Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ضمير جو موت ۽ معاشرتي بي حسي: پنھنجي عملن کي ضمير جي عدالت ۾ پرکيو!

 قومون رڳو طاقت يا دولت سان زنده ناهن رهنديون، کين زنده رکڻ لاءِ ضمير، انصاف ۽ انسانيت ضروري آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن قوم جو ضمير مري وڃي ته پوءِ ان جي ترقي به بي معني ٿي وڃي ٿي.

مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل تصوير

حڪيم پريم چاندواڻي

انساني معاشري جي بقا جو دارومدار رڳو وڏين وڏين عمارتن، تيز رفتار ٽيڪنالاجي يا معاشي ترقيءَ تي نه هوندو آهي، پر انهن اعلي اخلاقي قدرن تي هوندو آهي، جيڪي انسان کي اشرف المخلوقات جي درجي تي فائز ڪن ٿا. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به ڪنهن قوم پنهنجي اخلاق، ضمير ۽ انصاف جي اصولن کي وساري ڇڏيو آهي، تڏهن ان جي مادي ترقي به ان کي زوال کان بچائي نه سگهي آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄوڪي دؤر ۾ اسان جنهن سماج جو حصو آهيون، اتي ظاهري ترقيءَ ته آسمان کي ڇهيو آهي، پر انسانيت ڄڻ ته ڌرتيءَ جي تري تي وڃي پهتي آهي.

اڄ جي انسان وٽ جديد سهولتون، تيز ترين مواصلاتي ذريعا، وڏا وڏا ادارا ۽ معاشي وسيلن جا انبار ته موجود آهن، پر دلين مان رحم، همدردي ۽ جوابده ۽ ذميوار هجڻ جو احساس آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ڪنهن قوم جي دلين مان خوفِ خدا نڪري ويندو آهي، تڏهن اتي قانونن کان وڌيڪ ڇڙواڳيءَ جو راڄ ٿيندو آهي. اهڙي ماحول ۾ ماڻهو پنهنجن مفادن کي ئي سڀ ڪجهہ سمجهڻ لڳندا آهن ۽ اجتماعي ڀلائيء جو تصور آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳندو آهي.

اخلاقي زوال جو عروج

اڄ اسان جي گهٽين، بازارن ۽ ادارن ۾ جيڪو منظر نظر اچي ٿو، اهو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جن هٿن ۾ ٻين جو بار کڻڻ جي سگهہ هجڻ گهرجي ها، اهي هٿ اڄ ٻين جا گلا گهٽڻ لاءِ تيار بيٺا آهن، جنهن دل ۾ رحم ۽ همدردي هجڻ گهرجي ها، اتي مفاد ۽ خود غرضيء پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا آهن۔

سچائي، ديانتداري، ايمانداري ۽ همدرديء جهڙا لفظ هاڻي صرف ڪتابن جي صفحن تائين محدود ٿي ويا آهن. عملي زندگيءَ ۾ انهن جو استعمال گهٽجي ويو آهي. ماڻهو سچ ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڪوڙ کي فائديمند سمجهن ٿا، ايمانداريءَ کي سادگي يا ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو، ۽ انصاف جي ڳالهہ ڪندڙ کي اڪثر بيوقوف قرار ڏنو وڃي ٿو. اهو منظر صرف ڪنهن هڪ طبقي تائين محدود ناهي، پر سماج جي ڪيترن ئي حصن ۾ اهڙي ذهنيت نظر اچي ٿي. جڏهن انسان جي دل مان پنهنجي خالق جي سامهون جوابده هجڻ جو احساس ختم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي عملن جي نتيجن کان بي پرواهہ ٿي وڃي ٿو. اهڙي حالت ۾ انسانيت جو چهرو مسخ ٿيڻ لڳندو آهي.

ظلم جا وڌندڙ پاڇا

ظلم رڳو ڪنهن کي جسماني تڪليف پهچائڻ جو نالو ناهي. ظلم جون ڪيتريون ئي صورتون آهن. ڪنهن جو حق مارڻ، ڪنهن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ، طاقت جي زور تي ڪمزور کي دٻائڻ، يا معاشري ۾ هٿراڌو مهانگائي ۽ ڏڪار پيدا ڪرڻ، اهي سڀ ظلم جون شڪليون آهن.

اڄ ڪيترن ئي هنڌن تي طاقتور ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. ڪمزور جو فرياد ٻڌڻ وارو ڪوئي ناهي. مظلوم جي رڙ ڪڏهن عدالتن جي ڊگهي قطارن ۾ گم ٿي وڃي ٿي ته ڪڏهن سماج جي بي حسيءَ ۾ دفن ٿي وڃي ٿي.

اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ظلم ڪرڻ وارن کي سماج ۾ طاقتور يا بهادر سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته مظلوم جي خاموشيءَ کي سندس مقدر يا ڪمزوري قرار ڏنو ويندو آهي. اهڙي سوچ سماج جي اخلاقي بنيادن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي.

وڌندڙ بي حسي

معاشرتي بي حسي پڻ هڪ وڏو الميو بڻجي چڪي آهي. اڳي ڪنهن پاڙي يا ڳوٺ ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان ناانصافي ٿيندي هئي ته ڪيترائي ماڻهو گڏجي آواز اٿاريندا هئا. اڄ صورتحال ڪجهہ مختلف ٿي وئي آهي. ماڻهو ٻين جي تڪليف کي ڏسي به اڻڄاڻ بڻجي وڃن ٿا.

هڪ حادثو ٿئي، ڪو مظلوم مدد لاءِ سڏي، يا ڪنهن سان ناانصافي ٿئي، اڪثر ماڻهو اهو سوچين ٿا ته هي منهنجو مسئلو ناهي. اهڙي سوچ آهستي آهستي سماج کي اهڙي بي حسيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي، جتي انساني احساس پنهنجو وجود وڃائي ويهندا آهن.

انصاف جي خاموشي

جڏهن معاشري ۾ انصاف ڪرڻ وارا اوجاڳا ڪرڻ ڇڏي ڏين، جڏهن منصف خاموش ٿي وڃن، ۽ جڏهن سچ ڳالهائڻ وارا ڊڄڻ لڳن، تڏهن ظلم جو اوج وڌڻ لڳندو آهي.

انصاف رڳو عدالتن جي ڪم جو نالو ناهي، پر اها هڪ اجتماعي ذميواري به آهي. جڏهن هر ماڻهو پنهنجي سطح تي سچ، انصاف ۽ ايمانداريءَ جو ساٿ ڏئي، تڏهن ئي معاشرو صحتمند بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن سچ ڳالهائڻ وارا خاموش ٿي وڃن ته پوءِ ڪوڙ جو راڄ قائم ٿي ويندو آهي.

تاريخ جو سبق

تاريخ اسان کي بار بار اهو سبق ڏئي ٿي ته جيڪي معاشرا اخلاقي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندا آهن، انهن جو وجود گهڻو وقت قائم نٿو رهي سگهي. وڏيون سلطنتون، جن وٽ بي پناهه طاقت ۽ دولت هئي، اهي به اخلاقي زوال سبب ختم ٿي ويون.

قومون رڳو طاقت يا دولت سان زنده ناهن رهنديون، انهن کي زنده رکڻ لاءِ ضمير، انصاف ۽ انسانيت ضروري آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن قوم جو ضمير مري وڃي ته پوءِ ان جي ترقي به بي معني ٿي وڃي ٿي.

اسان سڀني کي هڪ پل لاءِ بيهي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ جي ضرورت آهي. سوال اهو ناهي ته دنيا ڪاڏي وڃي رهي آهي، پر سوال اهو آهي ته اسان پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون؟

ڇا اسان ٻين جي تڪليف کي محسوس ڪريون ٿا؟

ڇا اسان ڪنهن مظلوم جي مدد لاءِ اڳتي وڌون ٿا؟

ڇا اسان پنهنجي عملن کي ضمير جي عدالت ۾ پرکيون ٿا؟

جيڪڏهن اسان اڄ به نه سڌرياسين، جيڪڏهن اسان پنهنجي عملن جو جائزو نه ورتو، ته پوءِ ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. ڇو ته اسان انهن کي اهڙو سماج ڏئي وينداسين، جتي انسانيت جو وجود ڪمزور ٿي چڪو هوندو.

اڄوڪي هن افراتفري، ظلم ۽ بي حسيء واري ماحول کي ڏسي دل مان هڪ ئي صدا نڪري ٿي، جيڪا وقت جي تلخ حقيقت کي بيان ڪري ٿي:

خوفِ خدا جو، ڪون رهيو آ

ظلم جبر وڃي، اوج ڪيو آ۔

اخلاقي پستيء ڇيھہ ڪيو آ،

ميٺ  مزو  سڀ، اڏري  ويو  آ۔

______________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button