Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌي ڪچهري: سماجي ساٿ، ثقافتي سڃاڻپ ۽ گڏجڻ جي گرمجوش روايت

سنڌي ڪچهري سنڌي روح جي زندگي آهي. ان ۾ جيڪو پيار، پنهنجائپ، سچائي ۽ سادگي آهي، اها ئي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي.

جڏهن دنيا تيز ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو ڊجيٽل مصروفيتن ۾ گم آهن تڏهن سنڌي ڪچهري اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته زندگيءَ جو حقيقي حسن گڏ ويهي ڪچهري ڪرڻ، گڏيل مرڪن ۽ گرمجوش گڏجاڻين ۾ لڪل آهي.

عبدالله عثمان مورائي

يار ڪٿي آهيو، ڏيو خبر اڄ آهي ڪچهريءَ جو پروگرام؟ ها ضرور. پوء اڄ ڪٿي بيٺڪ ڪجي، ٺيڪ، پوء رات جو مانيء کان پوء ملون ٿا. اهي جملا سنڌ جي هر گهر ۾ ورجايا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ ايڏو ته لطف هوندو آهي جنهن کي لفظن ۾ نٿو ٻڌائي سگهجي.

سنڌي سماج جي سڀ کان خوبصورت ۽ زنده روايتن مان هڪ “سنڌي ڪچهري” آهي. اها رڳو گڏ ويهڻ جو نالو نه پر احساسن، دوستيءَ، قربت، ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل شعور جو اهڙو روپ آهي جيڪو صدين کان سنڌي زندگيءَ جو حصو رهيو آهي. انهن ڪچهرين ۾ دوست، مٽ مائٽ، پاڙيسري، ڪلاس فيلو، ساٿي ڪارڪن، استاد ۽ شاگرد سڀ گڏ ٿين ٿا، جتي نسلن جي وچ ۾ گفتگوءَ جي هڪ پل جڙندي آهي.

موضوعن جي رنگيني ۽ گڏيل شعور

ڪچهريءَ ۾ موضوعن جي ڪا حد ناهي هوندي. هتي روزمرهه جي احوالن کان وٺي سياست، سماجي مسئلن، اقتصادي حالتن ۽ ثقافتي روايتن تي کليل بحث ٿيندو آهي. ٻارن جي تعليم، روزگار جون ڏکيائون، يادگيريون، مزاحيه قصا، لطيفا ۽ ڪڏهن ڪڏهن تيز پر سچو بحث به هن محفل جو حصو هوندو آهي. هي هڪ اهڙو غير رسمي فورم آهي، جتي ماڻهو رڳو ڳالهائين نٿا پر هڪٻئي کي صبر سان ٻڌن به ٿا ۽ هڪ خوشگوار ماحول ۾ گڏيل سکيا جو عمل جاري رهي ٿو.

سياري جي گرم هنج: ”مچ ڪچهري“ ۽ ڳُڙ واري چانهه

سياري ۾ ڪچهريءَ جا رنگ بلڪل منفرد ۽ روحاني هوندا آهن. جڏهن رات جو هلڪي ٿڌي هوا هلي ٿي ۽ آسمان تارن سان ڀريل هوندو آهي، تڏهن اوطاقن، ڳوٺن ۽ اڱڻن ۾ ٻرندڙ باهه (مچ) جي چوڌاري ماڻهو گڏ ٿين ٿا. اها رڳو گرمي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي پر ”مچ ڪچهري“ هوندي آهي.

هن ماحول ۾ هٿن ۾ ڳُڙ واري چانهه جو پيالو، ڪاٺ جي بينچن يا پٽ تي وڇايل تڏن ۽ رلين تي ويٺي، چيڪي مٽيءَ جي ڀتين جي خوشبو ڪچهريءَ کي وڌيڪ پرسڪون بڻائي ڇڏيندي آهي. ڪڏهن ڪنهن پراڻي دوست جي ياد تي خاموشي پڻ ڇانئجي ويندي آهي ته ڪڏهن ڪنهن شرارتي لطيفي تي سڀ گڏجي ٽهڪ ڏيندا آهن. اها سماجي حرارت دلين ۾ محبت جي لهر پيدا ڪندي آهي.

اونهاري جون محفلون: ڪمند ۽ انبن جو مٺاڻ

اونهاري ۾ ڪچهريءَ جو انداز بدلجي وڃي ٿو پر محبت ساڳي رهي ٿي. گرم موسم ۾ سليماني چانهه يا ٿڌن شربتن سان گڏ محفلون مچن ٿيون. اڄ ڪلهه ڪجهه سالن کان ڪمند جي مند ۾ ”ڪمند جي پارٽي“ ۽ وري انبن جي مند ۾  ”انب پارٽي“ ڪچهريءَ جو نئون روپ بڻجي چڪيون آهن. ماڻهو گڏجي رس ڀريل ڪمند جون ڇڙيون يا ڳنڍيريون چٻاڙين ٿا يا تازو نڪتل رس پيئن ٿا ۽ ساڳئي خوشگوار انداز سان ڪچهري ڪندا آهن. هي ميڙاڪا رڳو کائڻ پيئڻ تائين محدود ناهن، پر گڏيل يادگيريون ٺاهڻ جو هڪ ذريعو پڻ آهن.

اوطاق کان جديد شهرن تائين ارتقا

سنڌي ڪچهريءَ جو تاريخي مرڪز هميشه ”اوطاق“ رهيو آهي، جتي مٽيءَ جون ڀتيون، کٽون ۽ انهن تي وڇايل سنڌي رليون ۽ چانڊوڪي راتيون ثقافتي حسن جو اظهار آهن. پر اڄ جي جديد دور ۾، شهرن جا اپارٽمينٽ، ڊرائنگ روم يا ڪيفيز يا کاڌي پيتي جا مرڪز يا هوٽلون به ڪچهريءَ جو مرڪز بڻجي رهيا آهن. جيتوڻيڪ رهڻ جو انداز ۽ ماحول تبديل ٿيو آهي پر ڪچهريءَ جو روح يعني گڏجڻ، ٻڌڻ ۽ هڪٻئي جي احساسن کي سمجهڻ اڄ به ساڳيو آهي.

پرڏيهه ۾ رھندڙ سنڌين جي تڙپ

پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي هن روايت کي سڀ کان وڌيڪ ياد ڪن ٿا. يورپ، آمريڪا يا وچ اوڀر ۾ رهندڙ سنڌي جڏهن پنهنجي وطن کي ياد ڪن ٿا، ته سڀ کان پهريان ”ڪچهريءَ“ جو تصور ذهن ۾ اڀري ٿو. ڪيترائي گهراڻا خاص طور تي سياري جي مند ۾ سنڌ رڳو ان ڪري ايندا آهن ته کين مچ ڪچهريءَ ۾ ويهڻ جو موقعو ملي. جتي جڳهه جي سوڙهه آهي، اتي به سنڌي دوست پنهنجي اپارٽمينٽس يا ننڍن پارڪن ۾ ڪچهريءَ جو ماحول تيار ڪري پنهنجي سڃاڻپ سان رشتو زنده رکن ٿا.

ڪچهري ڇا سيکاري ٿي؟ (سماجي قدرن جي واپسي)

سنڌي ڪچهري رڳو وقت گذاري لاء نه پر هڪ تربيتي ادارو آهي، جنهن جي ذريعي بزرگن جو تجربو نوجوانن تائين پهچي ٿو جيڪو  نسلن جو ميلاپ آهي. ان سان گڏوگڏ دوستي ۽ ڀائپيءَ جا بند مضبوط ٿين ٿا. سماجي مسئلن تي اجتماعي سوچ ۽گڏيل حل ڳولڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي. ادب، شاعري، مزاح ۽ قديم روايتون زنده رهن ٿيون جنهن کي پاڻ ثقافتي بقا به چئي سگهون ٿا.

چوڻ جو مقصد ته سنڌي ڪچهري سنڌي روح جي زندگي آهي. ان ۾ جيڪو پيار، پنهنجائپ، سچائي ۽ سادگي آهي، اها ئي اسان جي اصل سڃاڻپ آهي. جڏهن دنيا تيز ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو ڊجيٽل مصروفيتن ۾ گم آهن تڏهن سنڌي ڪچهري اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته زندگيءَ جو حقيقي حسن گڏ ويهي ڪچهري ڪرڻ، گڏيل مرڪن ۽ گرمجوش گڏجاڻين ۾ لڪل آهي.

_____________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button