Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

مشتاق ڀرڳڙي ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ جو ھڪ صديءَ جو سفر

سنڌي ڪھاڻيءَ کي سئو سال گذري چڪا. ان دوران ڪھاڻيءَ ڪيترن ئي مرحلن ۽ دورن مان گذري اچي ايڪويھين صديءِ جي در وازي جو ڪڙو کڙڪايو آھي.

سنڌي ڪھاڻي پنھنجي  جوڀن سان ماضي کان وٺي حال تائين يعني ھلندڙ وقت تائين جوڀن ۾ ئي رھي آھي

جائزو : رزاق سھتو

سنڌي ڪھاڻيءَ کي سئو سال گذري چڪا. ان دوران ڪھاڻي ڪيترن ئي مرحلن ۽ دورن مان گذري اچي ايڪويھين صديءِ جي در وازي جو ڪڙو کڙڪايو آھي. سنڌي ڪھاڻي پنھنجي  جوڀن سان ماضي کان وٺي حال تائين يعني ھلندڙ وقت تائين جوڀن ۾ ئي رھي آھي.  سندس وار  ڪھاڻيڪارن اڇا ٿيڻ ڏنائي ناھن. سنڌي ڪھاڻيءَ جي سگهاري پڻي جو ڪاٿو ان مان به ڪري سگهجي ٿو جو سڀ کان وڌيڪ سنڌي ڪھاڻيون ئي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيون آھن. مون کي ائين چوڻ ڏيو ته سنڌي ڪھاڻي اردو ڪھاڻيءَ کان به گهڻو اڳتي نڪري آئي آھي. سنڌي ڪھاڻيءَ جا ڀاڳ چئجن جو نامياري ڪھاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ سئوسالن جي ڪھاڻين مان  چونڊ  ڪھاڻين کي انگريزي ءَ ۾ ترجمو ڪرائي  ٻن ڀاڱن ۾  ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. نالو رکيو اٿس .  Hundred Years of Sindhi Short Stories                                   

ماضي جي ورقن کي نٿا ورايون رڳو اھي ورق پڙھڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، جتان اسان جي سريلي ڪھاڻيڪار مشتاق ڀرڳڙي لکڻ شروع ڪيو. اھو نوي جو ڏھا ڪو ھو.

عبدالڪريم چنا جي ڪتاب ”ڪردار، ڪھاڻيون ۽ ڪتاب“  مان حوالو ڏيندس :

جان ڪيٽس

جنھن به ليکڪ ۾  منفي لياقت يا صلاحيت جيتري وڌيڪ ھوندي  ته اھو پنھنجي تخليقيل ڪردارن سان اوتروئي انصاف ڪري سگهندو. وڏن ليکڪن جي اھائي خوبي ھجي ٿي. جن وسيلي اھي پنھنجن ڪردارن سان مڪمل انصاف ڪيل نظر ايندا آھن. ھڪ ليکڪ لاءِ  انجي منفي لياقت ئي نھايت اھم حيثت رکي ٿي. اھا منفي حس ئي سندس اديب  طور  پختگي  ۽ مھانتا کي ظاھر ڪري ٿي..

افلاطون

عظيم ڏاھا پڪ سان چريائپ جي ويجهو ھجن ٿا. شيڪسپيئر پڻ ان ڳالھه  کي ورجائي ٿو. چريا، پيار ڪندڙ  ۽ شاعر تخيل سان ڳتيل ھجن ٿا.

سنڌي ٻوليءَ جي اڀرندڙ نقاد جاويد پنھور ڪھاڻي بابت لکيو آھي ته:

ڪھاڻي، قاريءَ کي سوچڻ تي مجبور ڪري،. غير روايتي پلاٽ استعمال ڪرڻ گهرجي. پڙهندڙ جي جذبن سان کيڏجي يعني ڪهاڻي کي پُرتجسس بنائڻ گهرجي.. جڏهن ليکڪ پڙهندڙ جي دل جي ڌڙڪن سان پنهنجو نثر هم آهنگ ڪري ڇڏي، تڏهن  ئي ڪھاڻي هڪ عام قصي کان وڌي زندگيءَ جو تجربو بڻجي وڃي ٿي. جذبن جو هي سفر اهڙو هجڻ گهرجي جو پڙهندڙ  ڪهاڻيءَ کان  ٻاهر اچي ئي نه سگهي، بلڪه پاڻ کي ان جي دنيا ۾ قيد محسوس ڪري، جيڪو دوستو وسڪي جي لکڻين اندر جادو موجود آهي. اها  هڪ نفسياتي حڪمت آهي. اصل فن اهو آهي ته پڙهندڙ جي اندر هڪ اهڙو طوفان پيدا ٿئي، جيڪو ڪتاب بند ٿيڻ  بعد  به طوفان ختم ٿيڻ جو نالو نه وٺي.

تاج بلوچ چواڻي:

سنڌي ڪھاڻي پنھنجي منطقي انداز سان شروع ٿي،پاڪستان ٺھڻ کان اڳ مرزا نادر بيگ جي ڪھاڻي”مس ماڊولين“ جيڪا ھڪ صدي گذرڻ کانپوءِ  به نئين ڪھاڻي آھي. ڇاڪاڻ جو ڪھاڻي ڪنھن واقعي جو نالو ناھي، ڪھاڻي ڪنھن ڪردار جو نالو ناھي يا ڪھاڻي ڪنھن ماحول جو نالو ناھي. ڪھاڻي فقط انھيءَ جذبي جو نالو آھي. جيڪو پنھنجي معاشري جي سٺي يا خراب ڪيفيت کي بيان ڪري  پنھنجي ماڻھن کي ٻڌائي ته توھين ڪٿي بيٺا آھيو ۽ توھان کي ڪٿي پھچڻو ھو. پر اوھان ڪيڏانھن پھچي ويا آھيو.

تاج بلوچ جي راءِ سان جيڪڏھن مشتاق جي ڪھاڻي ڪتاب”پاڇي“  جو جائزو وٺجي ته ڪيتريون ئي ڪھاڻيون  تاج جي  ڏنل راءِ سان ٺھڪي بيھن ٿيون. ھو ٻڌائي ٿو ته اسان جو سماج ڪيڏانھن سفر ڪري  پيو ۽ ڪٿي بيٺو آھي.اسان جي سنڌي ڪھاڻيڪارن،پنھنجي دور کي پنھنجي نظر سان ڏٺو.  جنھن انداز سان پرکيو انھن تيئن  ڪھاڻيءَ ۾ بيان ڪيو. تن ڪھاڻيڪارن ۾ مشتاق ڀرڳڙي پڻ شامل آھي. جن ڪھاڻي کي نئين جھد ۾ شامل ڪري پڙھندڙن  ۾ دلچسپي پيدا ڪئي. جڏھن ڪھاڻي پڙھندڙن کي ڪنھن آھنگ ، نئين رمز سان سڃاڻپ ڪرائجي ته مان سمجهان ٿو ته اھو وڏو  اضافو آھي.

تخليقڪار جو مرتبو عام ماڻھن کان مٿاھون آھي. اصل ۾  بلند ۽ خوبصورت، تخيل کي ڪنھن به شھپاري ۾ سمائڻ جي صلاحيت ليکڪ جي ڪردار، سندس مشاھدي، تجربي، مطالعي کانسواءِ فني اڻت ئي سندس تخليق کي شاھڪار بڻائي ڇڏي ٿي.  ليکڪ جي تخليق ڪنھن به نظرئي، مذھبي رنگ يا سماجي دٻاءُ کانسواءِ ، حاڪمي وقت جي درٻاري ٿيڻ کان آزاد  ھجڻ گهرجي جڏھن ليکڪ ذھني طور آزاد ھوندو تڏھن ڪوئي شھپارو تخليق ڪري سگهندو. مشتاق ڀرڳڙي جي ڪھاڻين پڙھڻ سان مٿي ٻڌايل خوبيون ھن جي تخليقن ۾ ملن ٿيون. تڏھن ئي سندس ڪھاڻين نرالپ جو مقام ماڻيو آھي.  سندس ڪهاڻيون روايتن کي ٽوڙي عام سوچ کي للڪاريندي، عقيدي پرستي جي عينڪ لاھي ڦٽو ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿيون جنھن جو مثال سندس ڪھاڻي ”مسٽر  پي ڪي ۽ اسلام“ آھي. ھيءَ ڪھاڻي. انفرداري توڙي اجتماعي بنياد تي سماج طرفان طئہ ٿيل روايت پرستي، پُراڻ پسند سوچ،  ۽ عقيدي  پسندي جهڙن رخن خلاف سوال اٿاري سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪري وجهي ٿي. هر انسان وٽ شين  کي پرکڻ ۽ ان کي سمجهڻ جي صلاحيت الڳ الڳ ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو  مشتاق پنھنجي ڪھاڻين  ۾   تخليق جي اندر پڙهندڙ ن لاءِ  مقصديت کي کولي ڇڏيو. جيئن ڪھاڻي پڙھندڙ لاءِ پر اثر بڻجي سگهي.  ڪهاڻين ذريعي لاشعور ۾ بي ترتيب سوچن کي ترتيب ڏئي  ڪھاڻي جوڙي  زندگي جي مختلف پاسن کي نروار ڪري ڇڏي ٿو. مطلب  تہ مشتاق ڀرڳڙيءَ  جون  ڪهاڻيون اسان جي زندگين سان پڻ جڙيل رهن ٿيون ۽ زندگي کي سمجهائڻ  لاءِ سائنسي بنيادن ۽ نفسياتي پھلن کي ڪھاڻيءَ ۾ کڻي اچي ٿو. جنھن ڪري  ڪهاڻين ذريعي انسان انفرادي ۽ اجتماعي طور سماج کي سمجهڻ جي قابل ٿي پئي ٿو. ائين ڪهاڻيون  هڪ نسل کان ٻئي نسل تا ئين پھچن ٿيون ڄڻ انھن کي تاريخ جو درجو ملي وڃي ٿو. جيئن ريتون، رسمون، رواج، ثقافت، تهذيب، سماجي برايون، سماجي مسئلا، سماجي نفسيات، ماڻهن جا رد عمل، گڏيل جدوجهد ۽ اڪيلائي  پسندي اهڙن  پاسن کي ڪهاڻين ذريعي  مشتاق ڀرڳڙي  قلمبند ڪيو آھي.. ڪھاڻين کي پيش ڪرڻ جو فن عروج تي نظر اچي ٿو.

سنڌي ادب ۾ مختلف قسمن جون ڪھاڻيون لکيون ويون آھن.ھڪ روايتي ڪھاڻي، ٻيو روايت کي جدت سان پيش  ڪيل ڪھاڻيون، ٽيون  ويھين صديءَ جي شروعاتي ڏھاڪن ۾ ايندڙ  ڌارائون،  ماڊرنزم، پوسٽ ماڊرنزم.

 شروعات روايتي ڪھاڻي کان ٿي. جنھن ۾ امرلال ھنڱوراڻي جي ڪھاڻي ”ادو عبدالرحمان، “  شيخ اياز جي ڪھاڻين، حفيظ شيخ کان ويندي ايازقادري، امر جليل پوءِ  روايت  ۾ جدت آڻيندڙ ڪھاڻيڪار، جمال ابڙو، نسيم کرل، علي بابا، شوڪت شورو، مدعلي سنڌي، نورالھدا شاھه، خيرالنسا جعفري، ماھتاب محبوب ، اڪبر سومرو ، ۽ ھمعصر، ڌارائن جھڙوڪ سريئلزم، تجريد،ريئلزم، وغيرھ  ۾ رسول ميمڻ، اخلاق انصاري، مشتاق  شورو، ماڻڪ کان ويندي نسيم پارس گاد،منور سراج اچي وڃن ٿا. مشتاق ڀرڳڙي جو شمار انھن ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو جن روايتي ڪھاڻي کي جديد انداز ۾ پيش ڪيو. نوي جي ڏھاڪي ۾ رحمت ماڃوٺي، حفيظ ڪنڀر،راقم الحروف، منظور ڪوھيار،  فاطمه لغاري، بانو محبوب جوکيو، طارق قريشي،  محمد صديق مڱيو، پرويز ابڙ،  فرزانه شاھين  ،جھانگير عباسي،  دين محمد راڄڙي،  ممتاز بخاري کان ويندي ھلندڙ دور جي ڪھاڻيڪارن،  اختر حفيظ ، وفاصالح راڄپر، زاھد منگي، مختيار، جمالي دادن ثقلين لاشاري، لاکو شبير ۽ ٻيا،  انھن جون ڪھاڻيون موضوع جي اعتبار کان شھري ۽ نفسيات تي ملن ٿيون. اھڙي طرح ڪھاڻي سفر ڪندي ايڪويھين صدي تائين پھتي آھي. ڪھاڻين جي ھن قافلي  ۾ مشتاق  ڀرڳڙي  جو نالو پڻ نظر اچي ٿو. مون ھتي فقط سنڌ جي ڪھاڻيڪارن کي ڳڻايو آھي پر اسان جي پاڙيسري ملڪ ھند جي ڪھاڻيڪارن کي ياد ناھي ڪيو. انھن تي الڳ لکي سگهجي ٿو. انھيءَ کانسواءِ جن ڪھاڻيڪارن کي پڙھيو آھي. تن جو ذڪر ڪيو اٿم. ان دور جا ٻيا ڪھاڻيڪار پڻ آھن جن جو ھتي ذڪر ناھي ڪيو. ڇو ته انھن کي پڙھيو ئي ناھي. ٿي سگهي ٿو انھن ۾ ڪي بھتر ڪھاڻيڪار ھجن.

سنڌي  ڪھاڻيءَ جي سفر  دوران ڪھاڻي لکندي تجربا پڻ ڪيا ويا آھن. جيئن مائڪرو فڪشن، جنھن جي شروعات ، سليم چنا ۽ عزيز قسماڻي  نوي جي ڏھاڪي ۾ ڪئي ھئي.

اسان جي سماج تي جاگيردارن، وڏيرن،  سردارن، ڪامورن،  جي عياشين جو  سماج تي ڏاڍو اثر پوندو آھي. وڏي گاڏي بنگلو، زمينداري، بئنڪ بئلنس،  عورتن واري سنگت، ڏسي اسان جھڙن سماجن  ۾ مڊل ڪلاس يا ھيٺين ڪلاس جي ماڻھن  جي بس ايتري خواھش ھوندي  آھي. مان به انھن جھڙو شخص ٿيندس. زميندار، ڪامورو،سردار، وڏيرو، ٿي نوڪر چاڪر رکندس.  جڏھن اھڙي قسم جي سائڪي جنم وٺندي آھي. پوءِ  اھڙي خواھش جي پوئواريءَ ۾ ماڻھو کوئجي ۽ ابتا سبتا ڪم ڪري دولت حاصل ڪرڻ جي ھوس ۾ جھڙوڪ  ضمير ئي وڪڻي ڇڏيندو آھي. سندن سوچ انھن مادي شين جي حصول کان ٻاھرنڪرندي ئي ناھي. اتفاق سان ڪو اھڙي منصب يعني ڪامورو، ڪو سردار، وڏيرو، زميندار، ٿي ويندو آھي ته ھُو پنھنجي اوقات ئي ڀلجي ويندو آھي ۽ پنھنجي ئي طبقي جي ماڻھن کي ظلم جو نشانو بڻائيندو آھي. جنھن طبقي مان ھو اسري ان منصب تي پھچندو آھي. معلوم ٿيو ته جُڳن کان اسان جي سماج جو ماڻھو اسٽيٽس ڪانش ۽ رھڻ سھڻ جي عياشيءَ وار سَڌ  ۾ ئي زندگي گهاري ھليو وڃي ٿو. نڪي قومي سوچ، نڪي غلاميءَ کان نجات جو ويچار، نڪي عالمي قدرن  جي خبرچار، بس دولت حاصل ڪري  وڏو  ماڻھو ٿيڻو آھي. اھوئي سبب آھي جو اسان وٽ ڪو فلسفي، سائنسدان، قومي شعور ڏيندڙ  پيدا ڪون ڪري سگهيا آھيون. نڪي سائنسي سوچ ڏئي سگهيا آھيون.اھڙا اھڃاڻ اسان  کي مشتاق ڀرڳڙي جي ڪھاڻين ۾ ملن ٿا خاص ڪري سندس ڪھاڻي ”پاڇي“ ۾ مٿي ذڪر ڪيل سڀ ڪجهه ملي ٿو. ھن پنھنجي قلم ذريعي ڪھاڻي سرجي سماج کي مادي شين کان پري رھڻ جي صلاح ڏيندي سماجي شعور کي زندھ ڪيو آھي.

مشتاق ڀرڳڙي  وٽ ڪھاڻي جي لاءِ موضوع  جي اڻاٺ ڪونہ ھئي. عقيدي پرستيءَ کان ويندي جنسي رغبت،پيار، محبت، سماجي اڻ برابري جھڙن موضوعن تي ڪھاڻيون ملن ٿيون. سندس انفراديت اھا به ڳڻائي سگهجي ٿي ته کيس مڪالمي لکڻ تي عبور حاصل ھئو. ڪھاڻيءِ جو ھنر ڄاڻي پيو. جنھن ڪري سندس ڪھاڻيون پڙھندي  ماڻھو سماجي ساگر ۾ ٻڏڻ کان بچندي ترڻ سکي وٺي ٿو. آنءُ جس ڏيان ٿو. ھيءَ مشتاق ڀرڳڙي ڪل سنڌ  ڪھاڻي ڪانفرنس ڪرائيدڙ  سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن کي جن سالن پڃاڻان ھھڙي ڪھاڻي ڪانفرنس ڪوٺائي آھي. خاص ڪري رابطه سيڪريٽري  معصوم بخاريءَ جي ھن ڪھاڻي ڪانفرنس سڏائڻ  ۾  وڏي محنت شامل آھي. ھُو جس لھڻي. ايندڙ دور کيس ھن بھترين عمل تي کيس داد ڏيڻ کان رھي ڪون سگهندو.

(مشتاق ڀرڳڙي ڪل سنڌ ڪھاڻي ڪانفرنس دادوءَ 30 نومبر 2025  پڙھيل) 

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button