪي پي ڪي جي لُلُوسر کان وٺي سنڌ جي ڀوڏيسر  تائين سڀ تلاءَ ۽ ڍنڍون water resevoires آھن۔ جن سان زير زمين پاڻيءَ کي recharge پڻ ڪيو وڃي ٿو۔ ڪارونجهر ۽ ڪينجهر ۾ لفظ جهر پاڻي آھي۔ پاڻيءَ کي جر بہ چئبو آھي ۽ جهر، جهرڻي مان بہ ورتل ٿو ڏسجي۔ منڇر ۾ لفظ ڇر معنا پاڻي آھي۔ ان ڪري سر، ڇر، جر ۽ جهر پاڻيءَ جا نالا آھن۔ ڪراچيءَ جي کاري در ۽ مٺي در تي نالا، مٿن پاڻيءَ جي ڪري ئي پيل آھن۔

ٿري ڇوڪري پاڻي ڀرڻ لاء کوھ تي وڃي ۽ اتان کڄي وڃي اھو ظلم ناھي تہ ٻيو ڇاھي؟

مارئيءَ جو قصو بظاھر تہ ان ڏينھن کان شروع ٿئي ٿو جنھن ڏينھن مارئي ڄائي ھوندي۔ پر حقيقت ۾ مارئي ”اَلستُ بربڪم“ ۽ ”ڪُن فَيڪون“ معنا روزِ ازل کان پنھنجو قصو شروع ڪري ٿي ۽ چوي ٿي تہ منھنجو ویڙھيچن سان وچن ۽ پنھنجي پرينءَ سان پيچ ان وقت جو اٽڪيل آھي جڏھن ڪن فيڪون چيو ويو ھيو۔ ڪن فيڪون، مونولاگ monolog آھي معنا ھڪ طرفو جملو۔ ۽ الست بربڪم جي جواب ۾ چيل قالو بلا وري ڊائيلاگس dialogues آھن۔ معنا ٻہ طرفا جملا۔ سو ڊراما نگارن کي خبر ھجڻ کپي تہ سڀ کان پھريون ڊائلاگ ۽ مونولاگ بہ ڪيترا پراڻا آھن۔

 سو ھي قصو ڪائنات جي شروع ٿيڻ سان ئي شروع ٿيو آھي۔ ھي قصو حب الوطنيءَ Patriotism جو آھي۔ جيڪا ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان محبت کان وڌيڪ عقيدت جي حد تائين لڳاء ڏيکاريندي آھي۔ حب الوطني انسان جي gene ۾، ڪن فيڪون کان وٺي شامل آھي۔ gene معنا لوح و قلم۔ ڪٿي وري لطيف سائين ڪن فيڪون ۽ چنڊ جي وجود کان بہ اڳ جي ڳالهہ ڪري ٿو۔ ان ڪري ئي تہ ڌرتيءَ جي ڇڪ ۾ مقناطيسيت کان وڌيڪ طاقت آھي۔ “ڪُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِہٖ‘،” جھڙي سِٽ ھن سُر ۾ ڏئي لطيف سائين اسان کي ڄڻ تہ protoplasm سمجهائڻ جي طرف وٺي ٿو وڃي۔ پروٽوپلازم ھرھڪ سيل جي بناوت جو بنياد آھي۔ proto means first ۽ plasm means life. مطلب پھرين زندگي۔ ۽ پروٽو پلازم جون سڀ faculties وري فطرت مان ئي کنيل آھن ۽ فطرت ۾ موجود زندگي پاڻي، آڪسيجن ۽ مٽيءَ کانسواءِ ممڪن ئي ناھي۔ مٽي ڇا آھي؟ ڌرتي، ديس، وطن ۽ مُلڪ سڀ مٽي آھي۔ جنھنجي خوشبو مارئي ڪوٽ ۾ بہ محسوس ڪري پئي۔ ملير تي مينھن وسي تہ مٽيءَ جو ھڳاءُ مارئي، امر ڪوٽ جي اونداھي ڪوٺيءَ ۾ بہ محسوس ڪري، اھا آھي ديس جي محبت۔ ديس جي محبت جي سائنس کي سمجهڻ جو اصل مڪينزم ڪو لطيف سائينءَ کان سکي۔

بلھي شاھ بہ زبردست ڳالهہ ڪئي آھي۔

“ڄڃ مٽي دي، گهوٽ مٽي دا۔

مٽي دي بڻي اي ڪنوار۔

اھا مٽي حڪم ڪريندي ھزار۔

چلھا مٽي دا، بلھا مٽي دا۔

مٽي دا بڻيا اي سنسار۔

اھا مٽي حڪم ڪريندي ھزار۔”

سمورن آفاقي شاعرن آسمان کي ڇڏي ڌرتيء سان نينھن لڳايو آھي۔ ”وفا سرشت میں ہوتی تو سامنے آتی،

وہ کیا فلک سے نبھائیں گے جو زمیں کے نہیں؟“

مِٽيءَ سان جيڪو مِٽي نہ ٿيندو سو ڌوڙ ۽ ڇائي ٿي ويندو۔

  مونکي حيرت تڏھن ٿيندي آھي جڏھن لطيف سائين ھھڙين سادڙين ڇوڪرين جي واتان ايڏا وڏا تاريخي ۽ حقيقي جملا چوِرائيندو آھي۔ ”ڪُن فَيڪون“ ڪيترو پراڻو جملو آھي ان لاء اسان ھي سوال بائلاجيءَ جي شاگردن لاء اتي ئي ڇڏي، ھلون ٿا مارئيءَ جي ڳوٺِ، مليرِ۔

مارئي ھڪ سھڻي ڇوڪري ھئي ۽ سھڻي ڇوڪري سڀني جي نظر ۾ ھوندي آھي۔ سڄو ڳوٺ خواھمخواه عاشق ٿي پوندو آھي۔ ”اديءَ کي جَن نہ ڪَن۔ ادو عشق ۾ انڌو“۔ مارئي ڪيتري سھڻي آھي؟ پھريان اھو معاملو حل ڪيون تہ اڳتي پوءِ ٿا وڌون۔ اچو تہ لطیف سائینءَ کان پڇون تہ مارئي ڪيتري سھڻي آھي؟

“پکي منجهہ پدمٹي، ڪرِ ڏي وراڪا وِڄُ۔

جھڙي صورت سِڄُ، تھڙي مورت مارئي۔”

لطيف سائين ھنن ٻن سٽن ۾ ڇا تہ ھن سنڌ جي نياڻيءَ جي سونھن جو بيان ڪري دنگ ڪيو آھي! حسن جو مقابلو ڪرائيندڙ ججن کي جيڪڏھن ھنن ٻن سٽن جي ڇڙو معنا سمجهائجي تہ ڏندڻجي بیھوش ٿي ويندا۔ سڄي عمر وتندا ڳوليندا تہ اھڙي سھڻي ڇوڪري رڳو ھڪڙو ڀيرو ڏسون تہ سھي، جنھن جي سِر تي سونھن جو تاج رکون۔ مان سمجهان ٿو روءِ زمين تي اھڙي حسين ڇوڪري وري ٻيھر نہ آئي ھوندي۔ ڪوھ ڪاف جون پريون، ھومر جي ٽراءِ واري ھيلن/ Helen of troy، ۽ مصر جي قلوپطرا Clopetra جي سونھن بہ پنھنجي جاء تي ھوندي، پر لطيف سائين جي Judgement مطابق، سونھن جي مقابلي ۾ اسين سنڌ واسي سڄي دنيا کان کَٽي آيا آھيون۔ Miss Universe جو رڪارڊ اسان سنڌين وٽ آھي۔ ۽ اھا سونھن ئي وري ھن ادڙيءَ جي دشمن بڻي۔ سونھن جي ھاڪ بہ جهنگ جي باھ وانگر پکڙجي ويندي آھي۔ پنھنجو ساراھ ڪري پيو ٺرندو ۽ دشمن ساراھ ٻُڌي پيو جلندو ۽ پچندو۔ ڪنھن ڪاري منھن واري دشمن/رقيب روسياه وڃي ڳالھ ڪئي ھوندي تہ وڃ! فلاڻي جي ڌيءَ، ھھڙي آرين پارين، ڪا ڇوڪري ھڪڙي ڳوٺ ۾ ڇا تہ سامائي آھي، جيڪا ھيتري سھڻي آھي۔ بس ڀنڀور کي باھ اچي وئي۔ سر مومل راڻي ۾ بہ رمتو جوڳي گجرين جي سونھن جي ساراھ ڪَري، ڪِري پيو پوي، وري پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻي، جڏھن کيس ھوش ۾ آندو پئي ويو تہ وري ساڳيو ئي ڏوئيءَ ڳن۔ نيٺ ان ساراھ تي ئي راڻو ۽ سندس دوست سنبري ڪاڪ محل ڏانھن ھليا ھئا۔

سو قصو ڪوتاھ، امر ڪوٽ جو دو نمبري ۽ بشني بادشاھ Pseudo king، عمر سومرو بہ تارڪشيءَ جو پٽڪو ٻڌي ھليو ڀالوا ڏي۔ نہ لڄ نہ لیھ۔ طاقت جو گهمنڊ ايئن ئي ٿيندو آھي

Power corrupts and absolute power corrupts absolutely.

 پنھنجن ابن ڏاڏن، ستن پيڙھين جي ڪئي ڪمائي ڌوڙ ۾، ماڻھو ائين ئي وڃائيندو آھي۔ جيڪي ماڻھو ڪنھن جي وڏڙن جي چڱاين جي ڪري عزت ڪندا آھن، اھي بعد ۾ وري انھن جي پونيرن جي ڪرتوتن جي ڪري بيزار ٿي ويندا آھن۔ ۽ چوندا آھن تہ ھي تہ چڱن جي پويان چُٽو ساماڻو آھي۔ سو عمر سومري معصوم ڇوڪريءَ کي کنڀي کڻي اچي امر ڪوٽ ۾ بند ڪري ڇڏيو۔ ھھڙو بغداد ڪو ٻيو؟

پر عمر، مارئيءَ جو صرف تَن ئي قيد ۾ رکي سگهيو۔ مَن، ھوءَ مارن وٽ ئي ڇڏي آئي ھئي۔ مارن کي ويڙھيچا معنا ساڳئي ئي ويڙھي ۾ رھڻ وارا، جهانگيئڙا معنا جهنگ ۾ رھندڙ(شھرن وارا ماڻھو ڳوٺن ۾ رھندڙن کي جهنگ ۾ رھندڙ سمجهندا آھن) سانگيئڙا معنا سانگ سان سفر ڪندڙ۔ جتي پاڻي ۽ مال جو چارو ٻڌندا اوڏانھن ھليا ويندا ۽ سنگهار معنا مالوند ڇو تہ سندن گذر سفر چوپائي مال جي کير، ڏھي، مھي، مکڻ ۽ ڏڌ تي ھوندو اٿن، ڏوٿي معنا ڏٿ ڏوريندڙ، جيڪي کاھوڙي سُر جا سورما آھن۔ مارئي کين ور ور ڏئي سمورن نالن سان ياد ڪري ٿي۔

مارئيءَ جي خيال ۾ تہ ھتي قيد ۾ مونکي داڻو پاڻي ڇڪي آيو آھي۔ جيئن پکيءَ کي پڃري ۾ رکبو آھي ۽ پوء کيس چوڻو پاڻي ڏبو آھي۔ جيئن ئي اھو پورو ٿي ويندو آھي تہ سندس بند خلاصا ڪيا ويندا آھن ۽ ھو اڏامي ويندو آھي۔ پکيءَ کي ھڪ ڏينھن قيد مان نڪرڻو ئي آھي پو مري نڪري يا جيئري۔ ان ڪري قيد کي مارئي “قيدالماء” ٿي چوي۔ معنا داڻو پاڻي/ ڪپڙيءَ منجهہ ڪڻا۔ جنھن مان ھلي ھلي لوڙي لوڙي ويچاري تنگ ٿي وئي آھي۔

“ڪوٺين گهاري ڪير، محلين منجهي مون ھنيون”

 اھڙي ڪيفيت ۾ کيس پنھنجا مٽ مائٽ، برادريء وارا، ساھيڙيون، ياد نہ اینديون تہ ٻيو ڪير ايندو؟

“نہ ڪو اير نہ ڀير، نہ ڪو اوٺي آئيو۔

مون وٽ آيو ڪين ڪي، ڀائران ڀري پير۔

ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم ان جون”

ڪتابتون معنا خط۔ ٿر ۾ ماضيءَ ۾ لڪڙ تارا، پوسٽل سسٽم جو ڪم ڪندا ھئا۔ خط نياپا، سنيھا ۽ پيغام پھچائيندا ھئا۔ پارسل ۽ مني آرڊر جو بہ ڪم ڪندا ھئا۔ اھو ڪم پَٽ تي گهوڙي سوار ڪندا ھئا ۽ ڍَٽ تي اوٺي۔ ھي ماضيءَ جون تارون telegrams ۽ emails ھيون۔

قيد ۾ عمر، مارئيءَ کي ڏسڻ ايندو ھيو ۽ کيس شادي ڪرڻ لاء زور ڀريندو ھيو۔ ضرور ڪا ڳالهہ ٻولهہ تہ ٿيندي ھوندي۔ مارئي ۽ عمر جي گفتگو بہ عجیب آھي۔ مارئي جي ھڪڙي ئي demand آھي۔ آزادي۔ اجازت ٿي گهريس تہ مونکي بس آزاد ڪر۔ مان پاڻ ئي وڃي مارن سان ملنديس۔ عمر ٿو چوي تہ تنھنجا مارو سنگهار/مالوند آھن ۽ سانگي/ھميشہ سفر ۾ ھوندا آھن۔ جتي پاڻي ۽ مال جو چارو ملندو اٿن، اوڏانھن ھليا ويندا آھن۔ توکي ڇڏيان تہ کين ڪيئن ڳولھي لھندينءَ؟

جنھن تي مارئي ٿي چوي۔

“ٿرَ ٿرَ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ! ماروئَڙَنِ جا؛

لاٿائون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ؛

عُمَرَ! ڪَرِيو آکَ، پَهرِيو ٿي پَنَ چَران.”

سڄي ٿر ۾ منھنجي مارن جا ٿاڪ آھن۔ مان کين پري کان ئي سڃاڻي ويندس۔ ھنن منھنجي سوڳ ۾ پنھنجين لوئين کي لاک ھڻن ڇڏي ڏني ھوندي۔ سوڳ وارا ڪپڙا پھريل ھوندن۔ ھو بہ مونکي پراڻي ۽ ڦاٽل لوئيءَ جي نشانيءَ تي سڃاڻي ويندا۔ جنھنکي مون مارن جي نشانيءَ طور سنڀاليو آھي۔ لوئي سؤ دفعا ڦاٽي پئي آھي تہ سؤ دفعا ئي سبيو اٿمانس۔ ٽوپا ڏنا اٿمانس۔ کٿيءَ مان ٺھيل لوئيءَ جون وٽيون پاسا کُسي ويا آھن، پر ان کي ئي پاتيون ويٺي آھيان۔ ڇو تہ ڪنجرو/چولو ۽ لوئي صرف اباڻي پائبي آھي۔ ويٺل وياءُ/ڇوڪرِ صرف پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي ڏنل لوئي ئي پائيندي آھي ۽ پرڻي کانپوءِ مڙس جي۔ انھن ٻن ڪپڙن کانسواءِ باقي مٿس صرف ڪفن ئي جائز آھي۔ ڌارئي مرد جو ڏنل ڪپڙو عورت تي حرام آھي۔ ان ڪري جيڪا ڍٽ مان ڍڪي آئي آھيان، شل ان لوئيءَ جي لڄ ۽ پردو برقرار رکي سگهان۔

“سهَسين سيبا ڪَنجرِي، لوئِي ليِڙَ ٿِيامِ؛

اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَ ڪيامِ؛

جا ڍَٽَ ڍَڪِيامِ، تَنهنجو پَرِوَرَ! پَنَ رَهائِيين.”

پن معنا اوائلي جسم ڍڪڻ وارو طريقو۔ ڪاموڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ بہ ان مان ئي ورتل آھي۔ نہ صرف لوئي، پر پنھنجن وارن کي پرائو سرهاڻ وارو تيل بہ نہ ٿي مَکي، چوٽي بہ نہ ٿي ڪري۔ ڀل تہ چڳون منجهيل رهن. گنجرجي وڃن۔ چيڙھ پئجي وڃين، جوئان، رت ڄيون ۽ ليکان الڳ پئجي ويون اٿس۔ وري کائي بہ ڪجهہ نہ ٿي۔ ست رڇيون پيون آھن تن جو لوڻ بہ نہ ٿي چکي۔ سُتي بہ پَٽ تي پئي آھي۔ ڇا تہ ٽَپڻي ھنئين اٿائين/احتجاج ڪيو اٿائين۔ انڪار جي طاقت ئي احتجاج ڪرائيندي آھي۔ جيل ۾ بوبي سينڊس ۽ ڀڳت سنگهہ جي بک ھڙتال اسان پوءِ پڙھي يا فلم ۾ ڏٺي آھي۔ ھن معصومڙيءَ جي بک ھڙتال سڀن کان آڳاٽي ۽ مٿاھين درجي جي آھي۔ ھي سڀ ان ڪري ٿي ڪري جو متان ڪو ڍيڪ ڏئي نہ چويس تہ ٿاريلين کي لڄايئہ ني! سوچي ٿي، ان جملي ٻڌڻ کان پھريون جيڪر مري ڇو نہ وڃان!

”ھي منھن ڏيئي ٻن، وھ کائي نہ مرین۔

تان جي ملير ڄايون، تو سين سڱ نہ ڪن۔

تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ سڏائين مارئي؟“

ان ڪري مارئي پنھنجي لوئيءَ کي نہ ٿي لڄائي۔

ِ”سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نِينھن نہ ڪَچوئي؛

کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، سَتِي سِيڻي سي؛

مَڇُڻِ چَوَنمِ ڪي، تہ لڄائِيَئہ ٿَرَ ڄائِيُون“

عمر! تو وارا ھي ريشمي وڳا/ارمڪ، پنوھاريون پائينديون ئي ناھن۔ اسان لئہ لاک رتل لويون شالن کان وڌيڪ سھڻيون آھن. عمر سومرا! تنھنجي ريشمي ڪپڙن، پٽ پٽيھرن، اطلشن، پارچن، بخملن ۽ بافتن کان، اُن مان ڪتيل لوئي مون لاء وڌيڪ مھانگي ۽ زيبائتي آهي. مان پنهنجي کٿيءَ کي تنھنجن  ڳاڙهن وڳن/کنھنبن کان وڌيڪ شانائتو ٿي سمجهان. جا کير جھڙي اڇي اجري، بي داغ، لوئي اباڻن پنھنجن ھٿن سان اوڍائي اٿم، تنھن کي لاهيندي جيڪر لڄ نہ مران؟ ھي ڪھڙيون ٿو صلاحون ڏين؟ توھان وٽ اھڙو آبيس آھي ڇا؟

ھي ڪھڙي ڇوڪري آھي جيڪا لٽي ڪپڙي، ڳھ ڳٺي، پيسي ڏوڪڙ، کاڌي پيتي، ھنڌ بستري ۽ سيج پلنگ تي نہ ٿي ھرکجي؟ ڪا بہ لالچ کیس ٽوڙي نہ ٿي سگهي۔ اھو ٻڌائي ٿي تہ دنیا جي ھن ھيڏي وڏي منڊيءَ ۾ ھر شيءِ ويڪائو مال ناھي۔ دنيا ڀلي نيلام گهر ٿي وڃي پر ڪجهہ ماٹھو commodity/وکر نہ ٿي سگهندا آھن۔ 

“پٽولا پَنوَهارِيُون، مُورِ نہ مَٿي ڪَنِّ؛

جهُ لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تہ سالُنِئان سُونھَنِّ؛

اُنَّ ايلاچَنِئُون اَڳرِي، بَخِمَلَ بافتَنِّ؛

سَکَـرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِي کان کُنھِبَنِّ؛

جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِّ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.“

ڪپڙن کانپوءِ ڏنگي سون جا زيور آڇيا وڃن ٿا پر ننھن کي نوَ ڪوٽ۔ ڪروڙن کي ڪک برابر ٿي سمجهي۔ چانديءَ جي چمڪ کي رد ٿي ڪري۔ لالچ ڏيندڙ جو اصل ڪوڏيءَ ملهہ ٿي ڪريس۔ پرائو تيل بہ نہ ٿي لائي۔ ڇو تہ سندس مڱيندي پاران مڱڻي وقت ڏنل تيل جو مک ئي ڪافي آھي۔ ٻانھن ۾ ٻڌل سڳڙا کیس سون برابر ٿا سونھن۔ ۽ لوئيءَ جي ھڪ ھڪ تند لکن جي برابر۔

“سونَ بَرابَرِ سَڳِڙا، مارُوءَ سَندا مُون؛

پَٽولا پَنوَهارِ کي، عُمَرَ! آڇِ مَ تُون؛

وَرُ لوئيءَ جي لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنيامِ جا.”

ھيءَ ڇوڪري الائي ڪھڙيء مٽي مان ٺھيل آھي۔

“ڪراين ڪروڙ جا، چوڙا ڪوڙا جن۔

سو مَرَڪُ مارُوئَڙنِّ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.”

جن ماين کي ڪراين ۾ ڪوڙا چوڙا پيل آهن، اھي سون کان وڌ آھن۔ ماروئڙن کي اُنهن شين تي فخر آهي، جن کان ماڻهن کي جيڪر لڄ اچي.

مارئي وڌيڪ چويس ٿي تہ اسان کي ڪراين ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌل آھن ۽ سون پائڻ جي اسانکي منع ٿيل آھي معنا سوءَ ورتل آھي۔ ھڪ جيڏين سان گڏ ھجان تہ پوءِ ڀلي بک تي ھجان تہ بہ مون لاء اھا فرحت آھي

“ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اسان کي سُوءَ؛

وَرُ جيڏِيُنِ سِين جُوعَ، فاقو فَرحَتَ ڀانئِيان.”

 عمر! ٻُڌي ڇڏ۔ سون تي ھرکجي سيڻ مٽائڻ وارا ماڻھو اوھان وٽ ھوندا۔ اسان ۾ اھا روش ئي ناھي۔ اھڙو ڪنو رواج ۽ دستور مان نہ وجهنديس۔ مان مھڻي ھاب نہ ٿينديس۔ برابر تنھنجي ماڙي شاندار آھي پر اسان لاء پنھنجا ڪکاوان گهر/ پکڙا/چؤنرا وڌيڪ اھم آھن۔

”اِيَّ نہ مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛

اچِي اَمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛

پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نہ مَٽِيان.“

ريت ۽ ڪريت جو تضاد، پکن ۽ ماڙين جي ڀيٽ، سيڻ ۽ سون جي سودي مان سيڻن جي چونڊ ڪرڻ، ھن ھڪ بيت ۾ ٽي تضاد سمجهايا ويا آھن۔

“ورُ سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِّ؛

گولاڙا ۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِّ؛

ويڙهيا گُهمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جَهنگَنِّ؛

مُون کي مارُوئَڙَنِّ، سُڃَّ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!”

ٿاريلين لاء گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اٿن، جيئن سر ڪاموڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ آھي۔ منهنجي وطن جون اُهي ناريون شانائتيون آهن، جن جو پردو ۽ پناهہ برپٽ آهي. منهنجن اباڻن جو ڍڪ ۽ لباس گولاڙا (جهنگ جو ميوو) ۽ گگريون (ليسدار ٻوٽا) معنا لڳ لڳ ڪندڙ پنن واريون ٻوٽيون آهن. جهنگ جا رهاڪو ”مارو“ ولين ۾ ويڙهيا پيا گهمن۔ مون کي ماروئڙن ڏاج ۾، وڳن جي بدران، سڃ ڳڻي ڏني. اڄ بہ سنڌ ۾ شاديء رات ڏاج ڏبو آھي۔ ان ۾ ھرڪو پنھنجي حال سارو جورا ڏيندو آھي۔ اباڻا تہ سئيء سڳي تائين ھر شيء ڏيندا آھن۔ پر مٽن مائٽن، چاچن، مامن جا ڏنل جورا پوتيون بہ ڳڻائبيون آھن۔ ڳوٺ جي دائي مائي وڏي واڪ، کٽ يا سندل تي چڙھي راڄ کي ڏيکاريندي ويندي آھي۔ ھن بيت ۾ برپٽ ۾ ساوڪ ڏيکاري وئي آھي، گولاڙا، گگريون، وليون ھي سڀ سرسبزيءَ جون علامتون آھن۔ جڏھن تہ شھر ۾ سڃ ڏيکاري وئي آھي۔ ان جو مطلب آھي ديس کان دوري معنا سڃ۔ لطیف سائینءَ جي شاعريءَ ۾ لفظن جي معنا ئي تبديل ٿي ٿي وڃي، ڪڏھن ڪڏھن تہ بلڪل ابتڙ۔

“جا عمر! تو مل عيد، سا اسان سوءَ ورتي سومرا!

وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد۔

سڪڻ ڪيا شھيد، مارو جي ملير جا”

عمر تو چڱو نہ ڪيو آھي۔ منھنجن ماروئڙن جي عيد کي ماتم/سوڳ/سوءَ ۾ تبديل ڪيئہ۔ مونکي تو ھنن کان پري ڪيو آھي۔ ھو تہ ڄڻ سِڪندي سِڪندي مري ويا آھن يا تو ڄڻ کين ڪھي ڇڏيو آھي۔ ان ڪري عيد جي خوشي ئي ختم ٿي وئي اٿن ۽ ناخوش ماڻھو وري ڪھڙي خريداري ڪندو؟

“مينڍا ڌوءِ مَ مارُئِي، پييَسِ پَنوَهاريون چِتِ؛

راڄَ رُئاري، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتي جي هِتِ؛

آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَـپَتِ؛

وينگسِ ويڙِيچَن رِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ؛

سُومِرا! سُپَتِ، ڪَرِ تہ ڪوٽيان نِڪَري”

عمر سومري جون نوڪرياڻيون ۽ صلاحڪار جيڪي اردليءَ ۾ بيٺل آھن سي مارئيءَ جي اھڙي حالت ۽ سمورو لقاءُ ڏسي عمر کي صلاح ٿا ڏين تہ ڇوڪريءَ جا بند خلاصا ڪر، حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي اٿس۔ محلن ۾ ماندي ۽ ملول ٿي پئي آھي۔ depression ۾ ھلي وئي آھي۔ سندس دل، دنيا جي ڪنھن بہ شيءِ سان نہ ٿي لڳي۔ سونھن بہ ڏينھون ڏينھن جهڪي ٿيندي ٿي وڃيس۔ قيدياڻيءَ جي لڱن ۾ لوھ پيو اٿس تہ ٻيا زيور وري ڪھڙا پائي؟ وار بہ نہ ٿي ڌوئي، کيس پنوهاريون ياد آيون اٿس. هيءَ هُتي جي سِڪ ۾ راڄ پيئي روئاري. کيس ٿر جي پاسي وڃڻ جو ڳاراڻو لڳل اٿس. هيءَ سُندري/وينگس مارن کان سواءِ ٻي ڪابہ ڳالهہ ٻُڌي ئي نہ ٿي۔ اي عمر سومرا! ڪا سپت/سچائي ڏيکاريو تہ ويچاري مارئي ڪوٽ کان ٻاهر نڪري، وڳر کان وڇڙيل ڪونج وانگر اڏري وڃي پنھنجن ماروئڙن سان ملي۔ جي مري وئي تہ اجایو خون ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو ۽ پوء راڄ ڀاڳ ۾ ڦڪائي ٿيندي ۽ پنھوارن سين دشمني الڳ پالڻي پوندي۔

َبندِي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوھَ ۾؛

مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي۔“

ٻيا قيدي آرام ۾ آهن، پر مارئي ٿي چوي تہ مان زنجيرن ۾ قید آھیان، مارن لاءِ ماندي آهيان. منھنجي ڪنڌ تي هميشہ مارن جي سِڪ جي ترار لٽڪيل آهي.

”لنگڙِياري لوءَ ۾، جنِين لَئہ ٿِياسِ؛

تنِين تِرَ جيترو، پَلَڪُ نہ پُڇِياسِ؛

جَھروڪَنِ جھورِيو هِنئون، ڪوٺِيُنِ آءٌ ڪُٺِياسِ؛

مارُنِ مُنجَّھ مُياسِ، نا تَہ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪينَ ڪِي.”

جن لاءِ آئون جڳ جھان ۾ ھيڏي تڪليف برداشت ڪيان ٿي۔ تن رتيءَ برابر ھڪڙي ساعت بہ منھنجي لاء ڪنھن کان نہ پڇيو؟ ايترو بہ اچي نہ پڇيائون تہ جیئري بہ آھین یا مري وئينءَ؟ توڙي جو منھنجو ھانءُ ماڙين جهوري ڇڏيو آھي، ڪوٺين ڪُھي ڇڏيو آھي۔ پر تنھن ھوندي بہ مان جیئري تہ آھیان ني۔ پر ھي پنھنجن مائٽن/ وارثن جي خاموشيءَ/چپ تہ مونکي اڦٽ ماري ڇڏيو آھي۔ ان جو مونکي ارمان آھي۔ عمر جي جيل ۾ ايتري طاقت ڪٿي ھئي جو مونکي ماري سگهي ھا؟

عمر سومرو بہ کیس اھو ئي سمجهائيس ٿو تہ تنھنجن مائٽن توکي وساري ڇڏيو آھي، تون بہ کین وساري ڇڏ۔ پر مارئيءَ جو جواب کيس لاجواب ڪري ٿو ڇڏي۔

“آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا!، تن پنوھارن پچار۔

جڙ جنين جي جان ۾، لڳي رءَ لُھار،

ميخون محبت سنديون، ھينئڙي منجهہ ھزار۔

پکا ۽ پنھوار، ڏٺي مون ڏينھن ٿيا۔”

ڪو جھڙو تھڙو رشتو ھجي تہ ٽوڙجي ڀي۔ پر ھي ديس واسين سان رشتو دنيا جو سڀ کان  مضبوط ترين رشتو ٿيندو آھي۔

لوھر ڪاٺيءَ جي ٻن ٽڪرن کي ملائي مٿان پٽ چاڙھڻ کان پھريان ھٿوڙي سان ڌڪَ ھڻندو آھي تہ جیئن اڃا وڌيڪ مضبوطيءَ سان جڙي وڃن۔ ان عمل کي جڙ ڏيڻ چئبو آھي۔ جڙ کانپوءِ پٽ چاڙھي ۽ لوھي ميخون ھڻي وڌيڪ مضبوط ڪبو آھي۔ جڙ ۽ ميخن کانپوء انھن ٻن ٽڪرن جي وچ ۾ لچڪ ختم ٿي ويندي آھي۔ ٻہ ٽڪرا ملي ڄڻ تہ ھڪ ٽڪرو one piece ٿي ويندا آھن۔ ان ڪري ايڏو مضبوط رشتو ڪيئن ٽٽندو؟

مارئي، عمر کي چوي ٿي تہ،

”سونهَن وِڃايَمِ سومرا! ميرو مُنهُن ٿِيومِ؛

وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناھَ حُسنَ ري.“

ظاھر آھي قيد ۾ رھي رھي ماڻھوء جي ظاھري سونھن متاثر تہ ٿيندي آھي پر ھتي اخلاقي سونھن ڏانھن بہ اشارو آھي۔ منھنجون ڏاڏي پوٽيون/سؤٽيون مون لاء الائي ڇا سوچينديون ھونديون؟ لڳي ٿو مان سندن نظر تان ڪِري پئي آھيان، ان ڪري ھو سڀ ڳاٽ اوچا ڪيون بيٺيون آھن ۽ منھنجو ڪنڌ ڄڻ تہ ھیٺ ٿي ويو آھي۔ ڪوجهو ۽ ڪاڻيارو ماڻھو مڙوئي پاڻ لڪايون وتندو آھي۔ ھڪ انھن ڳالھين جي ڪري ۽ ٻيو ڳوٺ وارن جا مھڻا ٻڌي ٻڌي منھنجي مڱيندي بہ مونکي شايد دل تان ڪيري ڇڏيو آھي۔ چورائي موڪلن ٿا تہ عمر سان ٺھي وڃڻ کان سٺو اٿئي تہ زھر کائي مري وڃجانءِ۔ پر مونکي وڃڻو اوڏانھن ئي آھي۔ اڳي پوءِ گهارڻو انھن سان ئي آھي ۽ اتي وري حسن کان سواء/ حسنِ اخلاق جي اعلي معيار کان سوا ٻي ڪا واھ واٽ ئي ڪونھي۔

“جَھڙِي آيَسِ جِيئن، جي تھڙِي وَڃان تِن ڏي؛

تہ لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندُنِ اُٺا مِينهَن؛

ماڙِيءَ لَـڳُمِ مِھڻو، سڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن؛

ٿِيَسِ ڪاڻِياري ڪانڌَ جِي، هِتي اَچي هِيئَن؛

ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئن، مَنَھَن مارُوئَڙَنِ جي؟”

موت ملاقات سڀني جي مٿان آھي۔

پر مارئيءَ جي خواھش آھي تہ شل جیئري وڃي اکين سان لوءِ يعني پنھنجو ملڪ ملير ڏسان۔

“الا! اِئَن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بَندَ ۾!

جُسو زنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ؛

پَھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينھنڙا!”

ھي صرف مارئيءَ جي نہ، پر ھر بيڏوھي قيد ڪاٽيندڙ، اسير جي دعا آھي۔ جيستائين بيڏوھي بند ڪيا ويندا، تيستائين ھيءَ دعا ڌرتيءَ تي موجود ھوندي۔

“واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛

گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛

ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَہ جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛

مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙھُ مَلِيرَ ڏي.”

ھيءَ مارئيءَ جي وصيت آھي۔ چوي ٿي تہ ٿر جي ٿڌڙي واري ئي  جيڪڏھن نصيب ٿي، تہ بہ گنج ٿيو۔ موت جي اھميت ناھي ملاقات جي اھميت آھي ۽ ملاقات لاء وري زندگي شرط ناھي۔ مرڻ کانپوءِ بہ جیڪڏھن پنھنجي ديس جي مِٽي نصيب ٿئي تہ ٻيو ڇا کپي؟ مٽن مائٽن سان مقامياڻي ٿيڻ جي خواھش مون اڪٽر عورتن جي واتان ٻڌي آھي۔ مارئي بہ پنھنجي ورَ، کيت سان ملڻ ٿي چاھي۔ مٽيءَ جي ذرڙن جا ٺھيل وڃي مٽيءَ جي ذرڙن سان ملن ۽ ان ۾ ئي ضم ٿي وڃن۔ ذرا وري ٻوٽن ۽ وڻڻ جي پاڙن کي زرخيزي ڏيندا آھن۔ اسان وٽ گل، ڀاڄيون ۽ ميوا ان نباتات جي ڪري آھن۔

“مرندا سين تہ مِٽيءَ مان پنھنجي ٽڙندا سرخ گلاب”

قيد جون عقوبتون ٻُڌي لڱ ئي ڪانڊارجي ٿا وڃن۔

”ڳِچِيءَ ڳانا لوھَ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ؛

پَيڪَڙا پَيرنِ ۾، ڪوٺِيُن اندَرِ ڪِيرَ؛

چارِي چؤگانَنِ ۾، واهَتَ ڪَنِ وَزِيرَ؛

ڇَنِ نہ ڇَڄي آهيان، اهڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ؛

مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَهارِ کي.“

ڳچيءَ ۾ لوهہ جا ڪڙا پيا اٿم ۽ پيرن ۾ پير ڪڙيون پيل آھن۔ جيڪي وري زنجير سان جوٽيل آھن۔ پيڪڙا/ ڏنڊا ٻيڙيون الڳ پيون اٿم ۽ ڪوٺين اندر ڪلا/ڪير لڳا پيا آهن. جن سان ٻڌي پئي آھيان۔ چؤگانن/پڌرن ۾ چاري/چوبدار پيا ڦرن ۽ وزير وري الڳ واھت/چوڪسي پيا رکن. اي ملير جا مارو ڄام! تون اچي هن بيوس پنوهارڻ جي ڪا سار لھہ ني!

مونکي حيرت آھي، اڄ جي دؤر ۾ بہ اھڙي تعدي تہ خون جي جوابدار سان بہ نہ ڪبي آھي۔

”زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽَنِ ڪَيَسِ ڳاھُ؛

سَنڪي سَندي سُومِري، هَڏِ نہ چاڙهِيُمِ ماھُ؛

سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاھُ، تہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي.“

سُڪي ڪنڊا ٿي وڃڻ واري ڇوڪري کي پنھنجي صحت جو ڪو تؤنکرو/ فڪر ناھي۔ پر فڪر اٿس تہ مارُن سان جڙيل سَڱ جو۔جنھن لاء چوي ٿي تہ شل ڀرم رھجي اچي۔

عمر جي سنڪي/ کٽڪي بہ رت سڪائي ڇڏي اٿس ۽ ھڏن تي ماس نہ ٿو چڙھيس۔ من ۾ کٽڪو ايئن ويھجي ويو اٿس، جيئن جوڳيءَ جي ٽٻڻيءَ ۾ نانگ۔ الائي ڪنھن مھل ڏنگيندو؟ جيئن ٻڪريءَ کي گاھ کارائي پري کان ڇڙو بگهڙ يا شينھن جو ديدار ڪرائجيس۔ عمر ھن نياڻيءَ کي ڪيڏين نہ بکایل اکین سان گهوريندو ھوندو۔

لالچ جي مِٺي ڇُريءَ سان ڪم نہ ھلیو تہ پوءِ خوف جا ھٿيار ميدان ۾ لاٿا ويا۔ مارئيءَ کي بہ ڪي وڄ جا پاڻي آيل آھن۔ لھجو ايڏو سخت اٿس جو اصل لڻي ٿي لاھيس۔ سنڌ جي ھر نياڻيءَ کي اھڙو ئي ھجڻ کپي۔ حوصلو تہ ڏسوس، تنتون تہ لڳي ٿو رڪ جون ٺھيل اٿس۔ سوَ جي ڳالھ ھڪڙي۔ بيان نہ ٿي ڦيرائي۔ انھن سڀني حربن جو جواب مارئيءَ وٽ ھڪڙو ئي آھي۔

“جي لوڻُ لڱين لائيين، چيري چيري چم۔

مون ڪُرَ اڳي نا ڪيو، ايھو ڪوجهو ڪم۔

جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنھوار سين”

ڇوڪري ڄڻ تہ عمر جي رٽ Writ کي چئلينج ٿي ڪري۔ ان کان وڌيڪ ڪا سزا ٿي ئي نہ ٿي سگهي۔ تہ ڪنھنجو چم چيري چيري ان تي لوڻ ٻرڪجي۔ منھنجي نظر ۾ ھي بيت سڄي سُر جو مغز ۽ ڳر آھي۔ ھڪ شيطان بہ شاید اھڙي سزا ڏيڻ کان پھريان سؤ دفعا سوچيندو۔ پر ڇوڪري ان extreme تائين وڃڻ لاء بہ تیار آھي۔ ڇو تہ عمر جيڪا زور جي ميندي لائڻ چاھي ٿو اھڙو ڪڌو ڪم تہ مارئيءَ جي ستن پيڙھين ۾، ڪنھن بہ نہ ڪيو آھي۔ ڪُرُ معنا خاندان parents and grand parents. ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن ٻنھي ڦرين کي ڪُر چئبو آھي۔ان ڪري جيسين سِريءَ ۾ ساھ آھي مان پنھنجي کيت پنھوار جي ملڪ آھيان۔ امانت ۾ خيانت ڪو بي وڙو ئي ڪندو۔ ۽ بي وڙو وري ڪُرَ لڄائڻ ۾ دير ئي نہ ڪندو آھي۔ يا وري ايئن چئون تہ ھن بي وڙن جي ڪر جي ماڻھن جي طبيعت ۾ اھڙو ھيجان tendency پھريان کان ئي ھوندو آھي۔ ھي gene آھي جنھنجي اندر جيڪڏھن mutation/ڦيرڦار ٿي ٿي وڃي تہ پوء انھن جي طبيعت ۾ ان جو اظھار بہ ٿيندو۔ پھریان بیضمیر ٿي ويندو ۽ پوء بيغيرت۔ پر مارئي جو بيان آھي تہ اسين غريب برابر آھيون، پر اٿندا ويھندا شان مان سان آھيون۔ ڪنھنجي آڏو ھٿ نہ ٽنگيندا آھيون ۽ ڪنھن جو حق نہ کائیندا آھیون۔ انڪري اسان جي gene ۾ mutation نہ ٿي آھي۔

“آڻِينِ ڪي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏيھاڻِي، سُومِرا!

سَٿا ڪَيو، سَيَّدُ چئي، سائُون سُڪائِينِ؛

مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئي، چائُرَ ڪَيو چاڙهِين؛

پُلاءُ نہ پاڙِين، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.“

روزانو ڏٿ ڏوريندا آھيون۔ (ڏوٿي سُر کاھوڙيءَ جا ھيرا، ھي پوک پَلاءُ نہ ڪندا آھن۔ جبلن، پھاڙن، پَٽن، ڀِٽن، ڏھرن مان وڃي کاڌي پيتي جون شيون ميڙي چونڊي پيٽ گذر ڪندا آھن۔) سائون ھڪ گاھ آھي جيڪو سڪائيندا آھيون۔ لنب جي گاھ مان چانور ڪڍي چاڙھيندا آھيون يا لنب کي چانور سمجهي کائيندا آھيون۔ تنھنجو پلاءُ اسان جي آراڙيءَ سان ڇا پڄي؟ (سائون، لنب، آراڙي، گولاڙا، گگر، چڀڙ، ميھا، ڏئونرا، پُسيون، پیرون، سڱريون، متيرا، موٺ، ڀرٽ ۽ کنڀيون وغيره ھي ٿرين جو ڏٿ وارو کاڄ آھي۔)

ڪڏھن وري ڏئونرن جا ڏار کڻي ايندا آھيون۔ پر اسان جي سڀ کان وڏي خوبي ئي اھا آھي جو اسين ٿوري کاڌي پيتي تي تڳندا آھيون۔ اي عمر! تون اک ورتائي وڃي ملير مان اسانجي عزت آبروءَ جي جاچ ڪري اچ، وڃي پرک ڪر۔ ھو کٿيءَ ۾ گهمن ٿا، پر ڪلنگيءَ وارن کان شان مٿي اٿن۔

“ٿوري قُوتَ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِّ؛

کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اهَڙِيءَ ڀَتِّ؛

پَنوَهارَڪِي پَتِّ، پيھي پُڇُ مَلِيرَ ۾.”

اسين پنھنجن علائقن جا مالڪ پاڻ آھيون نہ ڪا ڍل/رائر ڏيون، نہ ٽيڪس۔ ڪو جهل پل ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارو بہ ڪونہ آھي۔ نہ ڪو سونگي نہ چوبدار۔ ايڏا تہ امیر آھيون جو ڳاڙھا گل روڙي، مال جو چارو ڪري، ڍورن جي آھرن ۾ ڦِٽو ڪندا آھيون۔ جيڏا اسين  مارو ماڻھو پاڻ شانائتا آھيون ايڏو ئي اسان جو ملڪ ملير سھڻو ۽ سرسبز  fertile land آھي۔ سڄو ديس مرڪندو/ ٻھڪندو آھي۔

”نڪا جَھلَ نہ پَلَّ، نَڪو رائُرُ ڏيھہ ۾؛

آڻِيو وِجَهنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گُلَّ؛

مارُو پاڻَ اَمُلَّ، مَلِيرُونِ مَرڪَڻو.”

ھي بيت ڄڻ تہ لطیف سائین جو سنڌ لاء ھڪ خواب اڻيل آھي۔ جيڪو پنھنجي تعبير جي رڻ ۾ اڃا تائين ڀٽڪي پيو۔ جيڏي آزادي، تيڏي خوشحالي۔ پر خوشحالي مارن لاء۔ چند ٺاڪرن، راڻن، اربابن، ۽ پٽيلن لاء نہ۔ جيڪي ھر دؤر جي عمر جا ساٿاري رھيا آھن۔ خوشحالی، مارئيءَ جي ملير جي ماڻھن جو بنيادي حق آھي۔

“مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ؛

کُڙِيُون کيھ ڀَڪُلِيُون، پَگَهرُ سِرِ پيرَنِ؛

اِي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَـکِيا.”

مارئي لطيف جي سورمي آھي ۽ مارئيءَ جا سورما وري سندس مارو ماڻھو آھن، جن تان گهور گهور ٿي وڃي۔ ھي پگھر ۾ شل، پيادا، پير مٽيءَ/کيھ/رستي جي دز سان اٽيل، مٿي تي ڀريل ٽٻڻيون اٿن۔ پري کان جو اچن ٿا تہ پنھنجي لوڏ مان ئي، لکن ۾ پڌرا آھن۔ اھي مٿيرَ خبر ناھي مارئيءَ جا ويڙھيچا آھن يا لطيف سائينءَ جا پنھنجا ويڙھيچا؟ بحرحال لطيف سائينءَ جا پنھنجا ويڙھيچا بہ اھي ئي آھن جيڪي مارئيءَ جا آھن۔ جيڪي اڄ تائين پورھيو ڪري پيٽ پالن ٿا۔ حرامخورن سان لطيف سائينءَ جي پئي ئي ڪو نہ۔ ھي مسڪين ماڻھو سنڌ جي اڪثريت جا نمائندا آھن۔ پورھيت، مزدور، ڏھاڙيدار، ھاري، ھنرمند، ڪاريگر ۽ فنڪار سڀني جا حال اھڙا ئي آھن۔ ان ڪري لطيف سائين پنھنجي دؤر جو حقيقي opposition leader آھي۔ friendly opposition وارو ناھي جيڪو ساڌن سان بہ سنمک ۽ پنئچن سان بہ پورو ھجي۔ اھڙن ماڻھن کي سنڌي ماڻھو حرام حلال جي ڪاتي چوندا آھن۔ پيڙھيل طبقن سان بيھڻ ترقي پسنديءَ جي علامت آھي۔ لطيف سائين ھڪ مظلوم عورت ۽ مسڪين مارن جو وڪيل آھي۔ جڏھن يورپ جا لکاري ديوين، ديوتائن، جنن، ڀُوتن بادشاھن ۽  شھزادن جا قصا لکندا ھئا ان وقت لطيف سائين ترقي پسنديءَ جو عَلم اُڀو ڪيون بيٺو ھيو۔ Romanticism واري، فطرت سان پيار ڪندڙ تحريڪ وارا، والٽيئر، روسو، ڪيٽس، شيلي ۽ بائرن گهڻو پوء جا آھن۔ ڪارل مارڪس اڃا داس ڪيپيٽال نہ لکیو ھیو۔ ميري وولسٽون ڪرافٽ ۽ سائمن دی بوئر جی فیمینسٽ Feminist تحريڪ جو تہ اڃا ڪو وجود ئي نہ ھیو۔ ان وقت لطيف سائين مظلوم نياڻيءَ سان گڏ، عمر جي ڪوٽ جو ھڪ ھڪ ڪونگرو پيو ڪيرائي۔ برجن تي بيتن جي بمباري پيو ڪري۔ ھٿ ڪڙين، پير ڪڙين ۽ سيني جي سنگهرن جا جوڙ پيو اکيلي۔ ڪوٺين جي درن تي لڳل ڪلف، ڪُنڍا ۽ ڪَڙا پيو ڀَڃي۔ لطيف سائين ماڻھن کي وڙھي سوڀارو ٿيڻ جا سبق پيو ڏي۔ اڃا ”دنيا جا پورھيتو ھڪ ٿيو“ جو نعرو ئي نہ گونجیو ھيو تہ لطیف سائین سُر مارئي پيو لکي۔

 بحرحال موٽي ٿا اچون وري قصي جي باقي بچيل حصي ڏانھن۔ جنھن ۾ عمر جي اڃا ساڳئي ئي بيھودائپ جاري آھي۔

“ڪوڙِيين اَڏِيان ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تو؛

جي مُلِ نہ آيا، مارُئِي! تنِين رَڙُ مَ رو؛

ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پنوَهارنِ ۾.”

عمر، مارئيءَ کي وري ٻئي sitting ۾ هرکائي چوي ٿو تہ مڃان ٿو تہ اونداھي ڪوٺيءَ ۾ قيد رھي تون مونجهي ٿيندي ھوندينءَ۔ پر جي کڻي راضپو ڏيکارين تہ ھاڻي هتي تنهنجي لاءِ محل جوڙايان جنھن ۾ cross ventilation لاء، دورازا، دريون، روشندان ۽ بادوان رکرايان۔ ۽ اڃا وري ٻاھر چؤگان ۾ تنهنجي لاءِ سهسين تنبو کوڙايان. (معنا ھاڻي رعایت ۽ مراعت ٿو ڏئيس۔) اي مارئي! جيڪي مارو تنھنجي ڪڍ پڇڻ ئي نہ آيا، تن لاءِ اجايو بليکم نہ ٿيءُ۔ مطلب پاڻ کي ماري ٻہ اڌ نہ ڪر۔ روڄ راڙو نہ ڪر. پر مارئي پنھنجي جواب سان ھر دفعي جي ميٽنگ ۾ عمر کي ڇٺيءَ جو کير ٿي ياد ڏياري ڇڏي۔

”سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساھ۔

ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاھ؛

هِنئون مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماھ،

پَکَنِ منجِھ پَساھ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.“

سنھي سئيءَ ۽ ٿلھي سئيءَ جي فرق جو پتو ٽوپو ڏيندڙ سُگهڙ ماين کي ئي ھوندو آھي۔ ٿلھي سئيءَ سان سَوِڙيون سببيون آھن ۽ سنھيءَ سان وري ڀرت جھڙو باريڪ ڪم۔ سنھو ٽوپو ٿلھي جي ڀيٽ ۾ ڪپڙن کي وڌيڪ مضبوطيءَ سان جوڙيندو آھي۔

منھنجو روح پکن ڏانھن اڏامي ويو آھي۔ ھتي تنھنجي ڪوٽ ۾ منھنجو مٽيءَ جو بوتو/قالب پيو اٿئي۔ کوکلو ۽ ڍانڍو جسم۔ سو ڀلي ان کي قيد ڪر۔ ڀلي اڃا تڪليف وڌيڪ ڏي۔ مونکي تہ ھاٹي تڪليف محسوس ئي نہ ٿي ٿئي۔ پساھ تڪليف محسوس ڪندو آھي۔ قالب نہ۔

ھيٺين بيت ۾ تہ حد ڪري ڇڏي اٿائين۔ جيڪا ڌارئي ماڻھوءَ جي سُئيءَ سان پنھنجا ڪَنَ ٽوپائڻ پسند نہ ٿي ڪري، اُن جي نفرت جو پيمانو سمجهو ٿا تہ ڇا ھوندو؟ ڪنن ٽوپائڻ لاءِ سُئي بہ اباٹي کپي۔ ڇو تہ سُئيءَ سان ٽوپڻ مھل سئيءَ کي رت لڳندو آھي۔ ڌارئي سئيءَ کي منھنجو رت ڇو لڳي؟ يا ڌارئي رت لڳل سئي منھنجي جسم ۾ ڇو داخل ٿئي؟ جديد سائنس چوي ٿي تہ ڪن يا نڪ ٽوپائڻ سان ۽ tatoo markings/ڏينڀوڙيون ڏيارائڻ سان موتمار بيماريون لڳي سگهن ٿيون۔ ان ڪري پرائي سئي استعمال ئي ڇو ڪجي؟ Sterlized/ نئين سئي استعمال ڪجي۔

”سنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين منُّ؛

ڪِئن ٽوپايان ڪَنُّ، اَباڻِي اِبرَ ري؟

لطيف سائينءَ سئيءَ جو ذڪر ڪري جيڪو نتيجو ڪڍيو آھي، سو ڪمال جو آھي۔

اي عمر! تنھنجي ھيءَ ٽڪي جي باشاھي منھنجي لکن ڪروڙن جي سئيءَ جي برابر ناھي۔ ڇو تہ ھيءَ سئي ڪپڙا سبي اوگهڙ ڍڪي ٿي ۽ تو جھڙو بي شناس وري ستُر وارين نياڻين کي بي لباس ڪرڻ ٿو چاھي۔ تنھنجو ھي ظلم تي ٻڌل نظام بيٺو ئي ڦرلٽ تي آھي۔ الائي ڪيترن جي وات جا گرھ، الائي ڪيترن جي انگن جون اڳڙيون تنھنجي ھن خزاني ۾ شامل ٿي ويون آھن۔ ان ڪري اھڙي باشاھي ئي ڪھڙي، جيڪا لاشن تان ڪفن بہ لاھي۔ بظاھر material ڪجهہ بہ ناھي ان جو use ئي ان کي قيمت ڏيندو آھي۔ خزاني ۾ پوريل ھيرن ۽ جواھرن کان اھو ڪوئلو ڀلو جيڪو ڪنھن غريب جي چلهہ تہ ٻاري ٿو۔

ڏٺو وڃي تہ باشاھيءَ جي ڀيٽ ۾ سئيءَ جي ڪا قيمت ئي ناھي، پر لطيف سائينءَ جي ڪمال جي آرٽ ۽ ڪرافٽ ان کي ڇا تہ عظمت بخشي آھي! اسان جھڙن ڪم عقلن ۽ اٻوجهن کي سُئيءَ جون اھڙون صفتون/خصلتون سمجهڻ لاء ھيءَ ھڪڙي عمر ڪافي ناھي۔ وري ٻيھر ڪا حياتي ملي تہ ان تي ڪا تحقيق ڪجي۔

 ڏيڻ ۾ سڀ ڪجهہ آھي۔ ديا ڪيو، دان ڪيو۔ قرباني ڏيو۔ sacrifice ڪيو۔ ٻين لاء جيئو۔ جيئو لطيف سائين! سنڌ کي ڇا تہ سبقَ ڏئي ويا آھيو۔ ڏٺو وڃي تہ دنيا وارن جي نظر ۾ سُئي ٽڪي جي آھي ۽ باشاھي لکن، ڪروڙن، اربن، کربن جي۔ پر لطيف سائين جي اک ڪنھن ٻئي زاوئي کان ٿي ڏسي۔ دنيا کي ”اک الٽي ڌار“ جو درس ڏيندڙ لطيف سائين، ننڍين شين مان وڏا ڪم وٺي ڄاڻي ۽ بظاھر وڏين شين کي ننڍڙو، خسيس، ٽڪي جو، ۽ بيڪار ثابت ڪري بہ ڄاڻي۔

“پاڇاهِي نہ پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ؛

ڍَڪي اُگھاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪيائِين پاڻُ!

ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اَوصافَ کي!”

وري ٽئين sitting ۾ مارئيءَ عمر جي چڱي لاک لاٿي آھي۔ اي عمر! تون ڪھڙو بادشاھ آھين، منھنجي کوھ تان کڄي وڃڻ کانپوءِ، تو جھڙن جي ڀوَ جي ڪري کوھ تان ستيُن نياڻين پاڻي ڀرڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي۔ یانحسي! اھڙن مھڻن ٻڌڻ کان اڳ ۾ جيڪر مان مري ڇو نہ ویس؟

“سرِتِيُنِ سِنجَڻُ ڇڏِيو، سَتِيُنِ ڳالِھ سُئِي؛

ماريچِي ماڙِيُنِ ۾، ڪَڏَهِن ڪانَ هُئِي؛

عُمَرَ! آءٌ نہ مُئِي، ان اوڀالِيان اَڳَهِين.”

چوڻ تہ اھو پئي چاھي تہ ای عمر! تون ڍڪڻ ۾ ڍڪ ڇو نہ ٿو ڀرين؟

اڄ جي دؤر ۾ جیڪڏھن ان بحث کي relate ڪيون تہ ان جو مطلب وڃي اھو نڪرندو تہ نياڻين جي ڪاليج جي گيٽ تي نوس نوس ڪندڙن جي آزار کان نينگريون پڙھڻ ڇڏي ڏين۔ جيڪڏھن ڪنھن کي ڏسي رستو مٽائڻو پئجي وڃي تہ ان ۾ ۽ ڪُتي ۾ ڪو بہ فرق ناھي۔ عمر سومري کي اھڙن جملن ٻڌڻ کانپوءِ جيڪڏھن ڌرتي جاء ڏئيس ھا تہ ھلیو وڃي ھا۔

“جِئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍِيرَ، تِئن مُون مَنِ مارُوئَڙَنِ جُون؛

ڏِنيُون لَسَ لَطِيفُ چَئي، هِنئڙي کي هَمِيرَ؛

وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِينديَسِ سُومِرا!“

جيتري وڏي تڪليف ۾ آھي اوڏي ئي پراميد آھي۔ ڳنڍير جي گاه ۾ گوناگون ۽ پيچيده ڳنڍيون هونديون آهن، منهنجي من ۾ بہ مارُن لاءِ نينھن جون ڳنڍيون آهن. همير سومري (عمر) مون کي لسين ڳنڍين سان ٻڌو آهي. (عمر جون زنجيرون ڇڄي پونديون، پر منهنجو مارن لاءِ نينهن نہ ڇڄندو.) عمر جي اُنهن سمورين آسان ڳنڍين  کي ملير ۾ وڃي ڇوڙي ڇڏينديس.

خبر ناھي الائي ڪيترا سال، الائي ڪيترا مھينا ھن ڇوڪرڙيءَ قيد ڪاٽيو۔ مندون مَٽيون، واھوندا وريا، آيا ۽ ويا، مينھن وٺا، آيا ۽ ويا۔ ھيءَ ويچارڙي ملير ڏي منھن ڪيو ويٺي روئي۔ مارئيءَ جا جيڪڏھن ڳوڙھا گڏ ڪجن ھا تہ الائي ڪيترا سمونڊ ٺھي وڃن ھا۔ نيٺ مارن جي ديس تان ھڪڙو اوٺي پيغام کڻي آيو تہ ادڙي! جيئن پنھنجو احتجاج ڪيون اچين ٿي ايئن ئي برقرار رکيون اچجانءِ۔ دل ھول نہ ڪجانءِ۔ پنھنجي خاندان جي ھٺ واري آڏوڏائيءَ کي برقرار رکيون اچجانءِ۔ مارُن ڪو خفيہ پلان جوڙيو آھي۔ توکي آزاد ڪرڻ لاء ميٽنگيون ڪن ٿا۔

“ڪو ڏِينهُن آهِئين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاھ؛

ڪامَڻِ! اَهِجي ڪُرَ جي، اَڏِ وَڏائِي آھ؛

هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪِڙو، پائُرَ جي پَساھ؛

سَتِي! سِيلُ نِباھ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.“

ان اوٺيءَ کي مارئي ميار ٿي ڏي تہ

“لوء وڃي ڪو چوءِ، منھنجو ماروئڙن کي،

تہ ڇانگان ڇڄي ڇيلڙي، سا جي ڪنھنجي ھوءِ،

سَھي وڙولن ووءِ، آئون ڪيئن وين وسري؟”

ان اوٺيءَ سان ڪيل گفتگو اچي جيئن جو تيئن عمر کي بہ ٻڌائي ٿي تہ جیئن ڀل جان چوچڙي لڳيس۔ ڏند کٽا ٿينس۔ ۽ اھو بہ ٻڌائيس ٿي تہ تیاري ڪر۔ متان پوءِ چوين تہ پنھوارن بغير ٻڌائڻ جي حملو ڪيو۔

“عمَرَ! اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَھيِن ڏيھ جا؛

پاراڀا پِرِيُنِ جا، اُڀِي اُن چَيامِ؛

لھي لوھ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.”

اي عمر! اڄ مون کي انهيءَ ديس/ٿر جا سانگي گڏيا. انهن بيٺي پير مون کي پنهنجي سپرينءَ جا سنيها سڻايا۔ مون ان مھل ئي سمجهي ڇڏيو تہ پڪ سان منهنجون زنجيرون ۽ ٻيڙيون لهي ويئون۔

نيٺ پنھوار ھمت ڪري ڪوٽ تي ڪاھي آيا۔ عمر ڪوٽ کي ڪڙو چاڙھي ويھي رھيا۔ وڏي خوناريزيءَ جو خدشو ھيو۔ واھرو جاڳي پيا تہ سمجهو ھاڻو/ ڌاڙيل سڀ ھيڻا ٿي ويا۔ ھاڻن ھٿيار ڦٽا ڪيا۔ ھونءَ ڀي ظالم ڏاڍو ڪمزور ٿيندو آھي۔ ٻاھران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي۔ بس مڙوئي ڀينڀو ٻڌيون بيٺو ھوندو آھي۔ نڪ بہ لوسڻ جو ٿيندو اٿس، جيئن ڪپ تيئن ٻيو ڦٽي ايندو اٿس۔

اصل ۾ مارئي جيڪا ميار موڪلي ھئي تہ مارن جي منجهہ ماریو آھي۔ سو نيٺ ماروءَ اھا منجهہ ڇڏي ھمت ڪئي تہ ھو پنھنجي ٻانھن وڙھي موٽائي آيو۔ نيٺ آخري scene ۾ hero اچي villion کي گوڏا کوڙائي ٿو۔ عمر جو ٻوٿ ڀِت سان لڳو ۽ تاريخ جي ڪٽھڙي ۾ جوابدارن وانگر ھميشہ لاءِ ڪنڌ ھيٺ ڪيون بيٺو ھوندو۔

“مَلِيران مارُو، پَکي پيھي آئِيو؛

وَرِيا واهارُو، هاڻُو سَڀِ هِيڻا ٿِيا.”

جيئن ئي عمر کي سُڻس پئجي وئي تہ ھاٹي پنھوار جنگ ڪرڻ لاء تيار ٿي ويا آھن تہ جلدي پنھوارن ڏانھن صلح جو پيغام موڪليائين، گوڏا کوڙي surrender ڪيائين، پنھنجون ۽ پنھنجي سپاھ جون  چيلھہ سان ٻڌل ترارون ۽ خنجر لاھي پنھوارن جي پيرن اڳيان زمين ۾ کوڙيائين۔  عزت ۽ احترام سان مارئيءَ کي وڃي ڳوٺ ڇڏي آيو، معافي تلافي ورتائين ۽ ان دؤر جي ھر قسم جي خاطري ڪرايائين تہ ڇوڪري پاڪ پويتر آھي، سندس ست ۽ سيل برقرار آھي۔ پنھوارن وڏگردي ۽ وڏ ماڻھائپ جو اظھار ڪندي کيس معاف ڪيو۔ لطيف سائين ان جا ڪمال مثال ڏنا آھن جيئن سِپَ لاء مشھور ھيو تہ سمنڊ ۾ رھندي بہ سمنڊ جو کارو پاڻي توڻي درياءَ جو مٺو پاڻي نہ پیئندی آھي۔ ھوءَ مينھن جي ڦُڙيءَ جي آسري ھوندي آھي۔ جيئن ٻيڙي درياءَ جي پاڻيءَ ۾ ھوندي آھي پر درياءَ جو پاڻي ان جي اندر نہ ایندو آھي۔ اھڙي طرح مارئي پنھنجي ستُر جي حفاظت ڪئي، پنھنجي عاقپت برقرار رکي۔ مارئي جائون ڪوٽ ۾ قيد ھئي عمر ڏي اک کڻي بہ نہ ڏٺو ھئائين۔ لطيف سائين ستن پردن ۾ ڳالهہ ڪرڻ جو ماھر شاعر آھي۔ جنھن ڳالهہ کي ڍڪڻو آھي ان کي ڍڪڻُ ٿي ڍڪي ٿو۔

باھ تي پريکشا واري غير عقلي ۽ غير سائنسي ڳالهہ ماٹھن پاڻ ڪئي آھي۔ لطيف سائين اھڙي ڪا بہ سٽ تخليق نہ ڪئي آھي جنھن مان اشارتن ئي خبر پوي تہ ڪائي چرڀيلي ساک ٿي ھئي۔ يا وري مچ ۾ تپايل شيخ کي ٻنھي ھٿ وڌو ھيو۔ مارئيءَ سڄي سُر ۾ لفظ “ادا ڙي عمر!” چئي ڪڏھن بہ مخاطب نہ ٿي آھي۔ سنڌ جا اڌ اکري راڳي الائي ڪٿان “ادا عمر” کڻي آيا آھن؟

بحرحال مارئيءَ کي مھت مليو۔

”اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِينءَ واڌايُون آيُون؛

لَٿِي لوئِڙِيارِيين، مِڙَنِي مُنھنِ ڪاڻِ؛

صُلحُ وارِيو سُومِري، چَئِي پَنوَهارَنِ پاڻِ؛

هَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُھتُ لَھندِينءَ مارُئِي!”

مارئي، مارن سان عزت ۽ احترام سان ملي۔ مارئيءَ کي مھت مليو۔ عمر سومري ٻانھن موٽائي ڏني ۽ پنھوارن کيس مٿي تي ھٿ رکيو۔ کين پنھنجي آڏوڏائيءَ جي ڪري  پڪ ھئي تہ مارئي مرندي مري ويندي پر لوئي نہ لڄائيندي۔ پنھوارڻيون ڳر لڳي، خوشيء جا ڳوڙھا ڳاڙيندي مارئيءَ سان مليون۔ مارئي ملير ڇا پھتي، ڄڻ پياسي ھرڻي تلاءَ تي پھتي، ڄڻ من جي بٺ تي ڪا بوند وٺي، تاڙن تنواريو، ٻاٻيھن ٻوليو، مورن ٽھوڪا ڪري  ڀليڪار ڪئي۔ ڀِٽون خوشيءَ ۾ ھڪ ٻئي سان ڀاڪرين پئجي ويون۔ ۽ اتي پردو ڪري ٿو۔

ڪلياڻ آڏواڻيء جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ١١ مڪمل داستان ۽ ٻارھين داستان جا ڇڙوڇڙ بيت ملائي ٽوٽل ١٠٧ بيت آھن ۽ ڪا بہ وائی ڪونھي۔ جڏھن تہ غلام محمد شاھواڻي جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ٢٠٠ کان بہ مٿي بيت آھن ۽ ١٢ وايون آھن۔

ھڪڙي عاليشان وائي ھت رکجي ٿي۔

پرچن شال پهنوار، ڍولا!

مارو مون سان، پرچن شال پنھوار!

مون مورائين مديون،

آهن سيڻ ستار، ڍولا!

مارو مون سان، پرچن شال پنھوار!

عيبن ڀري آهيان،

 ستر ڪج، ستار! ڍولا!

مارو مون سان، پرچن شال پنھوار!

اٺا مينهن ملير ۾،

تڙ تڙ پوءِ تنوار، ڍولا!

مارو مون سان، پرچن شال پنھوار!

پائي آيس پاند ۾،

اوڳڻ، عيب اپار، ڍولا!

مارو مون سان، پرچن شال پنهوار.

________________

Khadim Mangi-TheAsiaN

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ء سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. شاهه لطيف جي عظيم ڪردار مارئيء جي حوالي سان سان هڪ اهم ۽ ڀرپور علمي مضمون. ڊاڪٽر خادم منگي صاحب لطيف جي شاعري تي جڏهن به لکندو آهي ته رڳو لاڳ لاهڻ لاءِ نه پر مڪمل ذميواري ۽ سنجيدگيءَ سان لکندو آهي. سندس هي مضمون به لطيف سائين جي شاعري تي هڪ اهم تحرير آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button