زندگي ۽ موت جي جنگ جا قصا: ھمٿ نہ ھارڻ سان ڪيئي جانيون بچائي سگھجن ٿيون
ھڪ عورت موت جي ڪنڌيءَ تي ھئي. مائٽن سندس قبر بہ کوٽائي ڇڏي تہ جيئن تدفين ۾ دير نہ ٿئي، پر مون ھمٿ نہ ھاري ۽ کيس بچائي ورتو. ھڪ ڏينھن گھنٽا گھر سکر وٽ سمبوسا کائيندي انھيءَ عورت چيو: مان اھا ئي آھيان جنھن لاءِ قبر بہ کوٽجي وئي ھئي
اسان جي زندگي اھڙن واقعن سان ڀريل آھي جنھن ۾ ڪيئي مريض زندگي جي جنگ ھارائي به ويا آهن پر ھمت نه ھارڻ سان گھڻا مريض بچي به ويا آهن.
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو
منھنجي تربيت ۾ منھنجي امان جو وڏو ڪردار آھي. والد ننڍي ھوندي فوت ٿيو جڏھن يارھن سالن جو ھئس. منھنجي زندگي منھنجن گھڻن رھنمائن، استادن ،مائٽن ۽ دوستن جي صلاحن، تعليم ۽ تربيت م گذري آھي . شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، ادب ڪتاب ڪورس، ٽريننگون ڊگريون … مشاھدو مطالعو سڀ جز حيات آھن، پر امان جي تربيت گھڻي آھي. امان گھڻو سخي ھئي محبتن جي معاملي ۾، مھمانوازي جي معاملي ۾، خدمت، تعاون ۽ رھنمائي جي حوالي سان. وٽس صوفياڻي عاجزي ،نماڻائي، شائستگي ۽ شگفتگي ھئي. ھوءَ بس ھڪ لفظ ۾ گھڻو ڪجھ چئي ويندي ھئي. ھوء سڀ کان وڌيڪ حساس منھنجي فرض شناسيءَ لاءِ ھئي.

ھڪ رات ھڪ اسپتال مان ڪال آئي .نٽايم ۽ سوچيم تہ اسپتال وارا تڏھن ڪال ڪندا آھن جڏھن ايمرجنسي ھوندي اٿن….عيد رات ھئي، چيائين تنھنجي ناراضگي اسپتال وارن سان آھي مريض سان ته نه . مان توکي حڪم ڏيان ٿي ته وڃ ۽ جيڪا في ملئي مريض جي مائٽن کي موٽائي ڏجانءِ. اھو اڻويھ سئو نوي جو شروعاتي ڏھاڪو ھو. مريض جي آپريشن ڪرائي في واپس ڏئي موٽي آيس. سوچيم امان ڊاڪٽر ناھي، مان ڊاڪٽر آھيان، امان جھڙو حساس ڇو ناھيان .ان ڏينھن کان بدلجي ويس. مريضن لاء جھيڙا به ڪيم.
ڪئي ڳالھيون آھن . ھڪ مثال سان شروع ڪريان ٿو. اسان جو ڳوٺ ھاڻوڪي بورڊ آفيس وٽ آھي. اڳي اتي آبادي نه ھئي. يعقوب فيڪٽريءَ وارو شڪارپور سکر روڊ آمدورفت جو ذريعو ھو. اسان جي حويلي نما گھر جي سمجھو احاطي اندر ھڪ مسجد ھئي. ان جي اڱڻ ۾ وشال ٻٻر جو وڻ ھو. ڪجھ اڃان به آھين ۽ ان جي ڀڪ سان ھڪ وڏو ڪمرو ھو حجرو، جنھن ۾ اڪثر مسافر اچي رھندا ھئا. گھڻي ڀاڱي اھو سمجھو اوطاق ھئي. ھڪ رات سخت برسات پي پئي. ھڪ ڄڃ جيڪا بيل گاڏين تي ھئي اھا شڪارپور کان خير پور پي وئي. ان برسات ۾ ڦاسي پئي. ڪن ھنن کي اسان جي گھر جي حجري جو ڏس ڏنو. اھا سڄي ڄڃ اسان جي در تي اچي وئي. منھنجا ڀائر به اٿيا. امان حڪم ڪيو ته مردن کي حجري ۾ رھايو ۽ عورتن کي گھر جو وڏو ڪمرو خالي ڪرائي ڏيو. امان انھن کان پڇيو تہ اوھان ماني کاڌي آھي انھن چيو نه . پوءِ امان گھر ۾ پيل اٽو ڳوهيو چانور ڪڍيا سبزي دال جيڪو گھر ۾ موجود ھئو. امان باھ ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪاٺيون آليون ھيون. امان پکو ھڻڻ شروع ڪيو. مون کي چيائين ڦوڪون ڏي. منھنجا دوڏا نڪري آيا پر باھ ڪٿي ٻري، سو امان کان پکو وٺي اھڙو زور سان ھلايم جو باھ ٻري پئي. امان ماني پچائي، سموري ڄڃ کاڌي. اڌ رات ٿي وئي . امان بستري ۾ سبق ڏنو تہ ڪو به ڪم ڪرڻ چاھجي ته ھمت کان ڪم وٺجي ته انشااللہ ٿي ويندو.
شڪارپور سول اسپتال المعروف راء بھادر اوڌو داس شڪارپور ۾ مان بيھوشيءَ جو ڊاڪٽر ھئس. ھڪ ڏينھن ايمرجنسيءَ ڀرسان گذريس ته ڊاڪٽر افتاب پٺاڻ چيو ته ھڪ ڇوڪرو صحيح ساھ نه ٿو کڻي. سندس نڙيءَ ۾ ٽيوب وجھڻو آھي. ٽريڪياسٽومي ٽيوب آھي ته ڏيو . مون چيو اينڊوٽريڪيل ٽيوب وجھوس اوھان کي ڏيون پيا… پر ڇوڪرو نوجوان ھئو، شديد تڪليف ۾ ھو، ساھ کڻي نه پئي سگھيو. سندس ھسٽري ھيءَ ھئي تہ اھو ڇوڪرو دوستن سان اوطاق ۾ تاس کيڏندو ھو. پيءُ کيس چيو تہ شريف ماڻهوءَ جوپٽ آھين، ماڻھو ڇا چوندا ته منهنجو پٽ جواري آھي. سو پيءُ جي ٻاھر وڃڻ کان پوءِ ھن ڪمرو بند ڪري پاڻ کي پکي ۾ ٽنگيو. سندس ماءُ ڏسي ورتو. ماڻس ۽ ٻين گھر وارن دروازو ڀڃي ڇوڪري کي ڄنگھن کان پڪڙي لاٿو. کيس دماغي سوڄ ٿي پئي. ڇوڪرو مري رھيو ھو. کيس ڪجھ جھٽڪا شروع ٿيا ۽ نيرو ٿيڻ به شروع ٿيو. مون سوچيو تہ سندس تڪليف کي ته گھٽايون . سو ٿيٽر ۾ اچي ان کي پينٽوٿال ڏئي مشڪون ڍريون ڪندڙ دوا muscle relaxant ڏئي نڙ گھٽ ۾ ٽيوب وجھي ھٿرادو ساھ کڻائڻ شروع ڪيم . مريض سانت ۾ اچي ويو. ان جي نيراڻ ختم ٿي. وينٽيليٽر ته ھئو ڪونه سو پوء ڇا ڪجي، الائي ڪيترو وقت مصنوعي ساھ ڏجي. پنوعاقل ڇانوڻيءَ ۾ آءِ سي يو ھو. اتي وينٽيليٽر ھئو. مريض کي ايمبولنس ۾ وجھي وڏو سلينڊر آڪسيجن جو رکي ٻارن واري سرڪٽ اي سان ھٿرادو ساھ ڏيندا ٻن ڪلاڪن ۾ پني عاقل پھتاسين. ڇوڪرو ٽي ڏينھن وينٽيليٽر تي ھيو ۽ ٺيڪ ٿي ويو.
ڪيس ٻيو. ھونئن ته شڪارپور ۾ وڏا ناليوارا سرجن رھيا آھن، جيئن نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر گلزار شيخ، ڊاڪٽر غلام محمد اعواڻ ، ڊاڪٽر حيدر خان، ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، ڊاڪٽر نجيب شيخ، ڊاڪٽر خداداد ابڙو ۽ ٻيا ڪيئي ناليوارا ڊاڪٽر. ڪجھ ته ايم بي بي ايس ھئا پر اھي سرجري ڪندا ھئا. اک، ھڏن، ويم مطلب تہ ڏکين حالتن ۾ انھن ڪونه گھٽايو. ھڪ ڏينھن ٻه سپاھي شڪارپور پوليس ھيڊ ڪوارٽر وٽ وڙھي پيا . ھڪ گولي ھلائي جيڪا وڃي مشن اسپتال جي گيٽ تي بيٺل چوڪيدار جي کاٻي سيني مان آرپار ٿي وئي . مريض کي شڪارپور مشن اسپتال جا انگريز زال مڙس منتظم کڻي آيا. مريض جي ڦڦڙ جو زخمي حصو صاف نظر اچي پيو. شڪارپور ۾ وري سيني کولڻ جون سھولتون صفا ناممڪن هيون. مون ۽ منھنجي ھڪ دوست ڊاڪٽر عباس سومري کي چيو تہ سائين مريض مري ته ٿو، ڇو نه ھڪ ڪوشش ڪيون. انگريز عملدارن کي چيوسين ته سھولتون ته ناھن پر ھن جي پاسرين جي وچ مان ڇاتي کولي ڪوشش ڪيون ٿا ته ڦڦڙ سبجي ۽ رت بند ٿئي. ھنن ھا ڪئي. ڊاڪٽر عباس سومري ٿورڙي پريشاني ڏيکاري تہ چيومانس سائين اوھان ڪم شروع ڪريو، مالڪ خير ڪندو.اسان مريض کي بيھوش ڪري نڙگھٽ مان ٽيوب وڌو. سرجن عباس سومري ٻه ڇاتيءَ جا ٽيوب يعني چيسٽ ٽيوب وڌا. ھڪ مٿي سيني ۾ ھوا ڪڍڻ لاءِ ۽ ھڪ ھيٺين پاسرين وٽ رت ڪڍڻ لاءِ . پوءِ ھن پاسرين کي پري ڪري ھڪ پاسريءَ کي ٿورو ڪٽي رستو ٺاھيو ۽ ڦڦڙ کي سبيو. اھو مريض ھفتي ٻن اندر ٺيڪ ٿي ويو.
ايئن ھڪ ڏينھن گائني وارڊ وڃڻ ٿيو. ڊاڪٽر نگار فاطما گھرايو ته ھڪ مريض کي ويم کان پوءِ گھڻو رت وھيو آھي، مريض کي ڏسو. ويم ته مريض سمجھو گيسپنگ ۾ ھو بلڪل پيلو. اتي ليباريٽري ٽيڪنيشن تاج ملڪ بيٺو ھو. مريض جو رت جو گروپ اي بي پازيٽو ھو. سوچيم تہ مريض مري ته پيو، پر ڪوشش ڪريون، سو ڪمپائونڊرن مولوي نعيم قريشي ۽ اڪبر سومري جي مددسان اتي بيڊ تي ليٽائي بغير گروپ بغير ڪراس مئچ ڪرائي، بلڊ ڪڍي مريض کي ٽرانسفيوز ڪيو سون. جنھن جو گروپ اي بي پازيٽو آھي، ڪھڙا به گروپ ھوندا لڳي ويندا.
ڪم ھاڻي مشڪل آھي پر ڀروسو ۽ ھمت اوھان کي مثبت نتيجا ڏئي ٿو. ڏکين حالتن ۾ ھمت کان ڪم وٺڻ ۽ حوصلو نه ھارڻ ضروري آھي. نالا ان ڪري لکيا آھن ته سڀ ڪردار زندھ آهن.

نشتر ميڊيڪل ڪاليج ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٽريننگ دوران ايمرجنسي ۾ ڊيوٽي ھئي ھڪ ٻارڙي ڊيراغاري خان واري پاسي جي ھئي. سندس نڙيءَ ۾ سخت سوزش ھئي ۽ ھُوءَ ساھ نه پئي کڻي سگھي. مون کيس نڙ گھٽ ۾ ٽيوب وجھي ٻارن جي سرڪٽ سان ھٿرادو ساھ ڏنو ۽ پوء ان کي آءِ سي يو شفٽ ڪرڻ لاء سينيئر کي ڪال ڏني ته ھن کي آءِ سي يو شفٽ ڪيون . جيستائين مريض جو آءِ سي يو ۾ علاج جو جواز نه ھوندو ھو ته ان کي شفٽ نه ڪرڻو پوندو ھو. آءِ سي يو ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر سھيل چيو تہ ميڊيسن وارن کي ڪال ڏيو. اتان ٻه ٽريني پي جي آر آيا جن کي تجربو نه ھئو. ھو مريض کي جاچي نه سگھيا. ھنن نوٽ لڳايو ته مريض تشويسناڪ حد تائين متاثر ٿيو آھي ۽ مريض جو دماغ مردہ ٿي ويو آهي. جڏھن اھا ڳالھ مون پنھنجي سينيئر ڊاڪٽر سھيل کي ٻڌائي ته ھو آءِ سي يو مان آيو ۽ چائين تہ ھنن نوٽس مطابق مريض آءِ سي يو نه ٿو شفٽ ڪري سگھجي. پر منھنجي دل مطمئن نه پئي ٿي. مون مريض کي رليڪس ڪري امبو بيگ لڳائي ان ۾ آڪسيجن اٽيچ ڪري مائٽن کي سمجھايو ته کيس ھلڪو ھلڪو ساھ کڻائيندا رھو. آءُ به ان کي ڏسندو رھيس. آخر رات جو ٽي وڳي جڏھن دوائن جو اثر ختم ٿيو ته ٻارڙي ساھ ته اڃان ھٿرادو طور کڻي پئي پر اکيون کولي جواب ڏئي پئي، ھٿ لوڏي ھا نه جو جواب ڏئي پئي. مون وري آءِ سي يو فون ڪيو. ڊاڪٽر سھيل ٺپ جواب ڏنو. مون ڊپارٽمنٽ جي ھيڊ کي فون ڪرڻ جو سوچيو. ھو مھدي حسن ممتاز صاحب ھو ايف ايف اي ھو ۽چوندو ھو تہ ڪنھن به وقت فون ڪري سگھو ٿا. ڪوبه ان کي فون ڪرڻ کان گھٻرائيندو ھو. مون کيس فون ڪيو ۽ سڄي ڳالھ ٻڌائي. کيس ڊاڪٽرسھيل به مريض جي ڳالھ ٻڌائي ھئي. چيائين سنڌي سائين ننڊ ۾ ته ناھين. مون چيو نه سائين. فون بند. ڏھن منٽن ۾ ھو پاڻ مرسڊيز ڊرائيو ڪري مريض مٿان اچي بيٺو ۽ مريض آءِ سي شفٽ ٿيو۽ بچي ويو. ڪجھ ڏينھن بعد ھن ان مريض لاء پورو ليڪچر ڏنو ۽ ھمت نه ھارڻ جو سبق ڏنو.
ان دور ۾ وڏا وڏا سينئر به ھئا جن ۾ ڊاڪٽر سلمان وارث، ڊاڪٽر اعزاز ڊاڪٽر روبينا جيڪا فيصل اباد ڪاليج جي ھيڊ آف اينيسٿيزيا ڊپارٽمنٽ ھئي، ڊاڪٽر رانا الطاف جيڪو نشتر ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿيو، ڊاڪٽر شائستا ،ڊاڪٽر لياقت، ڊاڪٽر رزاق. سڀني ھڪ سوال ڪيو تہ تون ايترو پُرعزم ٿي ڇو بيھي رھين؟ مون چيو امان چوندي آهي: دل نه لاھيو، ڪوشش ڪندا رھو، نتيجو ڪھڙو به اچي .
ايئن سکر جي الفيصل اسپتال ۾ لڳ ڀڳ اڻويھ سئو ستاسيءَ جو قصو آھي. ھڪ مريضہ جو ٻار لاءِ سي سيڪشن ٿي پيو. ان جي ٻچيداني سخت نہ پئي ٿي ۽ ڍلي ئي رھي پي. مريض جو رت وھي پيو. ضرورت مطابق ان کي رت ڏنو پئي ويو. آخر ڊاڪٽر صاحبہ ان جي ٻچيداني بہ ڪڍي ڇڏي . پر رت بند نہ پيو ٿئي. تڏھن ايتريون ليباريٽريون نه ھيون ۽ رت جي بيمارين جي تشخيص جي خبر به گھٽ پوندي ھئي . آخر ڪار ڊاڪٽر صاحبہ بہ مايوس ٿي وئي. مائٽن کي صورتحال کان ٻڌايو پئي ويو. ھنن بہ سمجھيو تہ ھي ھاڻي بچندي ڪونہ ۽ متان تدفين ۾ دير ٿئي سو ھنن ان مريضہ جي قبر بہ کوٽائي ڇڏي. مريض جو بلڊ پريشر لھي ويو، فقط دل ھلي پئي. ساٿي جونيئر ڊاڪٽرياڻيءَ چيو تہ بچندي ڪونہ، ھاڻي ٽيوب ڪڍوس. مون چيو جيسين دل ھلي ٿي تہ آءُ ٽيوب نہ ڪڍندس. پوء ان کي بلڊ پريشر وڌائڻ جون دوائون ڏيڻ شروع ڪيون . مريضہ جو ڪنھن سبب رت وھڻ بہ بند ٿيو ۽ مريضہ ڪجھ دير ۾ ھوش ۾ به اچي وئي. اھا مريضہ پٽڻي روھڙي جي جي ھئي. ھڪ ڏينھن اھا مريضہ سکر گھنٽاگھر تي نظر آئي. سمبوسا پئي کائي. مون کي سمبوسو آڇيندي چيائين ڊاڪٽر صاحب سڃاتئي. چيومانس نه. چيائين مان اھا اھيان جنھن جي قبر کوٽي وئي ھئي. انکان پوءِ مون ان مريضہ جو ھرنيا جو آپريشن دارالشفا اسپتال ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار ڀٽي کان به ڪرايو ھو. ان عرصي دوران اھي ٻيئي ڊاڪٽرياڻيون سينيئر ۽ جونيئر رضا الاھي سان وفات ڪري ويون پر ھوءَ اڃان زندھ آھي.
ھي ڪجھ مثال آھن. اسان جي زندگي اھڙن واقعن سان ڀريل آھي جنھن ۾ ڪيئي مريض زندگي جي جنگ ھارائي به ويا آهن پر ھمت نه ھارڻ سان گھڻا مريض بچي به ويا آهن. سو چوندا اھن ته انسان جيڪڏھن همٿ ڪري ته الله پاڪ جي مدد سبب محنت رائگان نه ٿي وڃي.
____________

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ماڪو سول اسپتال سکر ۾ ڊاڪٽر آھي. شاھ لطيف جي شاعريءَ سان دلچسپي اٿس۔ سکر جي ادبي پروگرامن ۾ دلچسپيءَ سان شرڪت ڪندو آهي.



