خوشحال سنڌ اڄ بدحال ڇو؟ نعريبازيءَ کي ڇڏيو، بس گھڻو ٿيو…
ھر ماڻھو سنڌ سنڌ ڪري رھيو آھي، پر اسان ان سنڌ لاءِ ھڪ ڀيرو بہ سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آھي، جنھن ڪري حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. خوشحال سنڌ اڄ بدحال بڻجي چڪي آھي
پروفيسر مدد علي جهتيال

اسان ھميشه مسئلن بابت روئندا رھون ٿا ته ھي مسئلو ۽ ھو مسئلو، پر انھن مسئلن جي حل لاءِ ٿورڙي به سنجيده ڪوشش نه ٿا وٺون، سنڌي ماڻھوءَ جي نفسيات عام طور اھا بڻجي وئي آھي ته معاملن ۽ مسئلن کي ھر ڀيري در گذر ڪيو ويندو آھي ۽ پوءِ جڏھن ڳالھ ڳچي ۾ پوندي آھي ته دانھون، ڪوڪون ۽ ماتم شروع ڪيو ويندو آھي، پر ان سان مسئلا ختم نه ٿيندا آھن ۽ پوءِ اسان روئندي روئندي بيوس بڻجي ويندا آھيون. مثال طور اسان خراب حڪمراني جو روڄ راڙو ڪندا رھون ٿا، پر ڇا اسان ڪڏھن اھو سوچيو آھي ته سڀ ڪجھ اسان جي ووٽ جي ڪري ٿي رھيو آھي؟ جيڪڏھن اسان ووٽ جو درست استعمال ڪريون ته جيڪر بھتر حڪمراني قائم ٿي سگھي ٿي ۽ پوءِ سڀ مسئلا به حل ٿي ويندا. اھڙي طرح عوام سان ٿيندڙ ظلم جو علاج عوام وٽ ئي آھي، پر سوال اھو آھي ته عوام علاج ڪري ٿو يا نٿو ڪري!
اڄ اسان منجھان ھر ھڪ سنڌ سنڌ ڪري رھيو آھي، پر اسان ان سنڌ لاءِ ھڪ ڀيرو سنجيدگي سان نه سوچيو آھي، جنھن ڪري حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. خوشحال سنڌ اڄ بدحال بڻجي چڪي آھي، اھي زمانا گذري ويا، جڏھن اوطاقون آباد ھونديون ھيون.ڪيڏانھن ويون اھي ڪچھريون ۽ ڪيڏانھن ويا سندس ڀوڳ ٺڪاءُ ۽ ٽھڪڙا! ائين پيو لڳي ڄڻ سنڌ جي سونھن ڪُومائجي وئي ھجي. اڳ پيار ڀائيچارو، سڪ، قصا ۽ ڪھاڻيون ھونديون ھيون. اڄ رڳو ڪوڙ، ٺڳي، لالچ، حرص، نفرت ۽ ساڙ حسد بچيو آھي.
وڻ کان ڪنھن پڇيو ته ھي ننڍڙو ڪھاڙو تو جھڙي مضبوط وڻ کي ڪيئن ڪپي ٿو؟ وڻ وراڻيو ته انھي ڪھاڙي منجھ جيڪو ڳن پيل آھي، سو منھنجو ئي آھي. مون تاريخي طور جن ٻن ڳالھين جي نشاھندگي ڪئي آھي، انھن مان ھڪ پنھنجي جي پچار يا گلا غيبت آھي ۽ ٻي وري پنھنجن کان حسد يا ساڙ آھي. اسان جي سماج ۾ ھي مرض اڏوھي جيان آھي، اندر ئي اندر ۾ ھڪ ٻئي کي پيا مڏي ڇري سان ڪھون. جيڪڏھن ڪٿي به ٻه ڄڻا ويھندا، اتي ٽئين غير حاضر جي گلا ۽ غيبت شروع ڪري ڏيندا، ان جو حسب نسب ۽ ڄمڻ کان جواني تائين سندس سڀ عيب بيان پيا ڪندا، پوءِ وڃي دل ٺرندي ۽ سڪون جو ساھ کڻندا. ڳوٺ، پاڙي اوڙي جو ڪو ماڻھو يا مٽ مائٽ پنھنجي ڏاھپ، ڏات ساڃھ، فھم وفراست ۽ علم سان اڳتي وڌي ترقي ڪندو، پنھنجو يا ملڪ جو نالو روشن ڪندو ته اسان جي اندر وارو ڪينو ۽ بغض جوش وٺڻ شروع ڪندو، کيس تباھ ۽ برباد ڪري پوءِ وڃي ساھ پٽي ٿو. ايتري تائين جو اسان جي ھر وقت اھا ئي ڪوشش ھوندي آھي ته سندس پيرن ھيٺان ڌرتي ڇڪي وٺون ۽ کيس منھن ڀر ڪيرايون، ھن کي اھڙي اوڙاھ ۾ اڇلايون جو زندگي ڀر ٻاھر نه نڪري سگھي.
عوام جي ووٽن سان منتخب ٿيندڙ ليڊر ۽ اڳواڻن لاءِ ”چونڊيل“ لفظ استعمال ٿيندو آھي، تہ انھن لاءِ بہ جيڪي ”ڌانڌلي“ ذريعي چونڊجي آيا آھن. اقتدار ڌڻين جي اھا دعوي آھي ته ھو ”چونڊيل“آھن. منھنجي نظر ۾ سنڌ ۾ سڄي گڙٻڙ انھيءَ لفظ ”چونڊيل“ پيدا ڪئي آھي. حڪومت جي ڪرسيءَ تي ويٺل صاحب اقتدار چون ٿا ته صرف اسان ”چونڊيل“ آھيون.
ھي ڳالھيون، ڳالھيون پيٽ ورن جون چورائين ٿيون. جنھن تي ڪنھن جو ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو آھي. جڏھن ماڻھون منتشر ھوندا آھن ته مصيبتون وڌنديون آھن ۽ جڏھن ماڻھون متحد ٿيندا آھن ته مصيبتون منتشر ٿينديون آھن. ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته اسان متحد ٿيون ۽ مصيبتن کي ڀڄايون. جيڪڏھن اڃا به اسان ايئن نه ڪري سگھياسين ته اسان جا ايندڙ نسل اسان کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا. ھي ظلم، جبر ۽ ناانصافيون اسان جون مقدر ناھن، اسان پنھنجو پاڻ انھن کي پنھنجو مقدر بڻايو آھي، جيڪو ماڻھو حلال جو رزق کائي ٿو، اھو سڪون سان سمھي ٿو، جنھن ماڻھوءَ جا ھٿ صاف آھن، اھو ڪنڌ مٿي کڻي ھلي ٿو، جيڪڏھن ڪو اھا جرئت نه ڪندو ته فلاڻو شخص بي وفا آھي، اھو انسان ڪنھن ڏاڍي اڳيان ڪڏھن به ڪنڌ نٿو جهڪائي سگھي. ھٿ صاف رکندڙ انسان ھن دنيا ۾ به عزت ماڻي ٿو ۽ سندس آخرت به موچاري ٿيندي.
مور کي ڪو قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تہ ھو وس آھر ڀڄندو آھي. جڏھن ٿڪجي بيوس ٿي شڪاري جي ھٿ چڙھندو آھي ته ھڪدم ڦٿڪي ڦٿڪي ساھ ڏيندو آھي. آزاديءَ جي معاملي ۾ ھو ڪنھن به قسم جو سمجھوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه ھوندو آھي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته مور حساس پکي آھي، ھن کي سانت ۽ سڪون وارو ماحول کپي.
چوڻ جو مقصد اھو آھي ته جيستائين اسان سڀ ظلم، جبر، ناانصافي ۽ لاقانونيت خلاف حق سچ جو آواز بُلند نه ڪنداسين، تيستائين اسان ۽ اسان جا ايندڙ نسل پيا ڀوڳيندا رھندا. اچو ته اھو نعرو ھڻون ”ھاڻي بس!“ گھڻو ٿيو، گھڻو سٺيوسين. ھاڻي وقت اچي ويو آھي آئيندا اسان پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪريون، ڪو اھڙو ماڻھون چونڊيون، جيڪو اسان جا مسئلا به حل ڪري ۽ اسان جي تڪليفن کي به سمجھي. جيڪڏھن اسان ايئين نه ڪيو ته سواءِ پڇتائڻ جي ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيندو. ڏٺو وڃي ته اسان ھميشه اھڙي تبديليءَ جي ڳالھ ته ڪئي آھي، پر عمل کان پري رھيا آھيون. ھاڻي وقت اچي ويو آھي جو اسان عمل به ڪري ڏيکاريون. سچ ھي آھي ته جيڪڏھن اسان ووٽ جو درست استعمال ڪريون ۽ بھتر نمائندا چونڊيون ته سنڌ کي دبئي ۽ لنڊن به بڻائي سگھجي ٿو. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، جنھن وٽ پنھنجو درياءُ به آھي ته سمنڊ به آھي. سنڌ جون زمينون ڀليون آھن. جيڪڏھن سنڌ ۾ بھتر حڪمراني قائم ٿي وڃي ته ھر قسم جي ڏک ۽ تڪليف مان نجات حاصل ڪري سگھجي ٿي. سڀ کان وڏي تڪليف غربت ۽ جھالت جي آھي، جنھن جو علاج پڻ بھتر حڪمراني منجھ موجود آھي، جيڪا فقط ووٽن جي درست استعمال سان ئي قائم ڪري سگھجي ٿي.
______________

پروفيسر مدد علي جهتيال ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾پروفيسر آهي ۽ حيدرآباد ۾ رھي ٿو.




Great article , which is need of the hour. Prof Madd Ali always remember forgitten values of time. Geo saen
Akhund Noor Ahmed dahot
From phulji station dadu