Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

عمرڪوٽ جي امن تي لڳل خنجر ۽ مقتول اسماعيل سميجي جي اڻمٽ آخري مُرڪ

ڳوٺ اڪلو سميجا جو سادو نوجوان پنهنجي لانگ جيپ هلائي رزق حلال ڪمائيندڙ انجڻ جي مرمت لاءِ جڏهن عمرڪوٽ آيو، تڏهن کيس ڪھڙي خبر هئي ته شهر جي وچ ۾، پوليس جي ون فائيو جهڙي حساس چوڪيءَ ڀرسان، موت سندس تاڙ ۾ ويٺو آهي.

تيز ڌار اوزار سان سندس ڳلو ڪپي، قاتلن کيس اڌ مئل حالت ۾ رت جي تلائن ۾ ڇڏي ڏنو، اهڙيءَ طرح جيئن ڪٺور شڪاري زخمي هرڻ کي جھنگ ۾ تڙپڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن

مُشتاق ٽانوري  

عمرڪوٽ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن، جڏهن نوجوان اسماعيل سميجي جو رت موتي چوڪ ويجھو وهايو ويو. هن وحشياڻي واردات ۾  لازوال ۽ اڻمٽ آخري مُرڪ سان ڳلو ڪپي قتل ٿيڻ وارو اسماعيل رڳو هڪ فرد نه هو؛ هو هزارين پورهيت نوجوانن جي علامت هو، جيڪي صبح جي اُجالي سان روزيءَ جي تلاش ۾ گهران نڪرن ٿا ۽ شام جو موٽڻ جي اميد دل ۾ کڻي هلن ٿا. پر قسمت، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ظالم جلاد بڻجي وڃي ٿي، اسماعيل کي واپس گهر وڃڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.

مقتول اسماعيل سميجي جي آخري مُرڪ

ڳوٺ اڪلو سميجا چڪولي جو هي سادو نوجوان پنهنجي لانگ جيپ هلائي رزق حلال ڪمائيندو هو. انجڻ جي مرمت لاءِ جڏهن هو عمرڪوٽ آيو، تڏهن هن کي ڇا خبر هئي ته شهر جي وچ ۾، پوليس جي ون فائيو جهڙي حساس چوڪي ڀرسان، موت سندس تاڙ ۾ ويٺو آهي. تيز ڌار اوزار سان سندس ڳلو ڪپي، قاتلن کيس اڌ مئل حالت ۾ رت جي تلائن ۾ ڇڏي ڏنو، اهڙيءَ طرح جيئن ڪٺور شڪاري زخمي هرڻ کي جھنگ ۾ تڙپڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن. اهي رڳو هڪ جسم تي ڪيل وار نه هئا؛ اهو عمرڪوٽ جي امن تي لڳل خنجر هو، جيڪو شهرين جي دلين مان تحفظ جو احساس گھٽائي ويو. جڏهن زخمن سان ڀريل اسماعيل کي اسپتال آندو ويو، تڏهن سندس مُرڪندڙ چهري تي هر ساهه سندس لاءِ آخري جنگ وانگر هو. سندس اکين ۾ زندگيءَ جي آس آهستي آهستي وسامندي وئي ۽ ٿوري ئي دير ۾ هو هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو. اها مسڪرائيندڙ خاموشي، جيڪا هزارين سوالن جو شور بڻجي شهر جي گهٽين ۾ گونجڻ لڳي. خبر باهه جيان پکڙجي وئي، دڪانن جا شٽر بند ٿي ويا ۽ عمرڪوٽ جي دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو. ماڻهو روڊن تي نڪري آيا نه ڪنهن سياسي جهنڊي هيٺ، نه ڪنهن نعري جي لالچ ۾ پر هڪ بيگناهه نوجوان جي قتل خلاف.

مقتول جا وارث لاش کڻي الله والا چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو ويهي رهيا. ڌرڻي جا  ست ڪلاڪ، ست صدين وانگر هُئا. ٽائرن جي ڪاري دونهين آسمان کي اونداهو ڪري ڇڏيو، بلڪل ائين جيئن سماج تي ڇانيل بي انصافي جي ڪڪرن ان کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي. نعرا رڳو پوليس خلاف نه هئا، پر ان نظام خلاف هئا، جيڪو ڏوهارين کي پَر ڏئي ٿو ۽ مظلومن کان آواز کسي ٿو. ماڻهن جو سوال سادو پر ڏاڍو تلخ هو، جڏهن پوليس پوسٽ جي سامهون اهڙو قتل ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ آخر اهي ڪٿي محفوظ آهن؟ ڌرڻي دوران هر چهري تي ڪاوڙ، هر اک ۾ ڳوڙها ۽ هر دل ۾ خوف هو. احتجاج ڪندڙن چيو ته عمرڪوٽ ۾ امن امان نالي شئي آهستي آهستي دفن ٿي رهي آهي. پوليس حڪمرانن جي پروٽوڪول تائين محدود ٿي وئي آهي، جڏهن ته عام ماڻهو هر گهڙي موت جي ڇانوَ هيٺ جيئڻ تي مجبور آهن. ايس ايچ او جي ناڪام ڳالهين کان پوءِ، جڏهن ايس ايس پي عذير احمد ميمڻ آيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جاچ جون خاطريون ڪرايون، تڏهن ڌرڻو ختم ته ٿيو پر بي اعتمادي ختم نه ٿي. هڪ سوال هر ذهن ۾ گونجندو رهيو، ڇا هر ڀيري لاش روڊ تي رکڻ کان پوءِ ئي انصاف جا در کولندا؟

مقتول جي والد جمال الدين سميجو جڏهن چيو”منهنجو پٽ بيگناهه هو“، تڏهن اهو جملو ڪنهن خنجر وانگر دلين ۾ لڳو. اهو صرف هڪ پيءُ جو درد نه هو، پر هر ان والد جو خوف هو، جيڪو پنهنجي ٻچن کي غير محفوظ سماج ۾ موڪلي ٿو. جڏهن قاتل آزاديءَ سان گهمن ٿا ۽ بيگناهه مٽيءَ ۾ دفن ٿين ٿا، تڏهن انصاف هڪ خواب بڻجي وڃي ٿو، اهڙو خواب جيڪو رُڳو تقريرن ۽ بيانن ۾ زنده رهي ٿو. سياسي اڳواڻن جا مذمتي بيان به آيا، پر اهي لفظ به وقت جي وهڪري ۾ وسامي ويندا، جيئن اڳ ڪيترن ئي واقعن ۾ ٿيو آهي. ڪي ان کي پوليس جي ناڪامي سڏين ٿا، ڪي حڪومت جي خاموشيءَ کي مجرماڻو قرار ڏين ٿا ۽ ڪي سنڌ کي ڏوهارين، ڌاڙيلن ۽ منشيات جي دلدل ۾ ٻڏل سماج طور بيان ڪن ٿا پر حقيقت اها آهي ته اسماعيل جو رت جوقتل رڳو هڪ جرم جو نتيجو نه هو اهو هڪ اهڙي نظام جي پيداوار هو، جيڪو انصاف کان وڌيڪ طاقتور کي تحفظ ڏئي ٿو.

اڄ اسماعيل قبر ۾ آرامي آهي، پر عمرڪوٽ جون گهٽيون اڃا به سوالن سان ڀريل آهن. هر هوڪو، هر ساهه، هر ڌڙڪڻ ڄڻ پڇي رهيا آهن ته ڇا انساني جان ايتري سستي آهي؟ ڇا قاتل هميشه اونداهين ۾ لڪي ويندا؟ ۽ ڇا مظلومن کي هميشه لاش کڻي انصاف گهُرڻو پوندو؟

هي واقعو رڳو هڪ قتل ناهي، هي سماج جي سيني ۾ لڳل اهو زخم آهي، جيڪو هر صبح نئين لاش سان تازو ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن اڄ به اسماعيل لاءِ انصاف نه مليو، ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي گهر جو چراغ وسامندو، ۽ پوءِ به اسان رڳو بيانن، تقريرن ۽ ڌرڻن ۾ ئي جيئندا رهنداسين، جڏهن ته قاتل آزاديءَ سان گهمندا رهندا.

__________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

mushtaqtanwari@gmail.com

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button