ڪانگريسيءَ کان صاحبيءَ تائين – ساروڻيون
اسٽيٽ بينڪ ۾ عهدي جي لحاظ کان صاحب محمد اسماعيل پاڻ رهيو ۽ رت ولوڙي ڪانگريسيءَ کان صاحبيءَ تائين پهتو، پر وٽس نه هٺ نه وڏائي. نهٺائي سندس خمير ۾ شامل!

عزيز ڪنگراڻي
ڳوٺ گل محمد گنب گورنمينٽ پرائيمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس. پيرين اگهاڙو, گوڏ پاتل عام ڳوٺاڻو ٻار. سائين يار محمد کوسو صاحب استاد هوندو هو جيڪو پنجئي ڪلاس پاڙهيندو هو. ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چوندو هو “پِڃَ” ڪڍندو سانءِ. ان وقت پڃ لفظ جي معني مار سمجهندو هوس. پِڃَ آهي به مار جهڙي! مار کان اڃا به وڌيڪ. ڪپھ کي ساٽن (ننڍيون سوٽيون) سان سٽي ڪُٽي ڪتڻ لائق بڻائڻ کي پڃ چئبو آهي جنهن مان پِڃَ ڪڍڻ محاورو پڻ آهي.
مان پهرئين درجي ۾ پڙهندو هوس ته هڪ ٻالڪ کي سندس ڀاءُ سُوٽ بشرٽ ۾ اسڪول داخل ڪرائڻ لاءِ وٺي آيو. ٻار کي ڏسڻ سان سائين يار محمد کوسي بي ساخته سندس ڀاءُ کي چيو هو، “هيءُ ڪانگريسي ڪٿان وٺي آيو آهين؟” ڀاڻس سائين کي چيو ته حيدرآباد کان وٺي آيو آهيانس جتي ٻئي درجي ۾ پڙهندو هو ۽ هت به ٻئي درجي ۾ داخل ڪيوس.
سائين يار محمد کوسي چيو ته عزيز ۽ هن جو پهرئين درجي جي ڪتاب منجهان صورت خطي جو مقابلو ڪرايون ٿا عزيز کي ماري ويو ته پوءِ ٻئي درجي ۾ نه ته پهرئين درجي ۾ داخل ٿيندو. صورت خطي جي مقابلي جي کيس ملھ ماري ويس ته سائين ڀاڻس کي چيو ته ڪانگريسي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيندو. سندس ڀاءُ قبول ڪيو ۽ ڪانگريسي يعني محمد اسماعيل منهنجو ڪلاس ميٽ بڻجي ويو.

پوءِ خبر پئي ته سندس ڀاءُ جو نالو مينهون خان آهي. مينهون خان کي به شايد ياد هجي جيڪو پاڻ نهايت سٻاجهو ۽ پيار ڪندڙ شخص ۽ تَرُ ۾ پهريون ماڻهو آهي جنهن هميشه مونکي اتساهيو. هونئن به مينهون خان ۽ سندس ڳوٺ سان اسانجي وڏڙن جو ٻارين ٻچين کائڻ پيئڻ جو واسطو هو. مينهون خان عبرت اخبار جو رپورٽر به رهيو ته ٻِيڙِي مزدور به رهيو آهي. نهايت نفيس انسان آهي. سندس فرزند زين کوسو بهترين شاعر، نثر نويس ۽ عزت ڪندڙ نوجوان دوست آهي. خير ڳالھ ڪيم پئي ڪانگريسيءَ جي! نالو ته محمد اسماعيل اٿس پر مان ۽ ڪلاس ميٽ کيس ڪانگريسي ئي ڪوٺيندا هئاسين. ساڻس سُٻنڌ جي ڪري سندس پوري خاندان وٽان وڌيڪ محبتون ملنديون رهيون آهن. ياد ناهي ته پرائيمري جي ڪهڙي ڪلاس ۾ هئاسين. هڪ ڏينهن تعليم کاتي جو ڪو صاحب وزٽ تي آيو. وزٽ کانپوءِ سائينءَ محمد اسماعيل کي چيو ته مان صاحب کي اڳڀرو ڪري اچان ٿو ۽ ڪانگريسي تون سنڀالجان ته گوڙ نه ٿئي. سائين ويو ته گوڙ شور شروع ٿي ويو. مون به شايد ڦُڦاٽ مرحوم حبيب ڪنگراڻي سان ڳالهايو ته ڪانگريسي مانيٽر هجڻ سبب مونکي خاموش ڪرڻ لاءِ لپاٽ وهائي ڪڍي ته مون به کيس لپاٽ هنئي ۽ ٻکين پئجي وياسين. مون کيس مٿي ۾ چَڪُ هنيو. مجال آهي جو چَڪُ نڪري. ڪو به ڇڏائڻ لاءِ تيار نه هو. ڦُڦاٽ حبيب بس منهنجي گوڏ کي ڳنڍ ڏني. ڪانگريسي جي ڪُوڪ تي ڪُوڪ. سائين آيو لقاءُ ڏسي مونکي اهڙي پڃ ڪڍيائين جو پيڃارو به ڪپھ کي اهڙي پڃ نه ڪڍندو هوندو. اسماعيل کي ڪن ڪوشيءَ جو چيائين ته بدحواسي ۾ مان به شروع ٿي ويو هوس اسماعيل سان گڏ ڪن ڪوشي ڪرڻ! پورو هفتو رُول لڳڻ سبب هٿ سُڄيل رهيا ۽ مائٽن سان ڳالھ به نه ڪيم.
پرائيمري پاس ڪرڻ کان پوءِ هاءِ اسڪول جوهي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ به اسان سڀني کي سائين يار محمد کوسو صاحب وٺي ويو هو. هاءِ اسڪول ۾ به محمد اسماعيل سان ويجهڙائپ رهي. مڊل اسڪول اسٽينڊرڊ جي امتحان لاءِ سائين ڪمال الدين کوسي صاحب عبدالحميد سومري، زليخا گنب، حبيب ڪنگراڻي، محمد اسماعيل کوسي ۽ مونکي تياري ڪرائي. اسان سان ٻيا ڪير هئا ياد ناهي. بھرحال اسان تياري ڪئي ۽ دادو امتحان تي ويندا هئاسين. سائين محمد ابراهيم گنب پنهنجي نياڻي زليخا سان گڏ هلندو هو. پيپر ڏئي نڪرندا هئاسين ته سائين محمد ابراهيم محمد اسماعيل کان پڇندو هو ته ڏي خبر پيپر جي؟ محمد اسماعيل بنان دير چوندو هو، “فُل پاس.” پر جڏهن رزلٽ آئي ته محمد اسماعيل فُل فيل! ٻيا ڪهڙا پاس ٿيا هئا سو ياد ناهي.
مئٽرڪ پاس ڪري محمد اسماعيل حيدرآباد هليو ويو. اتي هالا هينڊي ڪرافٽ جي دڪان تي نوڪري به ڪيائين ۽ اعلي تعليم به حاصل ڪيائين. مان کيس خط به لکندو هوس ۽ ڳوٺ ايندو هو ته سندس ڳوٺ وڃي ڪچهري به ڪندو هوس. کيس نوڪري لاءِ چوندو هوس. جڏهن کيس سرڪاري نوڪري ملي ته مونکي شاهي بازار حيدر آباد ۾ هالا هينڊي ڪرافٽ واري دڪان تي نوڪري لاءِ گھرايائين. مان پهريون ڀيرو حيدرآباد ويس ۽ ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سندس رهائش تي رهيس. هن ڪوشش ڪئي پر دڪاندار شايد ويساھ نه ڪيو. مونکي دلداري ڏنائين ته ٻئي هنڌ ڪوشش ڪيان ٿو. پنهنجي سائيڪل ڏنائين ۽ ون وي روڊ رستا به سمجھايائين. تلڪ چاڙهي تي ريل بجاءِ مون سائيڪل هلائي.
جڏهن مون وٽ پئسا کُٽا ته واپسيءَ جو سوچيم. مون حُضور شرمي سبب کانئس پئسا نه گھريا. مون ٻه ٽي ڏينهن سائيڪل تي وڃي ڀائي خان چاڙهي حيدرآباد وٽ ٺهندڙ عمارت ۾ مزدوري ڪئي. هڪ ڏينهن ڳوٺ اچڻ لاءِ کانئس موڪلايم ته چيائين ڪرايو اٿئي؟ مون وراڻيو هو هاءُ ڪرايو آهي ۽ مان واپس ڳوٺ هليو آيس.
1981ع ۾ مون دادو سول اسپتال ۾ ويڪسينيٽر ۽ تعليم کاتي ۾ پرائيمري استاد جي نوڪري لاءِ انٽرويو ڏنا. ٻنهي ۾ پاس ٿي ويس. اول اپريل ۾ وئڪسينيٽر جو آرڊر مليو ۽ نوڪري سان لڳي ويس. پرائيمري استاد جو 23 مئي 1981ع تي آرڊر مليو ته آرڊر وٺي پرائيمري استاد ٿيس. جوهي تعلقي جي مختلف اسڪولن ۾ رهندي منهنجي مقرري محمد اسماعيل جي ڳوٺ ۾ ٿي. اسڪول ۾ بجلي ته هئي پر پکو نه هو. محمد اسماعيل ڳوٺ آيو ته کيس پکي لاءِ چيم ته هن دادو جي مشهور وڪيل ۽ سماجي شخصيت علي احمد قريشي صاحب لاءِ خط ڏنو جنهن ٻه ٽي ڀيرا ملڻ کان پوءِ پکو وٺي ڏنو جيڪو اسڪول ۾ لڳايم. هن منجهان محمد اسماعيل جي تعليم دوستي ۽ سماجي تعلقات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اسماعيل کوسو سياسي طور جئي سنڌ، پروگريسو جئي سنڌ ۽ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي وطن دوست پارٽي سان سلهاڙيل رهيو. مينهون خان ۽ سندس ڀاءُ پنهون خان پڇڻ ايندا هئا ته ڪا تڪليف يا ڪنهن شئي جي ضرورت هجي ته ٻُڌائجو. تڏهن زين کوسو ۽ ڀاڻس اڪبر کوسو به اسڪول ۾ پڙهندا هئا. اسڪول جا ٻه ڪمرا هئا. سندس ڀاءُ پنهون خان ايندو هو ۽ ٻئي ڪمري ۾ ويهي ٻِيڙيون ٻڌندو هو. ڳوٺ وارن اعتراض واريو ته کين چيم پنهون خان منهنجو هيڊ ماستر آهي سندس مرضي آهي.
محمد اسماعيل نوڪري سانگي حيدرآباد کان ڪراچي هليو ويو. مان 1980ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي مشاعرن يا ڊرامن جي سلسلي ۾ ڪراچي ويندو هوس ته اول سڪندر سرواڻ سومري ۽ پوءِ مسلسل محمد اسماعیل وٽ رهندو هوس. بعد ۾ عاجز جمالي وٽ به ويندو هئس پر اڪثر محمد اسماعيل وٽ رهيس ۽ پهريون ڀيرو پِي ٽي وي سينٽر ڪراچي به محمد اسماعيل وٺي ويو هو.
ڳوٺ ايندو هو ته مون وٽ منهنجي ڳوٺ به ڪچهري لاءِ ايندو هو. مان جڏهن به وٽس ڪراچي ويس جيءُ ۾ جايون ڏنائين. 2017ع کان طبيعت جي ناسازي سبب علاج سانگي پنهنجا ذاتي ڪم ڪار ڇڏي به مون کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندو رهيو. جن ڏينهن ۾ سائين بخش رند سول اسپتال ڪراچي جي يورولاجي وارڊ ۾ داخل هو ته مان ۽ ڀاءُ ماڻڪ کانئس طبيعت پڇڻ ويا هئاسين. ڀاءُ ماڻڪ کيس ثقافت کاتي کان مدد وٺڻ جو چيو ته سائين بخش رند انڪار ڪيو هو. تن ڏينهن ۾ محمد محمد اسماعيل مون سان ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٽيسٽن ڪرائڻ لاءِ گڏ هو ته کيس اطلاع مليو ته سائين بخش رند اسان ۾ نه رهيو آهي ته مونکي چيائين مان وڃان ٿو تون پاڻ مڙسي ڪجانءِ ۽ مون ايئن ئي ڪيو. ٻيون سڀ ٽيسٽون ڪرايم پر جڏهن سِٽِي اسڪين لاءِ ويس ته چيائون موبائل فون، پرس، گهڙي وغيره ڪنهن کي ڏيو. رات جا شايد 9 وڳا پئي. اڪيلو هوس ڪنهن کي ڏيان سامان؟ ڀاءُ ماڻڪ ڳوٺ ويل هو سو کيس فون ڪيم ته پُٽ سارنگ کي موڪليائين جيڪو پهتو ۽ مون ٽيسٽ ڪرائي. سارنگ گهر ويو ۽ مان دوست غلام نبي بروهي وٽ هليو ويس! ان وقت مونکي سومرن جي دور جي شاعر جو شعر ياد اچي ويو جنهن يحي برمڪي جي درٻار ۾ چيو هو:
اَرھ بَرھ ڪنڪرھ ڪرا ڪرھ منڌرھ
“اهڙو ٻُڙو (وَڙُ) ڪو ڪري جو ڪري مينڌرو”
محمد اسماعيل جا پُٽ سارنگ ۽ بلاول به محنتي، بااخلاق ۽ عزت ڪندڙ آهن جيڪي هن وقت ٻئي پرڏيھ ۾ پنهنجي ٻانهين ٻَلُ اهم نوڪرين ۾ آهن. مان جڏهن به فون ڪيانس ته پُڇي، “صاحب ڪٿي؟” کيس ياد نه به هجي پر پهرئين ڀيري مون وراڻيو هو ته، “ڪانگريسي توهان جي مهرباني آهي جو توهان مونکي صاحبي آڇي ڇڏي. جيتوڻيڪ غور ڪبو ته اسٽيٽ بينڪ ۾ عهدي جي لحاظ کان صاحب محمد اسماعيل پاڻ رهيو ۽ رت ولوڙي ڪانگريسيءَ کان صاحبيءَ تائين پهتو، پر وٽس نه هٺ نه وڏائي. نهٺائي سندس خمير ۾ شامل! اڄ به فون تي هڪٻئي کي صاحب چئي مخاطب ٿيندا آهيون. منهنجي ڪانگريسي سان دوستي ۽ پيار واري اها صاحبي اڄ به پرقرار آهي.
_________________

عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق ۽ سترھن ڪتابن جو مصنف آھي




محمد اسماعیل کوسو اسٽيٽ بينڪ جي متحرڪ ساٿين مان آھي ، ھي منھنجي استاد ء دوست فيض سومري جو بھترين ساٿي پڻ آهي. خبر ناهي ته اڄ ڪلھ ڪٿي آهي. گھڻا ڏينھن ٿيا آهن جو ساڻس ملاقات نه ٿي آھي..
اسماعيل کوسي جي حوالي سان لاجواب تحریر