Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن هُو پنهنجو شعور زنده رکنديون آهن

شعور تڏهن زنده رهندو آهي جڏهن تاريخ کي سمجهيو وڃي، حال کي ڏٺو وڃي، قيادت کي سُڃاتو وڃي ۽ مستقبل لاءِ گڏجي قدم کنيا وڃن.

جيڪي قومون پنهنجي نوجوانن کي شعور ڏين ٿيون، اهي پنهنجي تاريخ جا نوان باب پاڻ لکن ٿيون. سنڌ کي به اڄ ان حد تائين نه رڳو سياست، پر ذميوار فڪر جي ضرورت آهي، اهو فڪر جيڪو ماڻهن کي ورهائي نه، بلڪه جوڙي؛ جيڪو نااميدي نه پر همت پيدا ڪري؛ جيڪو جذبات نه پر بصيرت ڏئي.

عرفان سنڌي

ڪجھ اهڙا دور ايندا آهن، جڏھن قومون پنهنجي جذبات کان مٿانھون ٿي، شعور جي هڪ اهڙي گڏيل لڙهيءَ ۾ ٻنڌجي وينديون آهن، جيڪا کين هر طرح جي طوفانن کان بچائي وٺندي آهي. سنڌ به ڪڏهن اهڙي ئي شعور جي سنھري ڪڙيءَ سان ٻڌل هئي. هڪ اهڙي ڪڙي، جتي اختلاف راءِ به عزت هو، بحث به ادب هو، فڪر به احترام هو، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه، مستقبل بابت گڏيل ذميواريءَ جو احساس هو. اهو دور ڪا افسانوي ڳالھ نه هئي، اهو سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ فڪري تاريخ ۾ حقيقت جي صورت ۾ موجود رهيو آهي. ان وقت قوم جو هر فرد ڄاڻندو هو ته قوم فقط نعري سان نه ٿي جيئي، پر سوچ سمجھ،  علم ۽ شعور سان اڳتي وڌي ٿي. اهو ئي سبب هو جو قيادت کي مقدس نه، پر ذميواري سمجھيو ويندو هو، ۽ عوام کي پوئلڳ نه، پر ساٿي بڻايو ويندو هو.

شعور جي اھڙي گڏيل فضا ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ باوجود قومي مزاج جو وڏو ڳانڍاپو قائم هو، جيڪو سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي مضبوط ڪندو رهيو. پر وقت جي گردش سان گڏ، تاريخ جي ورقن تي اهڙا پن به ڇڻيا ، جن ۾ شخصي مفادن، گروه بندي ۽ رُوحانيت کان خالي نعري بازيءَ هڪ اهڙي صورتحال کي جنم ڏنو، جنهن قومي شعور جي گڏيل لڙيءَ کي آهستي آهستي ڪمزور ڪري ڇڏيو. قوم جا جيڪي مسئلا ڪڏهن گڏجي حل ٿيندا هئا، سي هاڻي گروھن ۾ ورهائجي، ڪنهن جي ذميواري نه رهيا. اها ڀڃ ڊاھ ڪنهن هڪ ڏينهن جو حادثو نه هو، پر ورھين جو عمل ھو. جڏهن به قومون فڪر بدران مُھانڊن جي پوڄا ڪرڻ لڳنديون آهن، تڏهن اتحاد جو اثر گهٽجڻ لڳندو آهي. سنڌ ۾ به اهو ئي ٿيو. اڳي ڪِن شخصيتن سان اختلاف باوجود احترام هوندو هو، ۽ جدوجهد ۾ وحدت ڏسبي هئي. پر پوءِ ھوريان ھوريان شخصيتون هڪ ٻئي کان الڳ ٿيڻ  لڳيون. اهو ئي ڏينهن هو، جڏهن گڏيل شعور ۾ پهرين ڏار محسوس ڪئي وئي.

ساڳئي وقت، عالمي تبديلين، ميڊيا جي اچڻ، معاشري جي تيز ڌارائن، ۽ نوجوانن جي زندگيءَ ۾ ايندڙ نون دٻائن به انهيءَ شعور کي وڌيڪ ورهائي ڇڏيو. اڳ نوجوان جي اکين ۾ هڪ ڳالھ صاف هوندي هئي: ”اسان کي پنھنجي قيادت جي پويان گڏجي اڳتي وڌڻو آهي.“ پر هاڻي نوجوانن جي جدوجهد ويڳاڻپ جو شڪار آھي. جتي ڪڏهن مطالعي کي قوم جي طاقت سمجهيو ويندو هو، اتي هاڻي ڪتاب کان وڌيڪ گوڙ شور کي اهميت ملي. سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ جيڪو گڏيل “اخلاقي نظام” ڪڏهن وڏو سهارو بڻيل هو، اهو به آهستي آهستي پنهنجي مرڪزي قوت وڃائي ويٺو. عالم، استاد، اديب، ۽ فڪري اڳواڻ ڪڏهن سماج جي مرڪز ۾ بيٺل هوندا هئا؛ انهن جي ڳالهه تي سڀ ڌيان ڏيندا هئا. پر ڏهاڪن گذرڻ سان هڪ اهڙي دنيا جنم ورتو، جتي آواز ته گهڻا آهن، پر رهنمائي گهٽ آھي. نتيجي ۾ قوم جو گڏيل شعور پنهنجي بنيادن کان آهستي آھستي الڳ ٿيندو ويو. اها ڀڃ ڊاھ فقط سياسي نه، پر اخلاقي، فڪري، ثقافتي ۽ تعليمي سطح تي به ظاهر ٿيي. جڏهن تعليم جا معيار هيٺ ڪريا، ته فڪر جو پختو ٿيڻ رڪجي ويو. جڏهن سماجي انصاف گهٽ ٿيو، ته قومي يقين ڪمزور ٿيو. جڏهن نوجوان کي موقعا گهٽ مليا، ته سندس اميدن جي عمر به گهٽجي وئي. ۽ جڏهن ذاتي مفادن قومي ضرورتن کان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو، تڏهن گڏيل شعور جو ٽٽڻ صرف خطري جي گھنٽي نه رهيو، پر هڪ حقيقت بڻجي ويو.

اهو به نه وسارجي ته قومن جو شعور ڪڏهن به هڪ ئي وقت ۾ نه ٽٽندو آهي، پر سڀ کان پهرين ٽٽندو آهي اعتماد. اعتماد قيادت تي، قيادت جو عوام تي، ۽ عوام جو پنهنجي جدوجهد تي. جڏهن اعتماد ۾ ڏار پوي، تڏهن قوم جو هر فرد پاڻ کي الڳ الڳ ٻيٽن وانگر محسوس ڪرڻ لڳي ٿو، جتي ڪو ٻيٽن کي ملائڻ واري پل موجود نہ ھوندي آهي. سنڌ به ان موڙ تي اچي بيٺي، جتي پُلين کان وڌيڪ ڊگهين ديوارن جو تصور وڌي ويو.

پر تاريخ جو هڪ وڏو سبق اهو آهي ته شعور جو ٽٽڻ انسانن جي هٿ ۾ آهي، ۽ شعور جو ٻيهر جڙڻ به انسانن جي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن قوم مستقبل لاءِ گڏيل سوچ پيدا ڪري، تعليم کي بنياد بڻائي، فڪر کي مرڪز بڻائي، ۽ ننڍن اختلافن کي وڏي مقصد جي هيٺ رکڻ شروع ڪري، ته هي ٽٽل شعور ٻيهر پنهنجيون ڪڙيون ڳنڍي سگهي ٿو. انهي تسلسل ۾ اڄ جو نوجوان سڀ کان اهم ڪردار رکي ٿو. ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي قومون پنهنجي نوجوانن کي شعور ڏين ٿيون، اهي پنهنجي تاريخ جا نوان باب پاڻ لکن ٿيون. سنڌ کي به اڄ ان حد تائين نه رڳو سياست، پر ذميوار فڪر جي ضرورت آهي—اهو فڪر جيڪو ماڻهن کي ورهائي نه، بلڪه جوڙي؛ جيڪو نااميدي نه پر همت پيدا ڪري؛ جيڪو جذبات نه پر بصيرت ڏئي.

اڄ جڏهن اسان پوئتي موٽي ڏسون ٿا، ته محسوس ٿئي ٿو ته گڏيل شعور جو ٽٽڻ هڪ خطا ضرور آهي، پر ناقابلِ مرمت نه. قوم جي اندر اڄ به محبت، وچن، اڻٿڪ محنت ۽ سچائي جا هزارين ذخيرا موجود آهن. انهن کي فقط هڪ منظم رخ ڏيڻ جي ضرورت آهي. آخر ۾ ڳالهه فقط ايتري آهي ته قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن هو پنهنجو شعور زنده رکنديون آهن. ۽ شعور تڏهن زنده رهندو آهي جڏهن تاريخ کي سمجهيو وڃي، حال کي ڏٺو وڃي، قيادت جي سُڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ مستقبل لاءِ گڏجي قدم کنيا وڃن. جيڪڏهن سنڌ پنهنجي اندر اهو عزم ٻيهر پيدا ڪري ورتو، ته شعور جون ٽٽل ڪڙيون ٻيهر مضبوط ٿي، قوم کي هڪ نئين منزل ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿيون، ان منزل ڏانهن، جتي روشني فقط لفظن ۾ نه، پر عمل ۾ به نظر ايندي.

_______________

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button