Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ پاڪ-ترڪ ريسرچ سينٽر قائم ٿيندو

سينٽر فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جا پروگرام شروع ڪرڻ، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ ملڪ جي ٻين يونيورسٽين جي شاگردن کي ترڪي ٻولي سيکارڻ، ٻنهي ملڪن جي ثقافت، ٻولين، ادب ۽ هيريٽيج کي فروغ ڏيڻ، ۽ ڪاروبار ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تحقيق لاءِ ڪم ڪندو.

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۽ ترڪي گڏيل طور تي ايس ايم آءِ يو پاڪ-ترڪ ريسرچ سينٽر قائم ڪندا. ترڪيءَ جي وفد جو سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جو دورو

ڪراچي

ڪراچي ۾ ترڪش ڪوآپريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ايجنسي (ٽيڪا)جي نئين سربراهه، مسوڪ پوسا، اڱاري ڏينهن پنهنجي اداري جي محترمه فاطمه سان گڏ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي سربراهن سان يونيورسٽيءَ جي ڪانفرنس روم ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ۽ ايس ايم آءِ يو پاڪ-ترڪ ريسرچ سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سڀاش بابو ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر شيران نجيب تجويز ڪيل ايس ايم آءِ يو پاڪ-ترڪ ريسرچ سينٽر تي  ترڪ وفد کي بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۽ ترڪي گڏيل طور تي ايس ايم آءِ يو پاڪ-ترڪ ريسرچ سينٽر سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۾ قائم ڪندا، جنهن جو مقصد ٻنهي برادر ملڪن – پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. وڌيڪ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سينٽر فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا جا پروگرام شروع ڪرڻ، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ ملڪ جي ٻين يونيورسٽين جي شاگردن کي ترڪي ٻولي سيکارڻ، ٻنهي ملڪن جي ثقافت، ٻولين، ادب ۽ هيريٽيج کي فروغ ڏيڻ، ۽ ڪاروبار ۽ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تحقيقي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو.

وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ ترڪيه جي وفد کي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ انهن کي ڪراچي ۾ ترڪيه جي اڳوڻي قونصل جنرل جمال سانگو ۽ ٽيڪا ڪراچي آفيس جي اڳوڻي سربراهه حليل ابراهيم بشران جي دور ۾ تجويز ڪيل ايس ايم آءِ يو-پاڪ ترڪ ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن بابت آگاهه ڪيو.

ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سنڌ مدرسة الاسلام  جا ترڪيه سان خاص لاڳاپا آهن، ڇاڪاڻ جو ان جو باني خان بهادر حسن علي آفندي سلطنت عثمانيه جي دور ۾ ڪراچي ۾ ترڪيه جو اعزازي قونصل جنرل هو ۽ کين سلطنت عثمانيه جي ان وقت جي سلطان پاران ”آفندي“ ۽ ”بي“ جا لقب ڏنا ويا هئا.

جناب مسوڪ پوسا، جيڪو گذريل 20 سالن کان ٽيڪا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ اڳ ۾ عراق، فلسطين، جارجيا، مونٽينيگرو ۽ سينيگال ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، چيو ته تجويز ڪيل سينٽر پاڪستان ۽ ترڪيه ٻنهي ملڪ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ تعليم کي فروغ ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته خان بهادر حسن علي آفندي جي ترڪيه سان ويجهن لاڳاپن جي ڪري، هو سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي سان گڏ تحقيق، تعليم، سياحت ۽ ٻين گڏيل سرگرمين کي منظم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ مهمانن ۾ سووينئر ورهايا. ان کان پوءِ ترڪيه جي وفد سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي جناح ميوزيم ۽ مرڪز لاءِ تجويز ڪيل عمارت جو دورو ڪيو. (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button