نثري نظم: يادن جي ڪئنواس تي زندگيءَ جو تصويرون ڪير ٿو ٺاھي؟
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ رھندڙ نثار ٻانڀڻ اصل خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواھ جي ڳوٺ مير محمد ٻانڀڻ جوآھي. کيس مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو پنجويھ ورھين جو تجربو آھي. حُن ٽي سال صحافت بہ ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن کان ھڪ سرڪاري اداري سان لاڳاپيل آھي. انگريزي، سنڌي ۽ اُردوءَ ۾ اسڪرپٽ رائيٽنگ، اسڪرين رائيٽنگ، شاعري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکڻ جي حوالي سان کيس ڄاتو وڃي ٿو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف اخبارن رسالن ۾ ڇپجندا رھن ٿا. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان سندس ھيءَ نثري نظم شائع ڪري رھيا آھيون.

يادن جي ڪئنواس تي زندگيءَ جو تصويرون ڪير ٿو ٺاھي؟
مونکي خبر ناهي ته يادن جي ڪئنواس تي زندگيءَ جو تصويرون ڪير ٺاهي ويندو آهي،
لڳندو آهي ته اُن وٽ هٿ ۾ کنيل ڪو ازلي برش آهي
۽ سندس نهار هر پَلَ
۽ هر وک تي رهي ٿي
۽ کيس ان تي ڪمال جو ڏانءُ پڻ آهي ته هو
هڪ لمحي کان به گهٽ وقت ۾ اُن جي تصوير چٽي
اسان جي اکين آڏو آڻي ٿو رکي ٿو.
~~~~~
اسان حياتيءَ جي گذري ويل سڀني لمحن کي ياد ڪرڻ جا جتن ڪندا آهيون،
ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان ويهي اُها ڪچهري ڪرڻ گهرندا آهيون جنهن ۾ اسان جي يادن جا ميلا لڳل هجن
پوءِ انهن ميلن ۾ ڪنهن دل گهري دلبر جو هٿ پڪڙي گهمي اچڻ جو ساهس سانڍي دل کي خوش ڪندا آهن، ايئن آهي نه!؟
~~~~~
يادن جي گُهلندڙ هوا دل جي دروازن کي کڙڪائي ٿي
۽ اهو وقت کڻي ٿي اچي جنهن ۾ اسان کوڙ ساريون محبتون ماڻيون، انيڪ دردن جا تڙڪا کاڌا،
سُکن جي ڇانو ۾ پينگهون ٻڌيون
۽ اُهي دڳ لتاڙيا جن تي هاڻي ٻيهر وڃڻ جي وٿي نه ٿي ملي
پر اُنهن مڙني ساروڻين ۽ يادن کي اوري
اُن وقت کي ٻيهر جِي سگهجي ٿو ڪيئن اهو سوچجي ۽ ان لاءِ وک کڻجي.
_________________

شاعر نثار ٻانڀڻ



