Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

پاڪستان ۾ تعليمي پاليسيون موجود آھن پر مٿن عمل ۾ سنجيدگي ۽ تسلسل ڪونھي  

يونيورسٽيون رسمي تعليم جو آخري مرحلو آھن پر بدقسمتيءَ سان اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي انتظامي ناڪامين سبب کين ڪمزور تعليمي بنيادن وارا شاگرد ملن ٿا.

سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ گلوبل ريسرچ ڪانگرس جي پهرين ڏينهن ”پائيدار معاشرن جي تشڪيل ۾ استادن جو ڪردار: چيلينجز ۽ موقعا“  جي موضوع تي اجلاس

ڪراچي

 وائس چانسلر گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۽ اڳوڻي تعليم واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر امجد آرائين اربع سترھين ڊسمبر تي تعليم جي شعبي ۾ گورننس جي کوٽ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي ۽ چيو ته جيتوڻيڪ ملڪ ۾ تعليمي پاليسيون موجود آهن، پر انهن تي عملدرآمد ۾ سنجيدگي ۽ تسلسل جي کوٽ آهي.

سنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي  ڪراچي جي ڪوٺايل ٽئين گلوبل ريسرچ ڪانگريس ۾ ”پائيدار معاشرن جي تشڪيل ۾ استادن جو ڪردار: چيلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان هيٺ  هڪ اهم پينل ڊسڪشن ۾ ڳالھائيندي هن چيو ته يونيورسٽيون، جيڪي رسمي تعليم جو آخري مرحلو آهن، انهن کان اها اميد ڪئي وڃي ٿي ته اهي شاگردن کي معاشري جو مثبت ۽ اثرائتو رڪن بڻائين، پر بدقسمتي سان اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي انتظامي ناڪامين سبب کين ڪمزور تعليمي بنيادن وارا شاگرد ملن ٿا.

هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 6 کان 16 ورهين جي عمر جا 35 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جڏهن ته ASER رپورٽ 2024 مطابق سنڌ ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار لکڻ کان قاصر آهن ۽ 35 سيڪڙو کان وڌيڪ شاگرد بنيادي رياضي جا سوال حل نٿا ڪري سگهن.

ڏکڻ ڪوريا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن سان پاڪستان جي ڀيٽ ڪندي هن چيو ته انهن ملڪن جي ڪاميابيءَ جو راز جديد، گهري ۽ اثرائتي تدريسي طريقن، جدت ۽ استادن لاءِ باعزت ۽ بهتر معاوضي ۾ لڪل آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ پراڻن تدريسي طريقن تي حد کان وڌيڪ انحصار ۽ تخليقي سوچ بدران روايت پسندي کي ترجيح ڏيڻ تعليمي معيار کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي.

  اجلاس ۾ نامور تعليمي ماهرن ۽ پاليسي سازن شرڪت ڪئي، جن ۾ پروفيسر شاهده سجاد، وائس چانسلر ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ڪراچي؛ محترمه رانا حسين ۽ ٻيا شامل هئا. بحث جو مرڪزي نقطو پاڪستان جي تعليمي نظام کي درپيش لڳاتار چيلينجن جي پس منظر ۾ پائيدار معاشرن جي قيام ۾ استادن جي اهم ۽ بنيادي ڪردار هو.

محترمه رانا حسين استادن جي پائيداري کي مضبوط تعليمي نظام جو بنياد قرار ڏيندي زور ڏنو ته اثرائتن تدريسي طريقن، مسلسل تربيت ۽ پيشه وراڻي ترقي جي موقعن وسيلي استادن جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته بااختيار، باصلاحيت  استاد نه رڳو شاگردن جي علمي واڌ ويجهه ۾، پر انهن جي قدرن، مهارتن ۽ سماجي ذميواري جي شعور کي اُجاگر ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

اعليٰ تعليم ۾ پائيداري جي فروغ بابت ڳالهائيندي پروفيسر شاهده سجاد ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته جيتوڻيڪ ان حوالي سان ڪيترائي چيلينج موجود آهن، پر يونيورسٽيون پائيداري کي پنهنجي تعليمي نظام جو حصو بڻائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيون آهن.

پينل جي سڀني مقررين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تعليمي پاليسيون معاشرتي ضرورتن، وقت جي تقاضائن ۽ زميني حقيقتن مطابق ترتيب ڏنيون وڃن، ۽ انهن تي مؤثر عملدرآمد لاءِ سڌارن، وڪالت ۽ جوابدهي جو مضبوط نظام قائم ڪرڻ لازمي آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين ڊاڪٽر اسٽيفن جان شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو۽ معزز پينلسٽس کي سندن علمي خدمتن جي اعتراف طور شيلڊون ۽ يادگاري تحفا پيش ڪيا. (پريس رليز)

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button