Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ جو ھڪ تاريخي ماڳ راهمڪي – ريگستان ۾ دفن ٿيل بازار

راهمڪي هڪ اهڙو بندرگاهه هو جيڪو نه رڳو واپار جو مرڪز پر تهذيبن جي ميلاپ جو مقام پڻ ھو

ٿر جي ريگستان ۾ دفن ٿيل هيءَ بازار ڪنهن زماني ۾ ٻين ملڪن ڏانهن ويندڙ قافلن جي گذرگاهه هئي. هتي ڪڇ جا ماڻهو واپار سانگي ايندا هئا ۽ ڪيئي ڏينهن ترسي پوندا هئا

راھمڪي بازار جون رهيل نشانيون به 1986 ۾ فورس جي چوڪي ٺهڻ سان ميسارجي ويون. انگريز دور جو هڪ مسافر خانو ٺهيل هو، اهو به ٻه ٽي سال پهرين ڊهي ويو. هاڻي صرف پٿرن جا نشان ئي بچيا آهن.

سليم راهمون

سنڌ جي مٽيءَ هيٺيان ڪيترائي تاريخي ماڳ، شهر ۽ بازارون دفن ٿيل آهن. ايئن راهمڪي بازار جو نالو به صرف ڳوٺاڻن جي ڳالهين ۽ ڪتابن جي صفحن ۾ جيئرو آهي، راهمڪي بازار موجوده ڏيپلو تعلقي ۾ الهندي طرف 40 ڪلوميٽر تي واقع آهي، جنهن جي جاگرافيائي بيهڪ 24.31756 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69.15398 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. راهمڪي هڪ اهڙو بندرگاهه هو جيڪو نه رڳو واپار جو مرڪز هو پر تهذيبن جي ميلاپ جو مقام پڻ رهيو آهي. هونئن سنڌ جي تاريخ ۾ بازار جي نسبت سان صرف هيءَ تاريخي بازار سڏي وڃي ٿي باقي سڀ شهر، ڳڙه يا ڪوٽ وغيره جي ترڪيب سان مروج آهن.

ٿر جي ريگستان ۾ دفن ٿيل هيءَ بازار ڪنهن زماني ۾ ٻين ملڪن ڏانهن ويندڙ قافلن جي گذرگاهه هئي. هتي ڪڇ جا ماڻهو واپار سانگي ايندا هئا ۽ ڪيئي ڏينهن ترسي پوندا هئا.  هتان جي باري ۾ مقامي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو هتي 1819 واري آيل زلزلي کان اڳ مٺي پاڻيءَ جا وڏا کوھ هوندا هئا جيڪي واپارين کي ترسڻ تي مجبور ڪندا هئا. ان زلزلي بعد راهمڪي جي پهرين تباهي شروع ٿي هئي .

سڀ کان پهرين راهمڪي جي نالي تي اچون ٿا. ان بابت گهڻن محققن جو اهو خيال آهي تہ هتي راهمان قبيلو تنهن وقت به رهائش پذير هو، جنھن جي ڪري اھو نالو پيو آهي. اهو هڪ سراسر اندازو آهي جنهن جو  آباديءَ هجڻ کانسواءِ ڪو به ثبوت تاريخ ۾ نٿو ملي.  هڪ تہ راهمن جي ٺٺي مان هتي اچڻ کان پهرين به اها بازار آباد هئي، ٻيو تہ راهمن جي هن بازار ۾ ڪا به مقامي شاهدي نٿي ملي تہ اهي ڪاروبار ڪندڙ هئا. البته هتي هارپو ڪندا هئا جيڪو اڃان به ڪن پيا. هاڻي ڪجهه راهمن وٽ تڏهن جي لڏي ويل ماڻهن جون زمينون پنهنجي کاتي ٿيل آهن.

هتان جا مقامي ماڻهو چون ٿا تہ هن بندرگاهه ۾ پراڻ جي وهڪري بند ٿيڻ کان اڳ ۽ ڪجھ عرصو پوءِ حج تي ويندڙ پوري ٿر جا پانڌيئڙا هتي گڏ ٿيندا هئا ۽ هتان ئي ٻيڙي ذريعي پار ٿيندا اڳتي پيادل ويندا هئا تنهن ڪري راھ مڪي يعني مڪي ڏانهن ويندڙ رستو (راهمڪي) ڪري سڏيو ويندو آهي.

ان سلسلي ۾ راهمڪي بازار جي پڇاڙيءَ وارين حالتن کي ڄاڻڻ لئه ڪاڪي احمد راهمون سان ملاقات ٿي جيڪو راهمڪي بازار جي ڳوٺ ڏاندري سان تعلق رکي ٿو ۽ هاڻي پيرسن ٿي ويو آهي پر 1971 ۾ جڏهن هيءُ شهر ڦٽو هو تڏهن به هو ويھ  سالن جي عمر جو پاڻ کي ٻڌائي ٿو. هُو پنهنجي اکين سان ڏٺل حقيقتن ۽ پنهنجي وڏڙن کان ٻڌل ڳالهين جو ڍيرو کولي ٿو جنھن موجب هن بندرگاهه جو عروج پراڻ جي ڍوري ۽ سنهڙي واھ جي وهڪري تائين.  هئو بعد ۾ آهسته آهسته ختم ٿيندو ويو. ورهاڱي جي وقت گهڻا واڻيا واپاري ڀارت لڏي ويا هئا ۽ واپاري قافلن جي اچ وڃ گهڻي بيهي وئي هئي. 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان 71 جي جنگ تائين راهمڪي بندرگاھ جي شڪل ڦٽي صرف هڪڙي بازار ٿي وئي هئي جنهن ۾ ميمڻ، واڻيا، ڪنڀار ۽ خواجن وغيره جا ڪاروبار هوندا هئا. ڪنڀار مٽيءَ جي ٿانون جو ڪم ڪندا هئا جن مان عزيز، سانوڻ، محمد آهن، عزيز جا پٽ حسين ۽ مارو اڄ به حيات آهن جيڪي هن بازار جي ڦٽل آثارن جي ڀرسان پنهنجي ٻنيءَ جا مالڪ آهن. اهي ڪنڀار 71 جي جنگ ۾ مڪمل بازار ختم ٿيڻ کانپوءِ لڏي اچي ارباب نور محمد راهمون جي معرفت پاسي ۾ ڍڪڻ ڳوٺ ۾ ويٺا آهن.

خواجن ۾ هڪ بصريو نالي شخص واپاري هوندو هو جنهن جا پٽ امام بخش موسا امير علي، اهي به هتان لڏي جُهڏي ويا هئا. ڪي خواجه ڪڍڻ ۽ بٺوري ۾ به ڏسجن ٿا. انهن جون ٻنيون اڃان به هتي آهن جيڪي کاري جا راهمان پوکين ٿا ۽ ميمڻن ۾ محمد عثمان ۽ مولوي عبدالرحمان سميت ٻيا هتان گهڻا ڪڍڻ شهر لڏي ويا. عثمان جي لاءِ هڪ مشهور ڳالھ اها آهي هن جي زمين ٽوٽل 8 ايڪڙ هئي. تنهن وقت روينيو وارن سان ملي بقول مقامي ماڻهن جي تہ 8 جي پويان ڪاغذن تي ٻڙي ڏئي 80 ڪرائي آيو ۽ پاسي واري زمين تي قبضو ڪيائين. دلچسپ ڳالھ اها آهي تہ هن 80 ايڪڙ مان 40 ايڪڙ لياري جي راهمن حاجي هاشم وارن کي وڪڻي ڏني ۽ 32 ايڪڙ ڀٽين کي وڪڻي ڏني. بقايا 8 ايڪڙ زمين ساڳي ئي اڃان تائين عثمان ميمڻ جي کاتي پئي آهي.

ڪاڪو احمد 71 ڌاري نج گيھ ڏيال واڻئي وٽ کپائيندو هو، جنھن لاءِ مشهور آهي ته هو هٿ جي چيچ سان ماپ ڪندو هو. ٻيا ڀٽي به ان وقت بازار مزدوري ۾ ڪندا هئا جن جو اڄ بہ اتي ڳوٺ ڍنڍي جي نالي سان واقع آهي. ڪاڪي احمد وڌيڪ ٻڌايو تہ هتي احمد آباد انڊيا کان واپاري اٺن ۽ ڍڳا گاڏين تي ڪپڙو ۽ ٻيون شيون کڻي ايندا هئا جنهن جي ٻولي حاجي ڳاهو کاري وارو لڳائيندو هو. 1947 کان اڳ سنهڙي واھ جي ڪپ تان سڌو ڀڄ تائين رستو هو جنهن جي ذريعي واپاري قافلا ڪڇ کان ايندا ويندا هئا. هتي صرف ڍڳن جي پڙي لڳندي هئي. ڪڇ جا واپاري واڍيا ڍڳا ڪون وٺندا هئا.

راهمڪي ۾ تنهن وقت هر جمع جي ڏينهن ملاکڙو لڳندو هو جيڪو ماستر قاسم راهمون سينگالو وارو لڳائيندو هو. تنهن وقت به هتي پرائمري اسڪول هوندو هو جنهن تي ماستر پهلاج واڻيو هو جيڪو جناح واري ٽوپي پائيندو هو. راهمڪي ۾ قاضي به رهندا هئا.

لطيف سائين به جڏهن ٿر مان گذرندو هو تڏهن هن پٽ تان ڀيرو ضرور هڻندو هو. شاه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا ۾ لکيل آهي ته :

رڻ پٽ کان پوءِ شاهه لطيف، راهمڪي بازار ڏانهن مُڙيو ۽ اتي ڍنڍ ڪرو جي ڀرسان هڪ ڀِٽ تي آرام ڪيائين، جيڪا راهمڪي بازار کان اولهه طرف هئي ۽ جتي شاهه لطيف هميشه اچي رهندو هو. اڄ به ان کي ’ڀٽائيءَ جي ڀٽ‘ سڏيو وڃي ٿو.

انهي علائقي ۾ قاضي اسماعيل، ڌنو فقير ۽ هندي فقير شاهه لطيف جا خاص دوست هئا. جڏهن به شاهه لطيف اتي اچي مهمان ٿيندو هو ته، ان ڀٽ يا دڙي تي ترسندو هو. ان جي ويجھو هن وقت هندي فقير جو قبو آهي، جنهن جي پاسي ۾ راهمون جي مُرشد شاهه حسن جو مقبرو آهي. اهو مقبرو ديهه لياري ۽ تپي راهمڪي بازار، يونين ٻولهاڙي، تعلقي ڏيپلي ۽ ضلعي مٺيءَ ۾ ڳوٺ ڍنڍ ڪرو کان هڪ ميل الهندي طرف آهي. هن مزار تي وڃڻ لاءِ ڪڍڻ، ڏيپلي روڊ تي 40 ڪلوميٽر کان پوءِ ڏکڻ طرف ڏاندري اسٽاپ کان چار ڪلوميٽر ڍنڍ ڪرو ڳوٺ وٽ پهچبو ته اولهه طرف مزار، پري کان پڌري آهي. واٽ ۾ جيڪي شهر اچن ٿا، انهن ۾ ڏهر ٻلهياري ۽ جتن جي ترائي مشهور آهن. قديم دؤر ۾ ڏهر ۽ ٻلهياري سنڌ جا قديم وهڪرا اچي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، جن ۾ ڍاڳي، ۽ ڍور ٻئي ٻلهيار (جتي هاڻي ٻلهياري ڳوٺ آهي) ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، جن جي شاهه لطيف به شاهدي هئين ڏني آهي:

جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار ۾

تڏهن تازڻئين طور، هئي جسوڌڻ سين

ائين هن بازار کي پهرين پوري ڪڇ کي ڌوڏي ڇڏيندڙ زلزلي تباھ ڪيو، جنهن بعد پراڻ جو وهڪرو بند ٿي ويو. ان بابت سنڌ گزيٽيئر جي مصنف ڊبليو-سٿ وري ان تباهيءَ جي ذميواري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تي وڌي آهي. هو لکي ٿو ته :

ڪڇ جي رڻ وارو ڪنارو گهڻو ڪري برباد ٿيل شهرن سان ڀريل آهي. انهن مان گهڻا شهر سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ ڪڇ جي راجا جي وچ ۾ ٿيل جنگين ۾ تباهه ٿيا.

وڌيڪ اتان جو رهواسي ڪاڪو ابراهيم راهمون چوي ٿو، ”هي بازار هڪ چورس ڪلوميٽر ۾ موجود هئي جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن. اڃان ٻه سال پهرين اتي پراڻو مسافر خانو ٺهيل هو جيڪو هاڻي ڊهي ويو آهي. هن بازار جون ڪافي نشانيون سلامت هيون.“

ان وقت 1971  ۾ ڪسٽم جا ٻه عملدار امام بخش جينداڻي ۽ محمد خان لڳل هئا جن جو ڪلوئي سان تعلق هئو. آخرڪار سڄي بازار ختم ٿي وئي رهيل نشانيون به 1986 ۾ فورس جي چوڪي ٺهڻ سان سڀ ميسارجي ويون. انگريز دور جو هڪ مسافر خانو ٺهيل هو، اهو به ٻه ٽي سال پهرين ڊهي ويو. هاڻي صرف پٿرن جا نشان ئي بچيا آهن.

__________________

سنڌ جي تاريخي ماڳ راھمڪي بابت ھيءُ ليک آفتاب ميڻ جي ٿورن سان شائع ڪيو ويو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button