ماڻهن بنا هوٽلون جتي ٽائر آرام ڪن ٿا، جيت پلجن ٿا ۽ پکي گھر ڳولي وٺن ٿا
سويڊن جھڙن ترقي يافته معاشرن ۾ “هوٽل” جي لفظ کي خاموشيءَ سان نوان ۽ حيران ڪندڙ مفھوم ملي ويا آهن. اڄ هي لفظ رڳو ماڻھن يا مسافرن لاءِ مخصوص ناهي رهيو، پر ان جو دائرو ٽائرن، جيتن جڻين ۽ پکين تائين وڌي ويو آهي.
هيءَ رڳو هڪ سھولت ناهي، پر هڪ اهڙو تصور آهي جنھن ۾ عملي ، تخليق ۽ فطرت جي سنڀال کي هڪ نئين رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
عبدالله عثمان مورائي
هر ٻوليءَ ۾ ڪجهه اهڙا لفظ هوندا آهن جيڪي پاڻ سان گڏ جذبا، يادون ۽ تصويرون کڻي ايندا آهن. “هوٽل” به انهن مان هڪ لفظ آهي. هي لفظ اسان کي سفرن، رات جو روشن بتين، چمڪندڙ فرش تي گِھلجندڙ سوٽ ڪيسن جي آواز ۽ انھن ڪمرن جي ياد ڏياري ٿو جتي ٿڪل مسافر نيٺ آرام ڪن ٿا. عام طور تي هوٽل جو تصور رڳو انسانن جي آسائش ۽ عارضي رهائش تائين محدود هوندو آهي.
پر دنيا جي ڪجھه حصن ۾ ، خاص ڪري سويڊن جھڙن ترقي يافته معاشرن ۾ “هوٽل” جي لفظ کي خاموشيءَ سان نوان ۽ حيران ڪندڙ مفھوم ملي ويا آهن. اڄ هي لفظ رڳو ماڻھن يا مسافرن لاءِ مخصوص ناهي رهيو، پر ان جو دائرو ٽائرن، جيتن جڻين ۽ پکين تائين وڌي ويو آهي. هيءَ رڳو هڪ سھولت ناهي، پر هڪ اهڙو تصور آهي جنھن ۾ عملي ، تخليق ۽ فطرت جي سنڀال کي هڪ نئين رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
هيءَ ڪھاڻي انھن نرالين “هوٽلن” جي باري ۾ آهي ۽ ان بابت ته اهي جديد دور جي ماڻھن جي ذهن ۽ ترجيحن بابت اسان کي ڇا ٿيون ٻڌائين.

ٽائر هوٽل، جتي موسمون مهمانن وانگر اينديون آهن
اسڪينڊينيويا جي هڪ ٿڌي صبح جو، جڏهن رستا ڄمڻ لڳندا آهن ۽ برف ڇتين تائين پهچندي آهي ته هڪ ڄاتل موسمي رسم شروع ٿيندي آهي. ورڪشاپن جي ٻاهران گاڏين جون قطارون لڳي وينديون آهن، جتي مڪينڪ اونھاري جا ٽائر لاهي سياري جا ٽائر لڳائيندا آهن. هيءَ رڳو گاڏيءَ جي سار سنڀال ناهي پر قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي ڇاڪاڻ ته اتي رستن جو مزاج موسمن سان گڏ مڪمل بدلجي ويندو آهي.
پر اصل سوال اهو آهي ته اهي اٺ ٽائر (چار اونھاري جا ۽ چار سياري جا) سڄو سال رکيا ڪيڏانھن وڃن؟ اڳي ماڻھو کين گهر جي ڪمرن يا بالڪنين ۾ رکندا هئا، جنھن سان نه رڳو جاءِ سوڙهي ٿيندي هئي پر گھر جي سونھن به متاثر ٿيندي هئي. ان جو حل ٽائر هوٽل (Däckhotell) جي صورت ۾ نڪتو.
هيءَ هوٽل روايتي هوٽل وانگر ناهي هوندي. هتي ڪي جھومر، ريسيپشن ڊيسڪ يا قالين ناهن هوندا. ان جي بدران صاف سٿري ۽ تپش کان محفوظ اسٽوريج هال ۾ ٽائرن جون قطارون خاموشيءَ سان آرام ڪنديون آهن. هتي هر ٽائر جي “صحت” جو خيال رکيو ويندو آهي جھڙوڪ انھن جو پريشر چيڪ ڪيو ويندو آهي، انھن کي ڌوئي صاف ڪيو ويندو آهي ۽ انھن جي رٻڙ جي حالت تي نظر رکي ويندي آهي ته جيئن سج جي روشني يا گھم کين خراب نه ڪري. جڏهن موسم بدلجي ٿي ته اهي “مھمان ٽائر” ٻيھر روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. هي نظام ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن هڪ معاشرو ننڍڙن مسئلن کي به وڏي پلاننگ ۽ عقل سان حل ڪري ٿو.
جيتن جي هوٽل، باغ جي ننڍڙن پورھيتن جو آستانو

سڀ هوٽلون رڳو سھولت لاءِ ناهن هونديون. ڪجھه هوٽلون ماحولياتي فڪر ۽ فطرت سان محبت جي ڪري به اڏيون وينديون آهن. جيڪڏهن توهان يورپ جي ڪنھن باغ يا اسڪول جي پٺيان ڪاٺ جو هڪ ننڍڙو ۽ دلچسپ گھر ڏسو، جنھن ۾ بانس جون لٺيون، سڪل گاهه ۽ ننڍڙا سوراخ هجن، ته سمجھي وڃو ته اها جيتن جي هوٽل (Insect Hotel) آهي.
اسان اڪثر جيتن کي نظرانداز ڪندا آهيون پر ماکيءَ جون مکيون، پوپٽ ۽ ٻيا جيت خاموشيءَ سان پوري دنيا جي خوراڪ جو نظام (Ecosystem) هلائيندا آهن. اهي گلن جي زرخيزي ڪن ٿا ۽ فصلن کي بچائين ٿا. پر شھرن جي وڌندڙ آباديءَ ۽ ڪيميائي دوائن جي ڪري انھن جا قدرتي گھر ختم ٿي ويا آهن.
جيتن جي هوٽل انسان پاران فطرت کي ڏنل هڪ “معافي نامو” آهي. هي هوٽل انهن مکين، ڀونرن، پوپٽن ، ننڍڙا ٻج کائيندڙ جيتن کي آستانو ڏئي ٿي جيڪي پنهنجا گھر يا آکيرا ڳوليندا آهن ۽ انھن کي پناهه ڏئي ٿي جيڪي سياري جي سخت ٿڌ کان بچڻ چاهيندا آهن. ٻار انھن هوٽلن کي تجسس سان ڏسندا آهن ۽ ننڍپڻ کان ئي اهو سکندا آهن ته هيءَ ڌرتي رڳو اسان جي ناهي پر انھن ننڍڙن جيتن جي به آهي. هي هوٽل گڏجي رهڻ (Coexistence) جي هڪ علامت آهي.
پکين جا گھر جتي صبح جو آواز ٻيھر گونجي ٿو
پوءِ اچن ٿا پکين جا گھر جيڪي ڪاٺ جا اهي ننڍڙا باڪس آهن جيڪي اڪثر اسان جي اکين کان اوجھل هوندا آهن پر زندگيءَ سان ڀريل هوندا آهن. اهي پکي جيڪي شھرن جي گوڙ ۽ سيمينٽ جي عمارتن ۾ پنھنجي جاءِ وڃائي چڪا هئا انهن هوٽلن ۾ پنھنجو گھر ڳولي وٺن ٿا.
پکين جا اهي ننڍڙا گھر کين شڪارين، تيز هوائن ۽ برفاني راتين کان بچائين ٿا. جڏهن ڪو ماڻهو پنھنجي ورانڊي ۾ پکيءَ جو گھر لٽڪائي ٿو ته هو رڳو هڪ جانور جي مدد نٿو ڪري پر هو پنھنجي زندگيءَ ۾ فطرت کي واپس اچڻ جي دعوت ڏئي ٿو. جڏهن صبح جو انھن گھرن مان پکين جا گيت ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته انساني وسنديءَ ۾ اڃا ساهه باقي آهي.
هڪ گڏيل فڪر شعوري زندگيءَ جو فلسفو

پھرين نظر ۾ ٽائر هوٽل، جيتن جي هوٽل ۽ پکين جو گھر مڪمل طور الڳ لڳن ٿا. هڪ گاڏيءَ جي حفاظت لاءِ آهي، ٻيو ماحول لاءِ ۽ ٽيون جذباتي لڳاءَ لاءِ. پر اهي سڀ هڪ ئي انساني احساس مان پيدا ٿين ٿا يعني ”زندگيءَ کي شعور سان گذارڻ“.
اهي تصور اسان کي ٻڌائين ٿا ته جيڪڏهن اسان ننڍين شين کي به اهميت ڏيون ته زندگي کي بھتر نموني منظم ڪري سگھجي ٿو. فطرت تي غلبو حاصل ڪرڻ بدران ان جو احترام ڪرڻ سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ ئي اصل ترقي آهي. هڪ ذميوار معاشرو اهو آهي جيڪو پنھنجي مشينن سان گڏوگڏ پنھنجي چوڌاري موجود جيتن ۽ پکين جو به خيال رکي.
ترقي رڳو لوهه ۽ سيمينٽ جا انبار لڳائڻ جو نالو ناهي. سچي ترقي اها آهي ته اسان ڪيتري نرميءَ سان پنھنجي دنيا سان پيش اچون ٿا. ٽائرن لاءِ جاءِ بڻائڻ اسان جي تنظيم سازي آهي، پر جيتن ۽ پکين لاءِ هوٽلون ٺاهڻ اسان جي روح جي زندهه هجڻ جو ثبوت آهي.
آخر ۾ چوڻ جو حاصل مقصد ته اهي نراليون هوٽلون اسان جي سماج لاءِ هڪ وڏو سوال ۽ هڪ خوبصورت سبق آهن. جيڪڏهن اسان ٽائرن، جيتن ۽ پکين لاءِ ايتري سوچيل سمجھيل پلاننگ ڪري سگھون ٿا ته ڇا اسان پنھنجي انسانن لاءِ اهڙيون هوٽلون يا پناهه گاهون نٿا ٺاهي سگھون؟ ڇا اسان پنھنجي شھرن کي ٻارن، بزرگن ۽ پورهيتن لاءِ وڌيڪ مھربان نٿا بڻائي سگهون؟
ڪڏهن ڪڏهن سڀ کان وڏا سبق سڀ کان ننڍڙين ڳالھين مان ملندا آهن. آرام ڪندڙ هڪ ٽائر، پناهه وٺندڙ هڪ جيت ۽ گيت ڳائيندڙ هڪ پکي اسان کي خاموشيءَ سان ياد ڏيارين ٿا ته اسان کي هن گڏيل دنيا ۾ هڪ ٻئي سان ڪيئن حڪمت، ذميواري ۽ محبت سان رهڻو آهي.
____________________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.




Beautiful article
Wonderful knowledge
Thanks 🙏
سائين مهرباني قرب !