Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

کارڪون: خيرپور ميرس جي سونھري سوغات ۽ سنڌي ثقافت جو هڪ اڻٽٽ حصو

کارڪون رڳو هڪ خشڪ ميوو ناهي پر اها سنڌ جي ثقافت ۽ سماجي رواجن جو هڪ اهم حصو آهي. خيرپور ميرس جي گرم مٽي، موسم ۽ هٿن جي مهارت سان تيار ٿيندڙ هيءَ سوغات سنڌي رواجن جو حصو بڻجي، نسلن در نسل خوشيون ۽ مٺاس ورهائي رهي آهي.

ان جي پويان نه رڳو صديون پراڻي تاريخ آهي پر ان ۾ سنڌي ماڻهن جي سادگي، پيار ۽ مضبوط سماجي رشتن جي جھلڪ به شامل آهي

عبدالله عثمان مورائي

 خيرپور جي سونهري ورثي جو ذائقو

سنڌ، جنھن کي مٺي ۽ ميٺاج جي سرزمين چيو وڃي ٿو، پنهنجي ثقافتي رنگن ۽ قديم رواجن سان مالا مال آهي. هن سرزمين جي سينگار ۾ خيرپور ميرس جي کجي جو هڪ خاص مقام آهي. خيرپور ميرس کي بجا طور تي سنڌ يا پاڪستان جي کجي يا کجور جي گاديءَ جو هنڌ (Date Capital) سڏيو وڃي ٿو جتي هزارين کجين جا وڻ نه رڳو زمين کي سونهن بخشين  ٿا پر مقامي معيشت جو به بنياد بڻجن ٿا. کجيء کان وڌيڪ اتي جي مشهور پيداوار کارڪون پڻ آهن جيڪي سڪايل کجيون هونديون آهن ۽ پنهنجي منفرد ذائقي، بناوت ۽ قديم ثقافتي اهميت سبب سڄي دنيا ۾ خاص ڪري سنڌين ۾ مشهور آهن. کارڪون رڳو هڪ مٺي سوغات ناهن پر اهي سنڌي روايتن، مهمان نوازي ۽ مقامي فن جو هڪ اڻٽٽ حصو پڻ آهن. خاص ڪري نڪاح ۽ شاديءَ جي تقريبن ۾ ان جي ورهاست سنڌي ثقافت جي هڪ سهڻي روايت آهي.

کارڪن جي تياري: هڪ روايتي فن

کارڪن جي تياريءَ جو عمل هڪ پراڻو ۽ محنت طلب فن ۽ ڪرت آهي، جيڪو صدين کان نسل در نسل منتقل ٿيندو رهيو آهي. هي عمل مڪمل طور تي قدرتي هوندو آهي ۽ ڪنهن به مصنوعي شئي جو استعمال نه ڪيو ويندو آهي. ان جي تياريءَ جا مکيه مرحلا ڪجهه هيئن آهن ته کارڪن ٺاهڻ لاءِ خاص قسم جي کجي چونڊي ويندي آهي جنهن کي مقامي طور تي اَسيل کجي چيو وڃي ٿو. اها کجي خاص ڪري گول شڪل جي، ٿلهي ۽ گهٽ پاڻي واريءَ هوندي آهي. کجيءَ کي وڻ تان تڏهن لاٿو ويندو آهي جڏهن اها پوري طرح پچي ۽ رنگ تبديل ڪري چڪي هوندي آهي. کجيءَ کي وڻ تان لاهڻ کان پوءِ ان کي جلد ئي وڏن ديڳين يا خاص پانڊن ۾ ڪجهه وقت تائين پاڻيء ۾ اوٻاريو ويندو آهي. ايئن ڪرڻ جو مقصد آهي ته جيئن کجيء جي کل يا چمڙي نرم ٿي وڃي ۽ ان اندر موجود ڪجهه پاڻي ٻاهر نڪري وڃي. هن عمل سان کجيءَ ۾ هڪ مخصوص مٺاڻ ۽ ذائقو پيدا ٿيندو آهي.

کجيء کي اوٻارڻ کان پوءِ ديڳين يا پانڊن مان ڪڍي وڏين چٽائين، چادرن يا کجيءَ جي ئي سڪل پنن مان ٺهيل وڏن تڏن تي پکيڙيو ويندو آهي. انهن تڏن کي کليل ميدانن يا ڪنهن صاف ۽ سج جي سڌي روشني پوندڙ جاءِ تي رکيو ويندو آهي. خيرپور ميرس جي گرم ۽ خشڪ موسم کارڪن جي سڪائڻ لاءِ مثالي هوندي آهي. کجيءَ کي ڏينهن جو سج ۾ سڪايو ويندو آهي ۽ رات جو يا برسات جي صورت ۾ ڍڪي يا اندر آندو ويندو آهي ته جيئن ان کي نميءَ کان بچائي سگهجي. هي عمل اٽڪل ستن کان ڏهن ڏينهن تائين جاري رهندو آهي جيستائين کجي پوري طرح سُڪي پنهنجي سخت ۽ چمڪدار شڪل اختيار ڪري. سڪڻ کان پوءِ کارڪن کي چونڊي صاف ڪري ۽ مختلف سائز ۽ معيار جي لحاظ کان الڳ الڳ ڪيو ويندو آهي. ان کان پوءِ انهن کي خاص طريقن سان پيڪ ڪري مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. هي سڄو عمل هٿن سان ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ مقامي ماڻهن خاص ڪري عورتن جي وڏي محنت ۽ مهارت شامل هوندي آهي. اهو رڳو هڪ پيداواري عمل نه پر سنڌ جو هڪ ثقافتي ورثو پڻ آهي.

ثقافتي اهميت ۽ سنڌي روايتون

کارڪون رڳو هڪ خشڪ ميوو ناهي پر اها سنڌ جي ثقافت ۽ سماجي رواجن جو هڪ اهم حصو آهي. ان جي ثقافتي اهميت ڪيترن ئي طريقن سان ظاهر ٿئي ٿي مثال طور سنڌ ۾ نڪاح يا شاديءَ جي تقريبن کان پوءِ کارڪن جي ورهاست هڪ پراڻي ۽ پياري روايت آهي. خاص ڪري نڪاح کان پوءِ ڪنواريتن يا گهوٽيتن جي طرفان کارڪون گڏجاڻيءَ ۾ ويٺلن ۾ ورهائيون وينديون آهن. هي روايت خوشي، مٺاس ۽ نئين رشتي جي شروعات جي علامت آهي. اهو سمجهيو ويندو آهي ته کارڪن جي مٺاس نئين جوڙي جي زندگيءَ ۾ مٺاس ۽ خوشحالي آڻيندي. هي رواج مهمانن جي مهان نوازي ۽ شاديءَ جي بندوبست کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بڻائيندو آهي. ان کان سواء عيدن، ميلن ۽ ٻين خاص موقعن تي کجي يا کارڪون هڪ ٻئي کي تحفي طور ڏيڻ جو رواج پڻ عام آهي. اهو محبت، احترام ۽ رشتن کي مضبوط ڪرڻ جو هڪ خاص طريقو آهي. سنڌي مهان نوازي پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ کارڪون اڪثر مهمانن جي آجيان لاءِ پيش ڪيون وينديون آهن، خاص ڪري ڏورانهن علائقن يا گهرن ۾ جتي ٻيون مٺائيون دستياب نه هجن. کجي ۽ ان مان ٺهيل کارڪون اسلامي ثقافت ۾ به اهميت رکن ٿيون ۽ سنڌ ۾ به ان کي رزق، برڪت ۽ خوشحاليءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي.

 صحت جا فائدا

کارڪون نه رڳو لذيذ هونديون آهن پر صحت لاءِ به انتهائي فائديمند آهن. انهن ۾ ڪيترائي ضروري غذائي جزا موجود هوندا آهن جيڪي جسم کي توانائي ۽ غذائيت فراهم ڪن ٿا. مثال طور کجي يا کارڪن ۾ قدرتي کنڊ هوندي آهي جنهن ڪري اهي جلدي توانائيءَ جو هڪ بهترين ذريعو آهن. ورزش کان اڳ يا پوءِ يا ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهي نهايت فائديمند آهن. کارڪن ۾ فائبر پڻ گهڻو هوندو آهي جيڪو هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائي ٿو. فائبر رت ۾ کنڊ جي سطح کي به مستحڪم رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو. نه رڳو اهو پر اهي پوٽاشيم، ميگنيشيم، آئرن ۽ ڪاپر جهڙن ضروري معدنيات جو هڪ سٺو ذريعو پڻ آهن. ان سان گڏوگڏ انهن ۾ مختلف قسم جا اينٽي آڪسيڊنٽس پڻ هوندا آهن جيڪي جسم جي مجموعي صحت کي بهتر بڻائين ٿا.

اقتصادي اهميت ۽ چئلينجز

خيرپور ۾ کارڪن جي پيداوار مقامي معيشت جو هڪ اهم ٿنڀ آهي. هزارين خاندان هن صنعت سان سڌو سنئون يا اڻ سڌي طرح جڙيل آهن. کارڪون نه رڳو مقامي طور وڪرو ٿينديون آهن پر پاڪستان جي ٻين شهرن ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ به برآمد ڪيون وينديون آهن جنهن سان قيمتي ناڻو حاصل ٿئي ٿو. بهرحال ان هوندي به هن صنعت کي ڪجهه چئلينجز کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو، مثال طور موسمي بدلاءُ، پاڻيءَ جي کوٽ، پراڻا پيداواري طريقا ۽ بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ مقابلي جو وڌڻ شامل آهن. ان جي باوجود مقامي ماڻهو پنهنجي ان روايتي فن کي جيئرو رکڻ لاءِ پرعزم آهن.

 سنڌي ورثي جو هڪ مٺو اهڃاڻ

آخر ۾ ائين چئجي ته کارڪون رڳو هڪ کاڌي جي شيءِ ناهي پر اها سنڌ جي تاريخ، ثقافت، مهمان نوازي ۽ محنت جو هڪ مٺو اهڃاڻ آهن. خيرپور ميرس جي گرم مٽي، موسم ۽ هٿن جي مهارت سان تيار ٿيندڙ هيءَ سوغات سنڌي رواجن جو حصو بڻجي، نسلن در نسل خوشيون ۽ مٺاس ورهائي رهي آهي. ان جي پويان نه رڳو صديون پراڻي تاريخ آهي پر ان ۾ سنڌي ماڻهن جي سادگي، پيار ۽ مضبوط سماجي رشتن جي جھلڪ به شامل آهي. کارڪون پاڻ کي ان ڳالهه جي ياد ڏيارينديون آهن ته ڪيئن هڪ ننڍڙي سوغات پوري ثقافت جي نمائندگي ڪري سگهي ٿي ۽ ڪيئن روايتون جديد دور ۾ به پنهنجي اهميت برقرار رکي سگهن ٿيون. اها اسان جي ذميواري آهي ته اسين هن قيمتي ورثي کي بچائي ۽ ان کي ايندڙ نسلن تائين پهچائون.

__________________

Abdullah-Usman-Morai-TheAsiaN-3

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button